بنگالي ڪهاڻي ڪابلي والا۔۔۔ ليکڪ ۔۔ رابندر ناٿ ٽئگور

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    بنگالي ڪهاڻي ڪابلي والا۔۔۔ ليکڪ ۔۔ رابندر ناٿ ٽئگور​

    مترجم الطاف شيخ

    رابندر ناٿ ٽيگور بنگالي زبان جو شاعر اديب ڊراما نويس ۽ موسيقار ٿي گذريو آهي 1961. ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو انگلينڊ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. 1901 ۾ پورل پور۾ آرٽ ۽ ڊرامي جو ادارو شانتي نڪيتن قائم ڪيائين 1913. ۾ کيس ڪتاب گيتا نجلي تي سويڊن طرفان نوبل انعام مليو 1914 ۾ انگريز سرڪار کيس سر جو خطا ب ڏنو جيڪو ڪجهه عرصي کانپوء واپس ڪيائين پاڻ 1941 ۾ وفات ڪيائين. گيتا نجلي کانپوء سندس افسانو ڪابلي والا بيحد مشهور ٿيو. ڪيترن زبانن ۾ ترجمو ٿيو ۽ انتي فلم ٺهي چڪي آهي هتي ترجمو ڏجي ٿو.
    الطاف شيخ
    ڪابلي والا منهن جي ڌي هئي ته پنجن سالن جي پر مجال جو هڪ گهڙي ڳالهائڻ کانسواء رهي سگهي دنيا ۾ قدم رکڻ بعد ڳالهائڻ سکڻ ۾ هن کي فقط ٻارهن مهينا لڳا ان بعد جيتري دير هو جاڳي ٿي هڪ پل به نٿي جهلي .هن جي ماء اڪثر هن کي دڙڪا ڏيئي ماٺ ڪرڻ لاء مجبور ڪيو ٿي پر موکان اهو ڪم ممڪن نه هو منهن جي خيال ۾ ميني جو ما ٺ رهڻ هڪ خلاف فطرت ڳالهه هئي جنهن کي آئون گهڻي دير برداشت نٿي ڪري سگهيس انڪر ي منهن جون هن سان پهرن جا پهر ڳالهيون ٿينديو ن هيون .
    صبوح جي وقت آئون پنهن جي ناول جو سترهون باب شروع ڪرڻ وارو هوس ته ميني اچي ڪڙڪي چوڻ لڳي بابا ديال دربان بلڪل مورک آهي ڪانگ کي ڪانگا چوي ٿو ڪجهه نٿو ڄاڻي . انکان اڳ جو آئون هن کي دنيا جون زبانون سمجهائڻ شروع ڪيان هن ٻيو باب شروع ڪيو بابا ڀولو چوي ٿو آسمان تي هڪ هاٿي آهي هو سونڊ سان پاڻي ڇٽڪاري ٿو ته مينهن پوي ٿو.بابا هو ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري ڏينهن رات بڪندو ٿو رهي.اهو چوندي هوء منهن جي لکڻ جي ميز جي ويجهو اچي وئي ٻنهي هٿن سان گوڏا جهلي کيڏڻ لڳي هوءکيڏڻ لڳي منهن جي ناول جي سترهين باب ۾ پرتاب سنگهه ڪچن مالا کي وٺي اونداهي رات ۾ قيد خاني جي مٿئين دري مان ٽپي رهيو هو. منهن جو گهر رستي جي ڪپ تي آهي اوچتو ميني کيڏڻ ڇڏي دري ڏي ڊوڙي ۽ زورزور سان رڙيون ڪرڻ لڳي .ڪابلي والا ڪابلي والا . ڍروڍرو لبا س مٿي تي پٽڪو هڪ گودڙي لٽڪائي ٻه چار پيٽيون انگورن جون هٿ ۾ کڻي هڪ ڊگهو جانٺو ڪابلي پٺاڻ گذري رهيو هو خبر ناهي هن کي ڏسي ننڍڙي کي ڪهڙو خيال آيو هو جو هن کي سڏڻ لڳي مو ن سوچيو مون وارو سترهون باب پورو نه ٿي سگهندو پر جئين ئي گودڙي وارو کلندو اسان جي گهررخ رکيو منهن جي ننڍڙي بدحواس ٿي اندر زناني ۾ هلي وئي . شايد بنا ڏسڻ جي هن کي اهو يقين ٿي ويو هو ته ان گودڙي ۾ ڪيترا.ئي ٻار هوندا .ڪابلي اچي پهتو ۽ مونکي سلام ڪري بيهي رهيو.مون سوچيو ته مون وارو هيرو ۽ هيروئن ٻئي خطرناڪ حالت ۾ آهن پر هن کي گهر ۾ سڏي ڪجهه خريد نه ڪرڻ مناسب نه ٿيندو انڪري ضرورت نه هوندي به ڪجهه شيون هن کان خريد ڪيم ڪجهه ڳالهيون نڪري پيون ڪجهه امير عبد الرحمان جون ڪجهه روس جون .امير ۽انگريزن جي وچ ۾ جيڪو سرحد جو معاهدو ٿيو هو ان تي خيال جي ڏي وٺ ٿي .هلند ي وقت مون کان هن پڇيو تنهن جي هوء ڇوڪري ڪٿي آهي. ميني جي دل مان خوف ڪڍڻ لاء مون هن کي سڏايوهوء اچي مونسان لڳي بيٺي ۽ شڪ سان گودڙي کي ڏسڻ لڳي .ڪابلي گودڙي مان ڪجهه ڪشمش ۽ زردالو ڪڍي هن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ء وڌيڪ مونسان لڳي بيٺي .اها هئي هنن جي پهرين ملاقات.
    انهن ڏينهن ۾ سرء جي موسم هئي .اهڙي موسم ۾ پراڻي زماني جا راجا دنيا فتح ڪرڻ جي ارادي سان ٻاهر نڪرندا هئا .آئون ڪڏهن ڪلڪتي کان ٻاهر نه ويو هوس اهوئي سبب آهي جو منهن جو خيال دنيا کان ٻاهر ڦرندو رهي ٿو ڪنهن ڌارئي ملڪ جو نالو ٻڌڻ سان تصور ان ڏي ڊوڙڻ شروع ڪري ٿو ان سان گڏ هڪ آزاد زندگي جو خيالي خاڪو ذهن ۾ ٺهيو وڃي. منهن جي دل سڄي دنيا سان آهي پر آئون هڪ وڻ مثل زمين ۾ ڦاٿل رهان ٿو .جڏهن به آئون گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ڪريان ٿو ته منهن جي مٿا ن جبل ڪريو پوي. انڪري مون صبوح جو سوير هن ڪابلي جون ڳالهيون ٻڌي سير ۽ سياحت جو شوق پورو ڪري ڇڏيو ڀڳل بنگالي زبان ۾ هن سندس ملڪ جو احوا ل بيان ڪيو. جابلو رستو آهي ڀرسان ڳاڙهي پٿريلي زمين آهي نه ڪٿي پاڻي نه گاه. ان رستي تان شلوار قميص ۾ پٺاڻ ۽ افغان واپارين جو قافلو هلندو رهي ٿوڪو سوار آهي ته ڪو پنڌ.ڪنهن وٽ ڪا پراڻي بندوق آهي ته ڪنهن وٽ بڙڇي .
    ميني جي ماء جي طبيعت ڪجهه اهڙي قسم جي آهي جو هوء ٿوري ڳالهه تي گهٻرائجي ويندي آهي هنجي عمر زندگي جي لاهين چاڙهين کي سمجهڻ جهڙي ٿي چڪي آهي .پوء به هن جي دل ما ن اهو وهم نه نڪتو آهي ته دنيا چورن شرابين نانگن ۽ جراثيمن ۽ انگريزن سان ڀري پئي آهي اهڙي صورت ۾ رحمت ڪابلي واري کان مطمئن رهڻ هن لاء ناممڪن ڳالهه هئي . هن جي چر پر تي نظر رکڻ لاء هن هروقت مونکي تاڪيد ڪئي ٿي .منهن جي ٽارڻ جي ڪوشش تي هن منهن جي اڳيان ڪيترا سوال رکيا .ڇا ڪڏهن ڪنهن جو ٻار چوري نه ٿيو آهي .ڇا هڪ ڊگهي ڪابلي لاء ننڍڙي نينگري چورائڻ بلڪل ناممڪن هو؟ آئون سمجهان ٿو ته اهو ناممڪن نه هو پوء به رحمت ڪابلي واري لاء اهو سوچڻ مناسب نه هو پر اعتماد جو مادو هرهڪ ۾ هڪ جيترو نه ٿيندو آهي ان جي باوجود آئون رحمت کي پنهن جي گهر ۾ اچڻ کان روڪي نه سگهيس. هر سال هو وقت ڪڍي ميني سان مليو ٿي .منهن جي گهر ۾ هن کي ڏسي ماڻهن کي حيرت ٿيندي هئي پر جيئن ئي ميني ڪابلي والا ڪابلي والا چوندي ڊوڙي هن ڏي ايندي ۽ هنن جي وچ ۾ چرچائي اندا ز ۾ ڳالهيون ٿينديون هيون ته ماڻهن کي اطمينان ٿي ويندو هو
    . ***************
    صبوح جي وقت پنهن جي ڪمري ۾ آئون پروف ڏسي رهيو هوس سيارو پنهن جو ڪمال ڏيکاري رهيو هو اس جي تپش مونکي ڏاڍي پئي وڻي ايتري ۾ رستي تان دانهن ڪوڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا مون ڏٺو ته رحمت کي پوليس وٺيو پئي وئي . رحمت جي ڪپڙن تي رت ڦڙا هئا هڪ سپاهي جي هٿ ۾ رت ٻڏل ڇرو هو. مون ٻاهر وڃي پوليس کان پڇيو ته ماجرا ڇا آهي.خبر پئي ته هڪ همراه ڪابلي والا کان چادر اوڌاري ورتي هئي هاڻ اهو شخص چادر وٺڻ تان ڦري ويو آهي انهي ۾ رحمت هن کي ڇرو هنيو رحمت هن کي گاريون ڏيئي رهيو هو ايتري ۾ ڪابلي والا ڪندي ميني اچي گهر ٻاهران بيٺي اڄ هن وٽ گودڙي نه هئي انڪري هن کي ڪجهه نه ڏيئي سگهيو ميني رحمت کان پڇيو ڇا ساهرين پيو وڃين؟ رحمت مرڪندو جواب ڏنو بس اوڏانهن ئي وڃي رهيو آهيان.قتل جي ڏوه ۾ رحمت کي ڪيترائي سال جيل اچي ويو
    ******** **********
    ڪجه ڏينهن بعد اسان اهو وساري ڇڏيو.اسان پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ لڳي وياسين ميني جي انريت وسارڻ تي مونکي شرم آيو.پراڻن دوستن کي وساري هن سان دوستي ڪئي هئائين پوء عمر وڌڻ سان ساهيڙين سان ملڻ لڳي هاڻ ته اهو حال آهي جو منهن جي ڪمري ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿي. **************
    ڪيترا سال گذري ويا اها سرء جي موسم آهي ميني جي شادي جي تاريخ ويجهي اچي رهي آهي پوجا جي موڪلن ۾ هن جي شادي ٿي ويندي ۽درگاماني جنهن ڏينهن ڪيلاش رواني ٿيندي ،منهن جي گهر جي رونق اونده ۾ ڇڏي ساهرين هلي ويندي.
    ****************
    اڄ جو صبوح ڏاڍو حسين آهي ڄڻ بارش سڄي فضا کي ڌوئي ڇڏيو آهي اس وٽڙيل سون وانگر چمڪي رهي آهي پراڻن گهرن جو ڀڳل سرون اس جي ڪرڻن سا ن سهڻيون ٿي پيون آهن .اسان جي در تي صبوح کان اڳ شهنائي وڄڻ شروع ٿي وئي آهي مونکي هر راڳ نپوڙي رهيو آهي .ايندڙ جدائي جو خيال دل کي ڏک ڏيئي رهيو آهي .اڱڻ ۾ تنبو لڳايا پيا وڃن ماڻهن جي اچ وڃ ۽ گوڙ ۾ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي .آئون آفيس ۾ ويٺوخرچ پکي جو حساب ڪريان ته اوچتو رحمت ڪابلي اچي سلام ڪري بيٺو .پهرين ته مون هن کي ڪونه سڃاتو جو هن وٽ نه گودڙي هئي نه وار ڊگها هئس نه وري سندس بدن ۾ اها چستي هئي .مون پڇيو رحمت تون ڪڏهن آئين .هن چيو بابو ڪالهه شام جو ڇٽي آيو آهيان .ـ هن جي ڳالهه مونکي سٺي نه لڳي هڪ خوني کي ويجهو اچڻ مون ڪڏهن نه ڏنو هو.مون هن کي چيو ته اڄ اسان جي گهر ۾ ڪاڄ آهي انڪري واندڪائي نه آهي تون هليو وڃ .اهو ٻڌي هو ان پيرين واپس وڃڻ لڳو پر در وٽ بيهي پڇيو
    ڇا ننڍڙي کي هڪ ڀيرو ڏسي نٿو سگهان. هن جو خيال هو ته ميني جيڏي هئي ايڏي ئي آهي .ڪابلي والا ڪابلي والا ڪندي ايندي .۽ وري کل ٽهڪ واريون ڳالهيون ٿينديون .مون چيو گهر ۾ ڪاڄ آهي ڪنهن سان ملاقات نه ٿي سگهندي . هوسلام ڪري هليو ويو .منهن جي دل کي هڪ ڌڌڪولڳو دل چيو ته هن کي گهرائي وٺان .ايتري ۾ هو پاڻ موٽي آيو ۽ چيو هي انگور ڪشمش بادام ٻارڙي لاء آندا هئم هن کي ڏيئي ڇڏجو. آئون قيمت ڏيڻ وارو هوس ته هن مون کي جهليو ۽ چيو بابو توهان مونتي مهربان آهيو آئون توهان جي مهرباني ڪونه وساري سگهندس .مونکي انهن جو ملهه نه ڏي .بابو جي تنهن جي ڇوڪري جهڙي منهن جي ڇوڪري آهي آئون هن کي ياد ڪري توهان جو ڇوڪري لاء ميوو کڻي اچان ٿو آئون توهان وٽ سودو وڪڻڻ نٿو اڇان . اهو چئي هن پنهن جي چوغي مان هڪ ويڙهيل ميرو ڪاغذ ڪڍيو آهستي ڪري کولي وڇايو.ان تي هڪ ننڍ ي هٿ جو ڇاپو هو.نه فوٽو هو نه تصوير.پنهن جي ڌي جي هٿ تي ڪو رنگ هڻي ان جو ڇاپو اتاري ورتو هو. هر سال گهر گهر۾ سڪو ميوو وڪڻي هن ڇاپي کي سيني سان لڳائي رکيو ٿي .ڌي جي جدائي شايد انڪري محسوس ٿيندي هوندي .سندس ڌي جي ڇاپ ڏسي منهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا انوقت منهن جي ڌي ۽ هن جي ڌي ۾ ڪو فرق نه هو مون محسوس ڪيو ته هو به مون وانگر هڪ ڌي جو پي آهي پهاڙي ديس جي ڇوڪري جي هٿ جي ڇاپ مونکي پنهن جي ڇوڪري جي ياد ڏياري ڇڏي . مون هڪدم انکي اندران گهرائي ورتو .عورتن اعتراض ڪيو پر مون هڪ به نه ٻڌي.ڳاڙهي ريشمي وڳي ۾ شرمائيندي ميني اچي مون وٽ بيٺي. ڪابلي هن کي ڏسي منجهي پيو ۽ چوڻ لڳو ميني بابا تون ساهرين وڃين پئي.ساهري هاڻ ميني چڱي طرح ڄاتو ٿي. انڪري شرمائي منهن موڙي ورتو.مونکي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن ڪابلي سان ميني جي پهرين ملاقات ٿي هئي.منهن جي دل پاسا ورائڻ لڳي. ميني جي وڃڻ بعد ڪابلي ٿڌو ساه کڻي زمين ته ويهي رهيو هن جي دماغ ۾ اچي ويو ته هن جي ڇوڪري به هاڻ سياڻي ٿي هوندي.خبر ناهي ته اٺن سالن ۾ هن تي ڇا وهيو هوندو.رحمت خاموش ويٺورهيو..هن جي اکين سامهون افغان جبلن جي تصوير ڦري رهي هئي. مون هنکي هڪ نوٽ ڏنو ۽چيو رحمت ڌي وٽ وڃ توهان ٻنهي جي ملڻ جي خوشي سان منهن جي ڌي جي شادي ۾ برڪت پوندي. ان نوٽ ڏيڻ سان شادي ۾ ڪجهه گھٽتائي ڪرڻي پئي عورتن کي ڏاڍي ڏک ٿيو پر شادي خير سان ٿي وئي.مون کي هڪ صحيح روحاني مسرت محسوس ٿي جيڪا هوند دنيا جا سڀ ساز سامان گڏ ڪرڻ سان به نه ٿئي ها.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو