مست
سينيئر رڪن
ڪاڪي آچار وس ڪري ڇڏيا پر سندس ڇوڪرو پپنو ۽ ان جو دوست (عاشق) پڙهڻ کان صفا جواب ڏيو ويٺا هئا، اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن ماسترن جا مٿا ڦاڙي گهر موٽي پيا اچن، گڏ پڙهندڙ شاگردن کي ٺونشا مڪون هڻي اهڙي حالت پيا ڪن جو انهن جا ماءُ پيءُ احتجاج ڪرڻ شروع ٿي ويا ”جيڪڏهن پپنو ۽ عاشق هن اسڪول ۾ پڙهيا ته اسان پنهنجا ٻار هتان ڪڍي ٻئي اسڪول ۾ پڙهائينداسين.. لاچار اسڪول وارن پپنو ۽ عاشق کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. هڪ اسڪول ٻيو اسڪول، ٽيون اسڪول .... ڏهه اسڪول مٽائڻ کان پوءِ ڪاڪو آچار ٿڪجي پيو، نيٺ هاڻي جهوني دوست جي صلاح تي هليو، ان چيس ”يار هاڻي ماڊرن زمانو اٿئي، ٻار اسڪول ڪونه ايندا آهن، ٿورو پئسو وڌائي ڏي ته پاڻهي ڪو نه ڪو ماستر ٽيوٽر بڻجي تنهنجي ڇوڪري کي گهر پڙهائڻ ايندو“
ڪاڪي آچار کي صلاح وڻي، ٻئي ڏينهن پهرين فرصت ۾ ٽيوشن ماستر هٿ ڪيائين:
ٽيوشن ماستر کي ڏسي پپنو چيو، ”تون ڪير آهين، بابو ڪونهي هينئر گهر ۾ .. “
ٽيوشن ماستر چيو: ”بابا پپنو مان توهان جي بابا جو دوست آهيان، ان کي ملڻ لاءِ خاص سيڙهجي هتي آيو آهيان“
پپنو چيس: ”چڱو چاچا تون ويهه هتي بابا جو انتظار ڪر، اسان راند ڪري وٺون، هي ته اسان جي راند جو ٽائيم آهي“
عاشق: ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي پپنو، ترس مان گنچا (بلور) کڻي اچان، پوءِ کيڏيون ٿا“
ماستر چيو ته پپنو توهان ڀلي کيڏو مان ڏسان ته ڪيئن ٿا کيڏو،
پپنو ۽ عاشق گنچا کڻي شروع ٿي ويا. جڏهن چڱي دير گذري ته عاشق کي اُڃ لڳي ۽ پپنو گنچا ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لڳو، ماستر کي موقعو چڱو نظر آيو ته ان چيو ”پپنو، تون راند ڪري ورتي؟“ ”نه سائين! اڃان راند جو ٻيو وارو ڪنداسين، عاشق پاڻي پي اچي“
ماستر: ”ٺيڪ آهي ڀلا پپنو ! اهو ٻڌا تنهنجي هٿ ۾ گهڻا گنچا آهن“
پپنو: ”سائين مون وٽ هي هڪ ٻه ٽي ڪُل پنج گنچا آهن“
ماستر: ”ڀلا انهن مان جيڪڏهن ٻه گنچا مان کڻان ته تو وٽ گهڻا بچندا..“
ايتري ۾ عاشق به پاڻي پيءُ موٽي آيو ۽ پري کان هڪل ڪندي چيائين:
”پپنو! نه ٻڌاوين، مار پويس... اي نوان ماستر هئي، تيڪون حسابان والا سبق پيا پڙهائيندائي.“

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: