روهڙي شهر ۾ قبرستان تي قبضه

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2014۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجو وڏو ڀا نصرا لله عباسي تازو ئي روهڙي ۾ اسسٽنٽث ڪمشنر طور بدلي ٿي ويو آهي اتان جي شهر ۽ اوسي پاسي جي علائقن جي ڳڻتي جهڙي حالتن بابت ڪجهه تصويرون ونڊ ڪيون اٿس اوهان سان ونڊ ڪيان ٿو ۽ اوهان پنهنجي را ڏجو ته اسان جي سنڌ جي شهرن جي اهڙي حالت ڇو آهي جڏهن ته انتظاميه وٽ ان جي سڌاري ۽ بهتري جا بندوبست به آهن ان جي با وجود اسان جي شهرن جي اهڙي بدترين حالت ڇو آهي..

    [​IMG]

    شهرين سان گڏ شهر جي بدترين صورتحال کي ڏسندي

    [​IMG]

    نساسڪ جي مشينري جو درست استعمال ڪرائيندي جيڪي ڪروڙين رپيا حڪومت کان ان مشينري جي مد ۾ وٺي رهيا آهن.

    [​IMG]

    [​IMG]
    قبرستان تي موجود قبضن کي هٽائيندي..اهو به وڏو الميو آهي ته قبضه خور قبرستانن تي به قبضه ڪري رهيا آهن.

    [​IMG]

    قبرستان تي قبضڳ جو ڏيک.

    [​IMG]

    قبضي کي مليا ميٽ ڪندي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بهتر قدم. هڪ اهڙا ماڻحو اچن ٻيو سندن تحفظ ٿئي ته ڪم بهتر ٿي پوي. پنهنجي ڀاءُ کي چئجو پنهنجو خيال رکي. غلط ڪم جي همت افزائي ڪندڙ جاهلن جي گهڻائي آهي. ادا جهڙا ايماندار ماڻهو ٿورا آهن. جن جو تحفظ ضروري آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جيڪڏهين اسان جا وس وارا ماڻهو ، ادارا ۽ اسان پنهنجو پاڻ سان سچا ٿي ايمانداري سان ڪم ڪريون ، ٻئي جو حق نه ڦٻايون ۽ سليقي سان زندگي گذارڻ جا گڻ سکون ، ته هوند اسان پر سڪون ۽ جنت جهڙي زندگي گذاري سگهون ٿا ،پر حرث ،حوس ۽ لالچ اسان کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي .
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان سڄڻن جون سهڻيون ڳالهيون ۽ مشورا اکين تي، سچ پڇو ته منهنجي وڏي ڀا کي هر جڳهه تان ان ڪري ئي بدلي ڪيو ويندو آهي جو اهو پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪري رهيو آهي، تازو ئي ڪراچي ۾ سمنڊ جي ايريا ۾ قبضه هٽرائيڻ لا مڪمل ڪريڪ ڊائون شروع ڪيائين ته چند مهينه ئي نه گذريا ته روهڙي روانو ڪري ڏنائونس..خير الله پاڪ اسان جي روح ۾ اهري ته سچائي ۽ ايمانداري شامل ڪئي آهي جو ٻيائي پاڻ کان پُڃي ئي نه، تنهن ڪري اسان پنهنجي والدين ۽ پنهنجي همدردن جي دعائن سان ان پالڻهار جي ڪرم ۽ رحم جي ڇپر ۽ ڇانو ۾ آهيون.. الله پاڪ ڪرم ڪندو..باقي ظالم معاشرو آهي، ايماندار کي ڪون ٿو سٺو وڃي.. دعا ڪجو منهنجي وڏي ڀا لا.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مونکي خبر آهي ته سچائي سان ڪم ڪندڙ آفيسرن جون بدليون ڪيئن ٿينديون رهنديون آهن ... پر پوء به سچائي سان ڪم ڪندڙ جو ذهن ۽ ضمير مطمعن رهندو آهي ... اهڙن آفيسرن کي سلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    هر هنڌ قبرستانن جي اها حالت لڳي پئي آهي خود اسان جي سکر شهر جو مرڪزي قبرستان به قبضي هيٺ اچي ويو آهي قبضا مافيا قبرستان ۾ گندو پاڻي ڇڏي ڏنو آهي ۽ گند ڪچرو اڇلي ڇڏيو آهي بس الله ڪري اسان وٽ ايماندار آفيسر اچن جيڪي هي قبضا ختم ڪرائين
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن ڀيري سنڌي نوجوان طبقو بيوروڪريسي ۾ شامل ٿي ويو آهي نوجوانن ۾ وڌيڪ جذبو ۽ ايمانداري جو ريشو نظر اچي رهيو آهي. اميد آهي ته سنڌ جي هر شهر ۾ اهڙن باشعور نوجوان آفيسرن کي موڪليو ويندو ته جئين حالتون بهتر بڻجي سگهن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو