سچ اها تارازي آهي، جنهن ۾ هر ڪو ائن سمجهي ٿو هن جو ئي پڙ ڀاري آهي. نيائي ۽ انيائي ٻيئي پنهنجي ليکي سچ چون ٿا، شايد آهن سچ گهڻيئي! ڪئن به هجي، پر مان ڀانيان ٿو هي هڪ سچ ازل کان آهي، ۽ مان تنهن کي اپنايان ٿو: هر ڪو پنهنجيءَ مانيءَ ڪارڻ، پنهنجيءَ پياريءَ ڌرتيءَ ڪارڻ، ۽ پنهنجيءَ آزاديءَ ڪارڻ، جڳ جڳ کان وڙهندو آيو آ، ۽ هيءَ ويڙهه سجائي آهي، جنهن جندڙيءَ کي جرڪايو آ ۽ هيءَ ويڙهه سدائين هلندي، جيسين سج اڀرندو رهندو، ها، ها تيسين تائين هلندي. . . جيسين مائون ٻار ڄڻينديون، جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون، جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون. ***شيخ اياز****