منڇر\\\\ڍنڍ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    منڇر\\\\ڍنڍ ​

    سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان ايشاء جي وڏي ڍنڍ منڇر ڍنڍ جي باري ۾ ڪجهه وڊيو ڏئي رهيو آهيان جن وڊيو ۾ منڇر جي ماضي ۽ حال جو مختصر ذڪر آهي۔ توهان ڏسو ته سنڌ جا ماڳ، مڪان، ڍنڍون واه ۽ روززگار جا ذريعه ڪئين تباه ٿئي رهيا آهن ۽ پوء ان تي گهڙي کن لاء گهرائي سان سوچيو۔

    http://www.youtube.com/watch?v=_FIkEyWFmC0&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=a6TVs0z6FMU&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=He-_zESjUog&feature=related
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منڇر\\\\ڍنڍ

    انهيءَ سلسلي ۾ سائين اياز عالم ابڙو جو هڪ آرٽيڪل 22 مارچ 2010 بروز سومر تي روزاني ڪاوش جي زينت بڻيو هو اهو اوهان سان ونڊ ڪندس۔۔۔
    [​IMG]
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منڇر\\\\ڍنڍ

    ادا ممتاز يار! اوهانجون سڀ ڳالهيون سون جهڙيون پر اسين گهرائي ۾ نه سوچينداسون، ڇاڪاڻ ته گهرائي ۾ سوچينداسون ته سنڌ ۽ سنڌ جي نظام جي ڳالهه نڪرندي ۽ وري پاڪستان ۽ پاڪستان جي وڪڙ ۾ ڦاسي پوڻ جي ڳالهه نڪرندي ۽ پوءِ سلسلو ڊگهو ٿي ويندو ۔۔۔ مٿان وري جڏهن پياري پاڪستان تي ڳالهائبو ته پرين پيارا دوست ئي چوندا ته نثار ابڙي کي بس موقعي جي تلاش هوندي آهي ۔۔۔ سو ادا مهرباني ڪري گهرائي ۾ سوچڻ جي صلاح قبول ناهي ۔۔۔

    مهربانيون ڳالهه کي سمجهڻ جون ۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منڇر\\\\ڍنڍ

    ادا، هر مُلڪ جي خوبصورتي اُتي جا ڍنڍون ڍورا هوندا آهن، ۽ منڇر ته ايشيا جي وڏي ۾ وڏي قدرتي ڍنڍ آهي، پر مجبوري اها آهي ته سنڌ ماٿريءَ ۾ آهي، سنڌ ماٿري جي هر ماڳ مڪان مان ڌاريان فائدو وٺي ان کي ڌُتاري ڇڏيندا آهن، ڌاريا ته هوندا ڌاريا آهن، پر اسان جي سنڌ جو هر ننڍيرو توڙي وڏيرو، صرف پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورو آهي، پر سنڌ جي ماڳن، سنڌ جي واهن، سنڌ جي وستين، سنڌ جي گهاٽن، سنڌ جي گهيڙن، سنڌ جي ڍنڍن ۽ سنڌ جي ڍورن جي حفاظت انهن سان پيار ڪرڻ ته اهي وڏيرا سکيا ئي ڪونه آهن، ڳالهه صرف محبت جِي آهي، جيڪي پنهنجي ٻنين جيڪي پنهنجي ونين، جيڪي پنهنجي ماڳن پنهنجي وستين سان پيار ڪندا آهن، انهن جي حفاظت ڪندا آهن دراصل اهي ئي مرد جوڌا ليکبا آهن، منڇر ته هزارين مهاڻن، ملاحن جو پيٽ پالي ٿي، هن مضمون موجب، دريا سنڌ جي ڪوٽڙي ڊائون وانگر صرف سُڃ ئي سُڃ جو ڏيک ڏيڻ لڳي آهي، مطلب ته ڳالهه ڳاٽي کان مٿي چڙهي وئي آهي، اسين اڃان اگهور ننڍ ۾ ۔ ادا مست محترم ابڙي صاحب جو بهترين مضمون اسان سان شيئر ڪيو آهي، جڏهن قاضي علي، ڪي ٽي اين جو سرپرست سنڌ جي شاهه دريا جو ڏينهن ملهائي ٿو ته سمورا سنڌي هڪ آواز ۽ هم قدم ٿي قاضي علي جو سڏ ورنائي سگهن ٿا اسان جي سنڌ جا هزارين قاضي علي جيڪڏهن متحد ٿي پنهنجي ڍنڍن جي حفاظت جو قسم کائي اڳتي اچن ته ڪينجهر ۽ منڇر هميشهه پاڻي سان ڀريل هونديون۔ ادا مست جس لهڻي جو اکين کي کولڻ وارو مضمون اسان سان شيئر ڪيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو