رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سائين سنڌ سلامت جي سڄي سٿ جا ٿورا لک قرب خاص سائين پياري سليمان جا ادي نياز جا ...جو اسان کي ساٿ ڏيڻ ۽ رهڻ جي به مڃتا ڏيئي انتهائي خوشي بخشي آهي ۽ هن مڻيادار ماڻهن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن جن جي توست سان اڄ اسان جي ٻاٻيهاڻي ٻولي اٽرنيٽ جي دنيا ۾ ٻين ٻولين سان گڏ پنهنجن سنڌي ڳالهائيندڙن سان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گڏ آ ۽ اهو به خوف خدا خدا ڪري لٿو ته اڄ جون ماڊرن ٻوليون ئي پاڻ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿيون پر اسان جي سنڌي ٽيلينٽ اهو ثابت ڪيو ته نه اسان جي هي جي پراڻي ٻولي هزارن سالن جي سفر کان پو ٿڪي نه آهي ۽ نه هن جا سادا سلوڻا ڳالهائڻ وارا استعمال ڪرڻ وارا ڪي رڪجي ويا آهن سانت ٿي ويا آهن نه هو هن دنيا جي گولي تي ٻين مهذب ٻولين سان گڏ پنهنجي سلوڻي ٻولي ۾ پنهنجن سان پنهنجي ٻولي ۾ حال اوري سگهن ٿا خيال خماري سگهن ٿا ....شڪر الحمدالله ٻاجهاري ڌڻي جا ڪروڙين قرب جو منهنجي ..تنهنجي ...اسان سڀن سنڌين جي ٻولي رائگان نه وئي پر چٽي چانڊاڻ وانگر افق تي نمودار آهي ..شال قيامت تائين رهندي دنيا تائين هي اسان جي سلوڪ ڀري سهڻي من مهڻي مڻيادار ٻولي زنده رهندي...آمين ثم آمين