• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وقتي فائدو يا مستقبل حل

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ چندر
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

چندر

سينيئر رڪن
ھن وقت ٿر ۾ ميڊيا جي پريشر ۽ وڌندڙ اپوزيشن پارٽين جي وچ ۾ اچڻ ڪري لڳي ائين پيو ته پيپلز پارٽي تڙ تڪڙ ۾ امداد، توڙي کاڌو، دوائون ۽ ڪجھ ماڻهن لا چيڪ ورهائي ڪنھن نموني مسئلي کي جلد نمٽائڻ چاھي ٿي. قدرتي ڳالھ آھي ته پارٽي پنھنجي مقبوليت جو گراف ڪيرائڻ ڪڏھن به نه چاهيندي، پر انهي بيڍنگي طريقي سان فنڊس ورهائي ختم ڪري ڇڏڻ سان وقتي سڪون ته ضرور ملندو پر مستقبل حل نه. ڇو جو جيئن جيئن موسم تبديل ٿيندي ويندي ٻيون بيماريون جھڙوڪ مليريا، ڪالرا، اوريون يا ننڍي ماتا ٻيون به ڪيتريون وائرل ۽ چمڙي جون بيماريون ڪر کڻنديون جن لاء بهتر پلاننگ جي ضرورت آهي.

اڄ ڪلھ هر ماڻهو کي خبر پئجي وئي آھي ته مٺي ۾ مريض وٺي وڃبو ته اتي ڊاڪٽرن جون ٻاھران آيل ٽيمون به موجود آھن ۽ امداد پڻ اتي ئي ملندي، ظاھر آھي غريب ته آھن دوا ۽ کاڌو به کپي ته هر ڪنهن جي ڪاھ مٺي ڏي. نتيجو غير ضروري رش وڌڻ ڪري ڪنهن کي ٻه دفعا امداد ته ڪنهن جي رڙ ته اسان کي ڪجھ نه مليو مطلب شفافيت نه رهي ۽ مسئلو به حل نه ٿيو انهي لاء سٺو ائين آهي ته ماڻهن کي انهن جي جي ڳوٺن ۾ امداد ۽ مفت علاج جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن هڪ هنڌ رش به نه ٿئي ۽ هر ماڻهو کي ان جو حق شفاف طريقي سان ملي سگھي.

بيمارين جي علاج سان گڏو گڏ انهن جي ڦهلائو کي روڪڻ پڻ ضروري آهي ان لاء مڇر مار اسپري، صفائي جو بهتر نظام، پيئڻ لاء صاف پاڻي جو بندوبست، غذائي کوٽ جو پورائو ۽ بيمارين کان بچاء جا حفاظتي ٽڪا لڳرايا وڃن. هي سڀ نه صرف شهرن پر ٻهراڙي ليول تائين ڪيو وڃي. سول اسپتال مٺي سان گڏوگڏ سڀني دسپينسرين ۽ ننڍين اسپتالن کي پڻ اپگريڊ ڪري انهن جا فنڊس وڌايا وڃن ته جيئن هر ماڻهو کي پنهنجي گھر وٽ صحت جي سهوليت ملي سگھي جيڪو هن جو بنيادي حق پڻ آهي.
 
اسان وٽ هاڻ پلاننگ ته ڪٿي به ناهي .... ڪهڙا به رويا هجنن پر جيڪڏهن ماڻهن جي بر وقت امداد ڪري جان بچائين ٿا ته ان جي به تعريف ڪنداسين. هن وقت اسان مخالفت بجاء هر ڪنهن جي سٺي عمل جي تعريف ڪرڻ سان گڏ ان جو ساٿ ڏيڻ لاء تيار آهيون.
 
Back
Top