سچ اها تارازي آهي......شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ محمد بخش لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2014۔

  1. محمد بخش لغاري

    محمد بخش لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2010
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    283
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    مير پور ماٿيلو
    سچ اها تارازي آهي،
    جنهن ۾ هر ڪو ائن سمجهي ٿو
    هن جو ئي پڙ ڀاري آهي.

    نيائي ۽ انيائي ٻيئي
    پنهنجي ليکي سچ چون ٿا،
    شايد آهن سچ گهڻيئي!

    ڪئن به هجي، پر مان ڀانيان ٿو
    هي هڪ سچ ازل کان آهي،
    ۽ مان تنهن کي اپنايان ٿو:

    هر ڪو پنهنجيءَ مانيءَ ڪارڻ،
    پنهنجيءَ پياريءَ ڌرتيءَ ڪارڻ،
    ۽ پنهنجيءَ آزاديءَ ڪارڻ،

    جڳ جڳ کان وڙهندو آيو آ،
    ۽ هيءَ ويڙهه سجائي آهي،
    جنهن جندڙيءَ کي جرڪايو آ

    ۽ هيءَ ويڙهه سدائين هلندي،
    جيسين سج اڀرندو رهندو،
    ها، ها تيسين تائين هلندي. . .
    جيسين مائون ٻار ڄڻينديون،
    جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون،
    جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون.

    ***شيخ اياز****
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو