سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ هِجي پرکڻ وارو سوال؟ ...SPELL CHECKING ISSUE IN SINDHI COMPUTING

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2014۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    پيارا سڄڻو ....

    جيئن ته توهان سڀني دوستن کي خبر آهي ته رشيد سمون نالو آهي اُتساھ جو، محنت جو، جوش ڏيڻ ۽ همت وڌائڻ جو سو ساٿيو مون سان به ڪجھ اهڙو ئي ٿيو، ڪجھ ڏيهاڙا اڳ سائين رشيد صاحب سان پرٻڌڻي (موبائيل) تي رات دير سان زري گهٽ ٻه ڪلاڪ کن ڪچهري ٿي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ، سنڌي ميڊيا، سنڌي لغتن توڙي سنڌي رٿائن (Software) ۽ ويب سائٽس جي حوالي ساڻ تفصيلي بحث ٿي، جنهن ۾ پاڻ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ تي وڏي تاريخ ٻڌائي ڄڻ ته مون کي ماهر مقام بڻائي ڇڏين. مون به گهٽ ڪانه ڪئي ۽ اهو ضد ٻڌو ته سائين آخر ايترا وڏا ادارا آهن، اسانجا ساڃاھ وند آهن، وڏا وڏا اسانجا سنڌي ڪمپيوٽنگ جا رٿيندڙ (Programmer) موجود آهن ته پوءِ ڇو اڃا تائين اسان ايم بي سنڌي رٿا ٺاهي هام هڻي ويهي رهيا آهيون؟ ڇا اڳتي ڪم ناهي ڪرڻو ؟ ... جيئن ته پاڻ محنتي بُت آهي سو چيائين سائين اهو به ڪري ڏيکارينداسين ..بس سنڌي همت ڪن...!!! سو دوستو پهرين همت مون ڪئي آهي. اُهي دوست جيڪي Visual Basic يا ++ C جا ماهر آهن تن لاءِ هڪ رستو مون به ڪڍيو آهي ته انهن ٻنهي ٻولين ۾ ڪم ڪري اسان مائيڪرو سافٽ ورڊ (Microsoft Word) جو هجي پرکڻو (Spell Checker) ڪيئن ٺاهي سگهون ٿا...ان لا منهنجي هن مضمون مان واٽ ملي ويندي.

    اُميد ڪيان ٿو ته منهنجي هي ننڍڙي ڪاوش سڀني رٿيندڙ دوستن ۾ اُتساھ پيدا ڪندي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته اسان وڏيون وڏيون ڪاوشون ڪيون ۽ سنڌي ٻولي کي ڪامپيوٽر جي دنيا جي هڪ وڏي ۽ ضروري ٻولي ڪري اُڀاريون..... آمين

    مضمون هي آهي....
    https://drive.google.com/file/d/0B71eIomoLW0fN2F5VUFNSnhUOEU/edit?usp=sharing
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 مارچ 2014
    26 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان بلڪل صحيح پيا چئو. پرٻُڌڻي تي پرڀرو ويهي به دل ۾ گهر ڪندڙ هي پيار ماڻهو آهي همتِ مردان جو ٻيو نالو پر اڃان مددِ خُدا لاءِ کيس ساٿ گهُربل آهي دوستن جو. ذيشان رشيد ذاتي طور هڪ انتهائي مصروف ماڻهو آهي. اڪثر ڪري ته کيس واندڪائي ئي رات جو هڪ بجي ٿيندي آهي تنهنڪري وٽس جيڪي کوڙ ساريون رٿائون آهن انهن لاءِ ٿيوريٽيڪل ڪم ته مُڪمل اٿس پر مدد هُجي ته ڪم نبري وڃي.
    سندس ڪم جو انداز انهيءَ ڪري به وني ٿو جو هو اهو ڪم ٻي کي اهو احساس ڏيئي ڪرائي ٿو ته انهيءَ جو روحِ روان اڳيون شخص ئي آهي پاڻ ته رُڳو ڳالهه ڪيائين. ايئن ئي سنڌي ڊڪشنري جو ڪم مون کي ڏنائين جيڪو ڪُجهه سُستي ڪُجهه وري وري نئين انداز سان شروع ٿيڻ ڪري رهجي ويو. جيڪو ٿيو احو منهنجي ننڍڙي پاران لئپٽاپ کي زور سان پَٽ تي ڦهڪو ڪرائڻ جي ڪري هارڊ ڊسڪ سان گڏ هليو ويو.
    وري به اُميد اٿم ته هي سڀ ڪم گڏجي ڪبا ته ٿي پوندا.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    [​IMG]
    هي سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ليڪچرار ذيشان ڀٽي طرفان شروع ڪيو ويو هو...
     
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين محمد بخش صاحب
    مونکي ان سافٽ ويئر متعلق هڪ دوست آگاهي ڏني هئي ۽ اهو ڀٽي صاحب جو سٺو دوست به آهي پر مون سامهون کان ان رٿا کي نه ڏٺو آهي. بس جيڪا ڳالھ مونکي کائيندي رهندي آهي سا اها آهي جو هڪ ته سنڌي رٿيندڙ معياري ۽ اصل ڪم ڪونه ٿا پيا ڪن پر جيڪي ڪن ٿا سي وري ان رٿا کي اڳتي نٿا وڌائين مطلب ته اپ ڊيٽ نٿا ڪن ، نتيجي ۾ رٿا ۽ رٿيندڙ تاريخ جي پنن ۾ دفن ٿي وڃن ٿا ۽ ٻولي ۽ ٻولي ڳالهائيندڙ کي نقصان رسي ٿو.

    ٻيو وڏو مسئلو اهو آهي ته اسانجا رٿيندڙ اسان تائين نتيجي واري رٿا (آبجيڪٽ پروگرام) پهچائين ٿا ۽ اصلوڪي رٿا (سورس پروگرام) پاڻ وٽ رکي ٿا ڇڏين ۽ وري ان جي حفاظت به نٿا ڪن ۽ پو اهي پاڻ ته ڪم نٿا ڪن پر ٻين لا به رستو بند ڪري ٿا ڇڏين ....... الله انهن کي هدايت ڏئي . ڀٽي صاحب جو هي مثال وٺو ته پاڻ ڪيڏو نه شاندار ڪم ڪيو اٿئين پر هاڻ ان جي واڌ ويجھ لا ڪجھ نٿو ڪري....... ٻڌايو ته ڪيترو نقصان ٿي رهيو آهي ؟؟؟
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 مارچ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan


    سائين لغت واري ڪم جي لا ڪجھ ڳالهيون هلندڙ آهن... ذيشان صاحب ۽ مون ان بابت ڪافي ڪم به ڪيو آهي... اُميد آهي ته جلد توهان کي سٺي خبري ملندي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سائين اوهانکي جس هجي جو مٺڙي ٻولي لاءِ ايتري جدوجهد ڪيو ٿا
     
  8. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    لک لائق سائين
     
  9. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    سائين هي پروجيڪٽ جيڪر گڏيل طور تي شروع ڪيا وڃن ۽ ان متعلق ڪجه ضروري ڄاڻ، اپڊيٽ به ڪنهن پليٽ فارم تي ونڊ ڪيا وڃن ته بهتر ٿئي....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين اصل ۾ اهڙي قسم جا پراجيڪٽ وقت، محنت ۽ پئسو گهرن ٿا. تنهن کانسوا جيترو ڪم ٿيندو وڃي سو سڄو ساترو عام ماڻهو آڏو به آندو وڃي ته بهتر آهي ته جيئن ٻيا ساڃاھ وند دوست به انهي ۾ حصو وٺي ڪم کي رواني ڏئي ختم ڪرائي سگهن. پر سٿ جوڙڻ ۽ انهي کان مطلب جو ڪم وٺڻ به هڪ هُنر آهي .... مونکي ياد آهي ته سنڌي جامع لغت جي ٺهڻ مهل سائين ڊاڪٽر نبي بخش صاحب سنڌ جي ٻهراڙي توڙي شهري اُسڪولي استادن جون پگهارون ڏيڻ ۾ اهو شرط رکرايو هو ته جيڪڏهن انهن پنهنجي پنهنجي علاقي جي سماجي توڙي معاشرتي ماحول ۾ ڪم ايندڙ اکر ۽ انهن جا مطلب نه جمع ڪرايا ته ماهوار پگهار نه ملندي. ۽ ائين ٿيو به جو ڪيترن استادن کي پگهار نه ملندي هئي جيتر هو موڪليل اکرن جا مطلب نه موڪليندا هئا... ڊاڪٽر صاحب ته اسان سست سنڌين مان ائين ڪم ورتو ادا پر اسان ائين نٿا ڪري سگهون جو ڊاڪٽر صاحب جيترا معتبر ناهيو سو ذيشان رشيد صاحب ۽ سندس سٿ تي آهي ته اهي ان جو ڇا حل ٿا ڪڍن؟؟؟ ها اهو ضرور آهي ته ذيشان صاحب وٽ هڪ بهترين منتظمين جو سٿ آهي...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan

    سائين آخر ٻروچن جو ٻار آهي .... سوچئين بابا ٽائيم اوئين به نٿو ڏئي سو ليپ ٽاپ ڀڃي ڪر پورو جيئن " نه رهي گا بانس نه بجي گي بانسري " ... ;)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    سائين مون جامع سنڌي لغات لا هتي www.halanew.com جو ذڪر ڪيو هو. سندن ويب سائيٽ تي آنلائن سنڌي ڊڪشنري موجود آهي جيڪا لفظن جي ذخيري جي لحاظ کان به بهتر لڳي ٿي جيڪر انهن سان رابطو ڪري انهي کي ڪنهن سافٽويئر ۾ آڻجي ته سڀني سنڌين لا هڪ سٺي لغات ميسر ٿي ويندي...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هالا نيو جي ويبسائٽ تي موجود ڊڪشنري وارو ڪم واقعي ساراهه ڄوڳو آهي. ذيشان رشيد کي گهُرجي ته انهيءَ جو ڀيرو ڀڃي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    توڙي جي مٿئين اميجز ۾ خاميون آهن .. ڪاٿي درست لفظن هيٺان به غلطي واري لائين آهي پر اسڪرين شاٽ درست دڳ ڏسي رهي آهي... جڏهن لنڪ جو ڦيرو ڀريو ته اها خبر 2011 جي لڳل نظر آئي حيرت ۽ افسوس ٿيو ۽ پوءِ ادا جمال جا لفظ درست لڳا...

    سنڌي اسپيل چيڪر جو پروجيڪٽ اڳ ئي سنڌ سلامت پروجيڪٽ جي لسٽ ۾ شامل آهي.. ۽ ساڳئي پروجيڪٽ تي سائين ماجد ڀرڳڙي جن پڻ ڪم ڪري رهيا آهن... ڪجهه وقت اڳ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرپرسن محترمه فهميده ميمڻ سان ملاقات ٿي هئي ته انهن پڻ ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو هو.. پر اصل ڳالهه اها آهي ته جيڪو جيتري معلومات رکي ٿو .. اها پاڻ تائين محدود رکي ٿو.. اهڙي ڪو پليٽ فارم ناهي جنهن تي گڏجي ڪم کي اڪلائڻ لاءِ جدو جهد ڪجي ۽ جي هجي به ته ڪو ائين ڪندو نه جو هر ڪو پنهنجي مشهوري چاهي ٿو.. ۽ ان ۾ ٻئي کي شريڪ ڪرڻ پڻ نه ٿو چاهي..
    ڪجهه ڏينهن اڳ جمال صاحب سان سنڌي اسپيل چيڪر تي ڳالهه ٿي هئي ... کين سنڌ سلامت ڊڪشنري پروجيڪٽ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ درخواست ڪئي هيم ... جيڪڏهن سنڌي ڊڪشنري جي لفظن کي هڪ لک تائين پهچائجي ته ان مواد کي نه رڳو ڪمپيوٽر ڊڪشنري پر اينڊروائينڊ ڊڪشنري، سنڌي اسپيل چيڪر، ورڊ ڊڪشنري سميت ڪافي جڳهين تي درست طور استعمال ڪري سگهجي ٿو...
    هڪ دفعو ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ انهن لفظن جي ذخيري کي هر عام ۽ خاص ڊويلپر لاءِ کليل رکيو ويندو جيئن سنڌي ٻولي جي وڌيڪ پروجيڪٽس ۾ ان مواد کي استعمال ڪري سگهجي...
    رهيو سوال جمال جي ڪتابي آرٽيڪل جو ته پاڻ ڪافي اشارا درست طرف ڏنا آهن پر منهنجي ذهن ۾ هڪ مختلف ۽ نسبتن آسان دڳ موجود آهي ان سلسلي ۾ اڳ عامر ضياء چارڻ پوءِ عبدالوهاب قمبراڻي ۽ هاڻي جمال صاحب سان تفصيلي گفتگو ڪبي...
     
    TAHIR SINDHI، خدابخش مشاخ، مست ۽ 7 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  15. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه واه
    اينڊرائيڊ لا ڊڪشنري.پو ته زبردست
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏10 مارچ 2014
  16. نوردين ڏيٿو

    نوردين ڏيٿو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2014
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    58
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [quote="Dr. Asif Jamal Charan, post: 150064, member: 4769"
    جن الله تي آه بهاڙي!
    تن سويري آه چاڙهي!
    اميد آهي جيستائين تواهان جهڙا دودا جوان هن سنڌ تي موجود آهن،
    تيستائين سنڌ جو ڪنڌ نه جهڪندو.
    انشاء الله
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    لک لائق سائين منهنجا
     
  18. محمد ابراهيم حيدري

    محمد ابراهيم حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جنوري 2015
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    توهان جي تمام گهڻي محنت انشآ الله سنڌ جي ماڻهن کي ترقي پسند بڻائيندي. توهان جي محنت سنڌ لاءِ سنڌ واسين لاءِ هڪ انمول تحفو آهي جنهن مان فائدو
    وٺڻ انهن مانهن انهن دوستن جو ڪم آهي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    لک لائق ادا
     
  20. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ذيشان ڀٽي صاحب سنڌ يونيورسسٽي ۾ هڪ سبجيڪٽ ۾ منهنجا استاد ٿي رهي چڪا آهن. سندن باري ۾ تازي خبر اها آهي ته هو پنهنجي پي ايڇ ڊي جي سلسلي ۾ ٻاهرئين ملڪ ويل آهن.. مان سندن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو