
اهڙو ئي هڪ ڪيس تازو ملائيشين ايئر سسٽم جي جهاز ايم ايڇ 370 سان ٿيو جڏهن اهو جهاز 8 مارچ تي آڌي رات جو ڪوالالمپور مان بيجنگ لاءِ اُڏاڻو جنهن کان پوءِ هڪ يا ٻه ڪلاڪن جي اندر ساڻس رابطو ٽُٽي ويو. جڏهن جهاز پنهنجي مقرر وقت صبح جو ساڍا ڇهه بجي تائين بيجنگ نه پُهتو ته ٻنهي طرفن ڏانهن ڳڻتي وڌي وئي. پهريان ته اهو سوچيو ويو ته جهاز ڪٿي سمنڊ ۾ ڪريش ٿي ڪري پيو. ڇو ته جهاز سان ڪو مسئلو هُجي ها ته انهيءَ وقت ويجهي ۾ ويجهي مُلڪ ويٽنام جي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي ضرور ٻُڌائي ها. پر جيئن ته پائلٽ پاران اهڙو ڪو به رابطو نه ٿيو هو تنهن ڪري اهو ئي مڃيو ويو ته جهاز ڪٿي سمنڊ ۾ ڪري پيو آهي. پر آخر ڪِٿي؟ ڇو ته هن جديد دؤر ۾ سيٽلائٽ ذريعي زمين جو انچ انچ ڏسڻ ممڪن ٿي پيو آهي ته جهاز جي ڪرڻ جو هنڌ معلوم ڪرڻ ته ڪو ايڏو ڏُکيو نه هو. پر وقت گُذرندو ويو ۽ معاملو پيچيده ٿيندو ويو. وچ ۾ توڙي جو اهي اطلاع آيا ته ويٽنام جي عملي سمنڊ تي تيل جي تهه ڏٺي جنهن مان اهو اندازو ٿئي ته اها ان جهاز جي تيل جي هئي پر ايئن نه هو. وري هڪ دفعو اهو اطلاع به آيو ته جهاز واپس مُڙيو هو. تنهنڪري وڌيڪ امڪان آهن ته جهاز ۾ فني خرابي ٿي هئي پر هو ڪٿي پُهچڻ کان پهرين ڪِري پيو. پر جلد ئي ملائيشيا جي آفيسرن انهن ٻنهي اطلاعن کي غير تصديق قرار ڏنو ڇو ته ٻنهي ڪيسز ۾ جهاز جو ملبو ملڻ گهُرجي ها جيڪو نه مليو. انهيءَ کان علاوه به ڪيئي ڪوڙيون سچيون افواهون نيٽ تي مختلف خبرن جي ايجنسين ۾ گردش ڪنديون رهيون ته اهو جهاز ميزائل سان اُڏاري زرا زرا ڪيو ويو. ڪڏهن اهو ته جهاز هائي جيڪ ٿي اهڙي هنڌ پُهتو آهي جيڪو لوڪيٽ نه پيو ٿئي. هڪ اطلاع اهو به ته ڪُجهه مسافرن جا فون آن آهن پر ڪال رسيو نه پيا ڪن.
اهڙين سڀني ڳالهين تي نيچرل نيوز جي ايڊيٽر مائيڪ ايڊمز هڪ ڇه نُقاطي خيال پيش ڪيو آهي جيڪو سمجهه ۾ به اچي ٿو ۽ انتهائي حيران ڪندڙ به آهي، هن جو چوڻ آهي ته پهرين ڳالهه اها ته هر جهاز (بوئنگ 777 ۾ پڻ) هڪ انتهائي محفوظ بليڪ باڪس هوندو آهي جنهن ۾ پائلٽ روم (ڪاڪ پِٽ) جي هر ڳالهه رڪارڊ ٿيندي آهي. ٻي ڳالهه ته اهو بليڪ باڪس جهاز جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ به سلامت رهي ٿو ۽ جهاز ڀلي سمنڊ ۾ ڪِري تڏهن به هڪ مهيني تائين اهو بليڪ باڪس ريڊار جي رينج ۾ هوندو آهي. مطلب ته ريڊار آساني سان بليڪ باڪس جي موجودگي جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو. ٽين ڳالهه اها ته جهاز جا ڪيئي حِصا (خاص ڪري سيٽون) پاڻي ۾ ترنديون آهن. ايڏي وڏي تعداد ۾ ترندڙ شئي نه لڀڻ هڪ نه مڃڻ ڄوڳو مفروضو ئي ٿي سگهي ٿي. چوٿين ڳالهه اها ته جيڪڏهن جهاز ميزائل سان به تباهه ڪيو وڃي ها ته جهاز نه سهي ميزائل ته ريڊار کان ڳُجهو نه هُجي ها. پر اها به حقيقت آهي ته اڄ تائين ڪو اهڙو ميزائل ٺهيو ئي ناهي جو هڪ بوئنگ 777 جهڙي وڏي جهاز کي آسمان ۾ ئي زرا زرا ڪري ڇڏي. پنجين ڳالهه اها ته ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول وٽ اها مُڪمل ڄاڻ هوندي ته اهو جهاز رابطي ٽُٽڻ مهل ڪٿي هو؟ جنهن کان پوءِ تباهه ٿيڻ تي انهيءَ جو ملبو ڪٿي ڪِري سگهي ٿو اهو اندازو لڳائڻ مُشڪل ناهي. جيئن ته اندازي سان تعين ڪيل ته ڇا پر انهيءَ جي آسپاس هڪ سؤ فيصد وڌيڪ ايريا به ڏسجي چُڪو آهي پر جهاز جو ڪو به حِصو ناهي ڏِساڻو.
ڇهين ۽ آخري ڳالهه جيڪا انتهائي ڇِرڪائيندڙ آهي ته جهاز اغوا به ناهي ٿيو. ڇو ته جهاز اغوا ٿي سگهي ٿو. ڪي انتهائي هوشيار هائجيڪرز پائلٽ کي اهڙو سوگهو به ڪري سگهن ٿا جو هو ڪوڊ ورڊ ۾ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي به اطلاع نه ڏيئي سگهي. پر هُنن لاءِ اهو ڪرڻ نا ممڪن آهي ته هو جهاز کي ريڊار جي پُهچ کان لڪائي سگهن. هو جهاز کي ڪٿي به کڻي وڃن پر ريڊار تي اهو جهاز لوڪيٽ ٿيندو پيو. ڇو ته اڄ تائين اغوا ٿيل سڀني جهازن کي آرام سان لوڪيٽ ڪري ڏَسيو ويو آهي ته اهي فلاڻي هنڌ بيٺا آهن. انهي ڳالهه جي هائجيڪرس کي به خبر هوندي آهي ۽ هو بجاءِ جهاز لِڪائڻ جي يا دير ڪرڻ جي جلدي پنهنجا مُطالبا ظاهر ڪندا آهن. انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ ايڊمز اها تَت ڪڍي ٿو جهاز ڪنهن ماوراءِ فطرت شئي ئي عائب ڪيو آهي. ڇو ته اغوا ٿيو ناهي. ملبو مليو ناهي ته ٽين ڪا صورت بچي ئي نه ٿي. اطلاع اهي به آهن جهاز تي موجود ڪو اهڙو شاطر شخص هو جنهن ڪمال مهارت سان جهاز جو فني نظام اهڙي نموني ڄاڻي واڻي خراب ڪيو جو هاڻ اهو ڪٿي به ڊٽيڪٽ نه پيو ٿئي. ايئن هُجي به ته انهيءَ پُٺيان ان جا ڪهڙا مقصد ٿي سگهن ٿا اهو هڪ الڳ مُنجهارو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هاليووڊ جي فلمن ۾ ڏيکاريندا آهن ته ڪي خفتي بنا ڪنهن غرض جي بس پاڻ کي وڏو تيس مار خان ظاهر ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪندا آهن. پر هي ڪم ڪنهن جهڙي تهڙي جو نه ٿو لڳي.
پر جيئن ته مسٽر ايڊمز جو رايو آهي يا ملائيشيا جي ايئر ڪنٽرول اٿارٽي به هيستائين جهاز جي غائب ٿيڻ کي هڪ معمو ئي قرار ڏِنو آهي ۽ جيڪڏهن خُدا نه ڪري واقعي ايئن آهي ته اهو هڪ انتهائي خطرناڪ اسرار هوندو ته هن ڌرتي تان 239 ماڻهو کڻي اُڏامندڙ وزني جهاز غائب ڪري سگهندڙ ڪا قوت به موجود آهي؟؟ يا وري هن ڌرتي تي ڪو ٻيو برمودا ٽرائي اينگل هُجڻ جو انڪشاف ٿيڻ وارو آهي.
