
علي حسن ملاح جون ڪاوشون قابل تعريف آهن جو وڏي محنت سان پاڻ انڊس سليڪون پاران پهريون سنڌي ٽيچنگ سافٽويئر پيش ڪيو اٿن. علي حسن ان ڪري به تعريف جو حقدار آهي جو هن هي سافٽويئر سنڌي عوام لکاء مفت ۾ پيش ڪيو آهي. هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري اوهان سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا.سولي سنڌي ۾ ٻارن لاء تيار ڪيل هي سنڌي ٽيوٽرل ان ڪري به وڏي اهميت وارو آهي جو ان ۾ تصويرن ۽ آوازن ذريعي سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو سنڌي ٻار رڳو 2 ڪلاڪ هن سافٽ ويئر کي ويهي ڏسي ته ڪڏهن سنڌي ٻولي وساري نه سگهندو. اسڪولن، والدين ۽ ٻارن کي گهرجي ته ڪمپيوٽر جو صحيح استعمال ڪندي هن سافٽويئر مان لاڀ حاصل ڪن.
___
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: