• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿري ڊي پرنٽر سان چهرو تيار ٿي ويو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ نئون انقلاب..
ٿري ڊي (3 ڊائمينشنل) ٽيڪنالوجي جي اچڻ کان بعد دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي سان تعلق رکندڙ شين جي ترقيءَ جي رفتار تمام تيز ٿي وئي آهي. روز بروز اهڙيون خبرون پيا ٻڌون ۽ پڙهون جو حيرت سان دنگ رهجي ٿا وڃون.
ٿري ڊي پرنٽر جي باري ۾ توهان اڄ ڪلهه گهڻو ٻڌو هوندو، فلاڻي شئي ٿري ڊي پرنٽر سان پرنٽ ٿي، هي شئي ٿري ڊي پرنٽر سان پرنٽ ٿي، پر اڄ توهان جي لاءِ هڪ نئين خبر آهي ته لنڊن ۾ هڪ همراهه جو چهرو (منهن) ٿري ڊي پرنٽر سان پرنٽ ڪيو ويو.
هڪ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ۾ پنهنجي چهري کي وڃائيندڙ اسٽيفن پاور ڪارڊف اهو پهريون شخص آهي جنهن جو چهرو ٿري ڊي پرنٽ ڪري سندس پهرين شۡڪل و صورت بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ حيرت انگيز نتيجا سامهون آيا آهن. سائنسدان ۽ ڊاڪٽر پنهنجي ان ڪوشش ۾ 90 فيصد ڪامياب ويا آهن..
هيٺ ڏنل تصوير (ساڄي پاسي) همراهه جي ايڪسيڊنٽ کان پهرين جي آهي جنهن کي ڏسي سندس چهري جي ٿري ڊي پرنٽ تيار ڪئي وئي.. (کاٻي پاسي)

Britis.jpg
 
Back
Top