• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٿيٽر (شادي ضرور ٿيندي) هاڻ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾(بروز ڇنڇر 5 اپريل، ) اچڻ نه وساريندا

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) دُنيا جي شوقينن لاِءِ هڪ اهم خوشخبري. هاڻ سنڌيءَ ۾ اسٽيج ڊرامان (آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ) ۾ به پيش ٿيندا.
1947991_10203222320579641_386723446_n.jpg

ان سلسلي ۾ پهرئين سنڌي اسٽيج ڊرامي (شادي ضرور ٿيندي) جي اسڪرپٽ ورهاست واري تقريب ڪالهه اربع 12 مارچ 2013 شام جو 4 بجي پريزيڊنٽ آرٽس ڪائونسل ڪراچي جناب اعجاز احمد فاروقيءَ جي زيرِ صدارت ٿي گُذري. جنهن ۾ سنڌي ۽ اُڙدو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جرنلسٽ ۽ فنڪارن سميعت گهڻن مهمانن شرڪت ڪئي ۽ سنڌي اسٽيج ڊرامن کي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي تعاون سان فروغ ڏيڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو.

هن پروگرام جو خاص مهمان ڊاڪٽر ايوب شيخ جيڪو سنڌ ٿيٽر جو منتظم اعليٰ به آهي سان گڏ سنڌي ميڊيا جو سينيئر ترين اداڪار (گُلاب چانڊيو) به خاص مهمانن ۾ شامل هُئا. رونمائي تقريب ۾ اسٽيج جا فرائض پروگرام ڊائريڪٽر ۽ سينيئر فنڪار (عابد نويد) هُئا.

ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ : پروڊڪشن مئنيجر (يونس ميمڻ)، اسٽيج ڪنٽرولر (سُريتا راجپوت)، عبدالقادر گبول، ڪو آرڊينٽرس ۾ مير مُحمد تُنيو، اسدالله آرائين ۽ رضوان صابر هُئا.

جڏنهن ته آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جو چيئرمين ڊراما ڪاميٽي (ايم اقبال لطيف)، وائيس پريزيڊنٽ (مُحمود احمد خان)، آنرري سيڪريٽري (محمد احمد شاه).

ٻين مهمانن ۾ ٽيليويزن دُنيا جو ڊائريڪٽر خادم حُسين خاصخيلي عُرف المعروف (ڪي. ڪي) ۽ سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)، سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) گُلستان برانچ ڪراچي ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد جو مُنتّظم اعليٰ (انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ) به پروگرام جي ڪوريج لاءِ مدعو ٿيل هُئا.

اُميد ٿي ڪجي ته ڪراچي ۽ پسگردائي شهرن ۽ ڳوٺن مان گهڻي ۾ گهڻا دوست هن اسٽيج ڊرامي ڏسڻ لاءِ شام جو ساڍي اٺين بجي بروز ڇنڇر 5 اپريل 2014 شريڪ ٿيندا ته جيئن ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامن کي فروغ ملي سگهي جنهن لاءِ آرٽس ڪائونسل ڪراچي هر قسم جي سهڪار لاءِ تيار آهي ۽ ٻيا ڊائريڪٽر به وارا وٺي هڪ بهترين اسٽيج اسٽوريءَ سان پنهنجا اسٽيج ڊرامان پيش ڪندا. ته اچڻ نه وساريندا، پاڻ، پنهنجي فيملي ۽ دوستن کي به ضرور آڻيندا ياد ڪريو بروز ڇنڇر 5 اپريل شام جو 8:30 منٽن تي.
 
Back
Top