باغي شاعر راشد مورائي جي طبيعت خراب ، دعائن جي درخواست

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1939407_539568749473752_1454017666_n.jpg


هو ارادو پڪو مون ڪيو مرڻ جو
شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو
مون ٻُڌو آ ته اڄ هو پُڇڻ ٿو اچي
موت ! ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

سنڌ جي مشهور باغي شاعر راشد مورائي جي اوچتو طبيعت خراب ٿي پئي، جنهن بعد کيس مورو کان نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڇاتي جي تڪليف سبب آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ٿيل قومي شاعر راشد مورائي بابت پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقيوم ميمڻ ۽ آءِ سي يو وارڊ جي انچارج ڊاڪٽر محمد صالح خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته راشد مورائي جي طبيعت بهتر آهي، کيس ساهه جي تڪليف ۽ ڇاتي ۾ سور آهي، هنن چيو ته راشد مورائي کي دوائون ڏنيون ويون آهن، سندس طبيعت بهتر ٿي ويندي. دوستن کي دعائن جي درخواست ڪجي ٿي.
 
Back
Top