• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڌاريا ڀڄايون

ڌاريا ڀاڙي ڀڄي وڃو ھي سنڌ اسان جي صاف ڪيو
پليت پير پري ڪيو سک سان اسان کي رھڻ ڏيو
سنڌ م ڇو ٿا پيھي اچو سنڌ لاءِ ڇوٿا بڻجو ڏچو
ولر وري ڪٽڪ ڪري ڇو ٿا سنڌ کي ڦريو لٽيو
سنڌي ھاڻي جاڳيا آھن سنڌ جا سيئي ڀاڳيا آھن
نڪرو وڃو نڀاڳو ھر سنڌي آ ھاڻي چيو
چرس آفيم ساڻ ڪري بارودن سان گاڏيو ڀري
برايون بي حد کڻي جو آيا تن لئھ در سنڌ بند ٿيو
حياءَ وارو ھتي نھ رھندو پنھنجي پنھنجي ملڪ ڏي ويندو
پر دانگوڙي کي دانگي ھڻي نظرن کان ڀي پري ڪيو
 
Back
Top