Dr. Asif Jamal Charan
سينيئر رڪن
پيارا سڄڻو ....
جيئن ته توهان سڀني دوستن کي خبر آهي ته رشيد سمون نالو آهي اُتساھ جو، محنت جو، جوش ڏيڻ ۽ همت وڌائڻ جو سو ساٿيو مون سان به ڪجھ اهڙو ئي ٿيو، ڪجھ ڏيهاڙا اڳ سائين رشيد صاحب سان پرٻڌڻي (موبائيل) تي رات دير سان زري گهٽ ٻه ڪلاڪ کن ڪچهري ٿي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ، سنڌي ميڊيا، سنڌي لغتن توڙي سنڌي رٿائن (Software) ۽ ويب سائٽس جي حوالي ساڻ تفصيلي بحث ٿي، جنهن ۾ پاڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ تي وڏي تاريخ ٻڌائي ڄڻ ته مون کي ماهر مقام بڻائي ڇڏين. مون به گهٽ ڪانه ڪئي ۽ اهو ضد ٻڌو ته سائين آخر ايترا وڏا ادارا آهن، اسانجا ساڃاھ وند آهن، وڏا وڏا اسانجا سنڌي ڪمپيوٽنگ جا رٿيندڙ (Programmer) موجود آهن ته پوءِ ڇو اڃا تائين اسان ايم بي سنڌي رٿا ٺاهي هام هڻي ويهي رهيا آهيون؟ ڇا اڳتي ڪم ناهي ڪرڻو ؟ ... جيئن ته پاڻ محنتي بُت آهي سو چيائين سائين اهو به ڪري ڏيکارينداسين ..بس سنڌي همت ڪن...!!! سو دوستو پهرين همت مون ڪئي آهي. اُهي دوست جيڪي Visual Basic يا ++ C جا ماهر آهن تن لاءِ هڪ رستو مون به ڪڍيو آهي ته انهن ٻنهي ٻولين ۾ ڪم ڪري اسان مائيڪرو سافٽ ورڊ (Microsoft Word) جو هجي پرکڻو (Spell Checker) ڪيئن ٺاهي سگهون ٿا...ان لا منهنجي هن مضمون مان واٽ ملي ويندي.
اُميد ڪيان ٿو ته منهنجي هي ننڍڙي ڪاوش سڀني رٿيندڙ دوستن ۾ اُتساھ پيدا ڪندي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان وڏيون وڏيون ڪاوشون ڪيون ۽ سنڌي ٻولي کي ڪامپيوٽر جي دنيا جي هڪ وڏي ۽ ضروري ٻولي ڪري اُڀاريون..... آمين
مضمون هي آهي....
https://drive.google.com/file/d/0B71eIomoLW0fN2F5VUFNSnhUOEU/edit?usp=sharing

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: