برموده ٽڪنڊو يا شيطاني سمنڊ...!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2014۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    اڄڪلهه ملائيشيا جي جديد جهاز جو 239 مسافرن سميت غائب ٿيڻ وارو عجيب واقعو هر جا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي. جديد ترين ٽيڪنالوجي جي هن دور ۾ جڏهن سائنسدان سمنڊ جي اونهائين ۾ پهچي مڇين ۽ ٻين آبي جانورن تي تحقيق لا انهن جي جسمن ۾ ڪيمرا لڳائي انهن جي سڄي چر پر تي نظر رکي سگهن ٿا ته پو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اُهي ملائيشيا جي مسافرن سان ڀريل وڏي جهاز کي يا ان جهاز جي ملبي کي ڳولهڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن...؟؟ بحرحال ان واقعي جي ته اڃا تائين ڪا به واضح ۽ درست ڳالهه ظاهر نه ٿي سگهي آهي پر ملائيشيا جي جهاز جي غائب ٿيڻ سان تجسس وڌي ويو آهي ته ڇا اهو برمودهه ٽڪنڊو پنهنجي جڳهه تبديل ته نه ڪري چڪو آهي..!!؟
    دنيا جي تاريخ ۾ ملائيشيا جي جهاز جيان ڪيترائي جهاز نهايت عجيب انداز سان غائب ٿي چڪا آهن. اڄ تائين اهي سڀ واقعا انساني عقل ۽ سمجهه کان مٿاهان سمجهيا وڃن ٿا.
    [​IMG]

    فضا ۾ اڏامندڙ جديد جهاز برمودهه ٽڪنڊي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيئن گم ٿي وڃن ٿا ؟
    وڏن وڏن جهازن جو پرسڪون سمنڊ ۾ بغير ڪنهن خرابي يا حادثي جي اوچتو غائب ٿي وڃڻ، ڪڏهن مسافرن جو بچي وڃڻ ۽ جهازن جو اغوا ته ڪڏهن جهازن جو صحيح سلامت بچي وڃڻ ۽ مسافرن جو غائب ٿي وڃڻ..!! هي سڀ واقعا اهڙا آهن جن جي ڪنهن به قسم جي تشريح سان اڄ تائين ڪنهن جو به دل مطمئن نه ٿي سگهيو آهي. انهن جهازن جو غائب ٿيڻ ايترو ته تيز هوندو آهي جو جهاز جي پائيليٽ يا جهاز جي ڪيپٽن کي ايمرجنسي پيغام موڪلڻ جي به مهلت ناهي ملندي...!!!
    ان کان به حيرت جي ڳالهه اها آهي ته غائب ٿيندڙ جهاز ۽ مسافرن جو نالو ۽ نشان به ناهي ملندو..!!
    [​IMG]
    ڪجهه ماهر اهو چوندا آهن ته سمنڊ ۾ ان جڳهه تي اونهائي ۾ اهڙا خطرناڪ طوفان ايندا آهن جن جي زور ۽ طاقت سان ويجهڙائي ۾ گذرندڙ جهاز پرزا پزا ٿي ويندو آهي ۽ پو هوائون انهن پرزن کي پري پري تائين پاڻي ۾ پکيڙي ڇڏينديون آهن، پر اها تشريح به انساني ذهن تسليم نٿو ڪري.
    [​IMG]
    برمودهه ٽڪنڊي وارو موضوع پنهنجي اندر خوف، دهشت ۽ تمام گهڻو تجسس رکي ٿو. انساني عقل، انساني ترقي ۽ جديد ايجادون به برمودهه ٽڪنڊي بابت ڪا پڪي ڄاڻ ڏيڻ کان قاصر آهن.
    هي هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن کي مختلف لکندڙن مختلف انداز سان لکيو آهي. ڪيترن ئي دوستن ان بابت مختلف ڳالهيون پڙهيون هونديون. ڪافي دوست ته برمودهه کي فرضي قصو سمجهندا آهن.
    ڪجهه وري برمودهه جا قصا وڌائي چڙهائي بيان ڪندا آهن.

    [​IMG]
    برمودهه ٽڪنڊو ابليس يا دجال جي رهڻ جي جڳهه..!!
    برمودهه ٽڪنڊو هڪ پراسرار علائقو آهي. ڪجهه ماڻهو ته اهو به چوندا آهن ته برمودهه ٽڪنڊي ۾ شيطان يا دجال پنهنجون خفيه پناهه گاهون ٺاهيون آهن جتان هو دنيا جي نظام کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي..!!
    ڇا جيڪو ڪجهه برموده ٽڪنڊي بابت بيان ڪيو وڃي ٿو اهو سڄو ڪوڙ آهي يا ڪجهه حقيقت به آهي..!!؟
    جيڪڏهن اهو سڀ سچ آهي ته پو ان سڄي علائقي جي سمنڊ ۾ پاڻي جي اندر اهڙو ڇا آهي جو اڄ تائين هزارين ماڻهو غائب ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي جهاز غائب ٿي چڪا آهن ۽ انهن سڀني حادثن جي اڄ تائين ڪا خير خبر به نه ملي سگهي آهي.

    برمودهه ٽڪنڊو (Bermuda Triangle)
    [​IMG]
    برمودهه ٽڪنڊو (Atlantic Ocean ) جي اٽڪل 300 ٻيٽن تي مشتمل علائقو آهي. اڪثر ٻيٽ غير آباد آهن صرف 20 ٻيٽن تي انسان آباد آهن اهي به تمام گهٽ تعداد ۾، ڇو جو اهو سڄو علائقو نهايت خطرناڪ سمجهيو ويندو آهي. ان سڄي علائقي کي برمودهه ٽڪنڊو چوندا آهن. هن ٽڪنڊي جي ايراضي 11،40،000 چورس ڪلوميٽر آهي. ان جي اتر وارو ڇيڙو برمودهه جي ٻيٽن تي مشتمل آهي، ڏکڻ اوڀر وارو ڇيڙو پورٽوريڪو ۽ ڏکڻ اولهه وارو ڇيڙو ميامي (فلوريڊا آمريڪا جي مشهور رياست) آهي. هن ٽڪنڊي جي هڪ ڪنڊ ميامي (فلوريڊا) ۾ ٺهي ٿ ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فلوريڊا لفظ جي معنى آهي ان خدا جو شهر جنهن جو انتظار ٿي رهيو آهي، ٻي معنى اها آهي ته اهو خدا جنهن جو انتظار ڪيو پيو وڃي.

    [​IMG]
    تقريبن چار سؤ سالن کان ڪنهن به انسان انهن ويران ٻيٽن ۾ آباد ٿيڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، ايتري قدر جو جهاز جا ڪيپٽن ۽ پائيليٽ به انهن علائقن کان پري رهندا آهن، انهن ۾ هڪ جملو عام آهي جيڪو هو هڪ ٻئي کي نصيحت ڪندي چوندا آهن. اتي پاڻي جي اونهائين ۾ خوف ۽ شيطاني راز لڪل آهن...!!

    ڇا برمودهه ٽڪنڊو واقعي ٽڪنڊي جي شڪل ۾ آهي.؟
    برمودهه ٽڪنڊو سڄي جو سڄو پاڻي جو علائقو آهي جيڪو بحرِ اوقيانوس (Atlantic Ocean) ۾ آهي، هتي اها ڳالهه قابلِ غور آهي ته سمنڊ جي تيز لهرن ۾ ٽڪنڊو ڪيئن ٿو ٺهي سگهي..!!؟
    ڄاڻڻ گهرجي ته اهو ٽڪنڊو حقيقت ۾ ٺهيل ناهي پر هي هڪ اهڙو مخصوص علائقو آهي جتي يقين نه ايندڙ ۽ تعجب ۾ وجهندڙ واقعا پيش ايندا رهندا آهن. هن سڄي علائقي کي ٽڪنڊي جو فرضي نالو ڏنو ويو آهي. سڀ کان پهرين هن علائقي لا برمودهه ٽڪنڊي جو نالو 1945ع ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ استعمال ڪيو ويو هو جڏهن ان علائقي ۾ ڪجهه جهاز اوچتو غائب ٿي ويا هئا.
    ياد رهي ته ان حادثي کان پهرين به برمودهه ٽڪنڊي ۾ ڪافي حادثا ٿي چڪا هئا پر ان وقت هن علائقي کي برمودهه ٽڪنڊي بدران شيطان جا ٻيٽ چيو ويندو هو.

    [​IMG]
    ڪرسٽوفر ڪولمبس (1451-1506) جڏهن هن علائقي مان گُذريو ته ان به هتي ڪجهه عجيب قسم جا واقعا ڏٺا ، مثال طور باهه جي گولن جو سمنڊ ۾ ڪرڻ، ڪمپاس (قطب نما) بغير ڪنهن ظاهري سبب جي خراب ٿي وڃڻ وغيره وغيره. جيتوڻيڪ ڪولمبس جي آمريڪي سفر کي پنج صديون گذري چڪيون آهن پر اهو ساڳيو سوال اڄ به برقرار آهي ته برمودهه ٽڪنڊي ۾ پاڻي جي اونهائين ۾ ، پاڻي جي مٿان ۽ فضائن ۾ اهڙي ڪهڙي شي آهي، اهڙي ڪهڙي پراسرار طاقت آهي جنهن جي درست ڄاڻ سيٽيلائيٽ جي هن جديد دور ۾ به نٿي معلوم ڪري سگهجي..!!؟؟
    1854 کان پهرين عرب جا قافلا هن علائقي مان گذرندا رهيا آهن پر انهن جي جهازن کي ڪو به حادثو يا ڪا به سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه ڏسڻ ۾ نه آئي هئي. تاريخ ۾ صرف ڪجهه واقعا 1854ع کان پهرين جا موجود آهن.
    برموده ٽڪنڊي ۾ ٿيندڙ سڀني حادثن ۾ هڪ ڳالهه نهايت اهم آهي ته اغوا ٿيندڙ ماڻهن ۾ شامل مختلف هنرن جا ماهر، سائنسدان ۽ انجينيئر وغيره ضرور شامل هوندا آهن. ٻي ڳالهه ته جيڪي به واقعا ٿيا آهن ان وقت موسم بلڪل نارمل ۽ اڪثر ڏينهن جو وقت هوندو آهي. مطلب ته موسم جي خرابي جو به انهن واقعن سان ڪو تعلق ناهي هوندو. حادثي دوران سڀني جهازن جو هيڊڪواٽر سان اوچتو رابطو ٽٽي ويندو آهي ڄڻ ريڊيو جا سگنل ڪنهن جام ڪري ڇڏيا هجن...!!

    [​IMG]
    اڪثر محقق هن ڳالهه تي متفق آهن ته برمودهه ٽڪنڊي ۾ اهڙي پراسرار ڪشش آهي جيڪا اسان جي زمين جي ڪشش ثقل کان مختلف آهي.

    برمودهه ٽڪنڊي ۾ غائب ٿيندڙ ڪجهه مشهور بحري جهاز
    [​IMG]
    • آگسٽ 1800ع ۾ آمريڪي ٻيڙو انسرجنٽ بنا ڪنهن حادثي جي غائب ٿي ويو هو. ان ۾ 340 مسافر سوار هئا.
    • جنوري 1880ع ۾ اٽلانٽا نالي برٽش جهاز غائب ٿي ويو، ان ۾ 290 مسافر سوار هئا.
    • آڪٽوبر 1902ع ۾ فيريا (Feria) نالي جرمن جهاز غائب ٿي ويو. سڀ مسافر غائب ٿي ويا صرف جهاز ڪجهه عرصي کانپو مليو.
    • مارچ 1918ع ۾ آمريڪي مال بردار جهاز سائيڪلوپ (Cyclop) پنهنجي سڀ مسافرن سوڌو غائب ٿي ويو. مسافر جي تعداد هئي 309.
    • 1924ع جاپاني ٻيڙو رائي نوڪو (Raynoko) غائب ٿي ويو.
    • 1931ع ۾ مال بردار جهاز اسٽافجر (Stafger) غائب ٿي ويو. اپريل 1931ع ۾ ئي جون اينڊ ميري (John & Mary) نالي آمريڪي جهاز غائب ٿي ويو پو ڪجهه عرصي کان پو ڏکڻ برمودهه کان 50 ميل پري پاڻي ۾ ترندي مليو.
    • مارچ 1938ع ۾ برطانيه جو آسٽريلوي مال بردار جهاز اينڪلو آسٽريليز غائب ٿي ويو.
    • فيبروري 1940ع گلوريا ڪولڊ ( Gloria Cold) نالي هڪ تفريحي ٻيڙو غائب ٿي ويو، پو ڪجهه عرصي بعد غائب ٿيل جا کان 200 سؤ ميل پري مليو پر مسافر سڀ غائب هئا.
    • 22 آڪٽوبر 1944ع ڪيوبا جو ريڊ پيڪون (Red Peakon) نالي جهاز غائب ٿي ويو، پو ڪجهه عرصي کان پو فلوريڊا جي ڪناري ويجهو مسافرن کانسوا ترندي مليو.
    • 1948ع فرانسيسي روزالي (Rozali) نالي جهاز جا سڀ مسافر غائب ٿي ويا جهاز ڪجهه عرصي بعد انهي علائقي جي ويجهو ملي ويو.
    • جون 1950ع ساندر (Sandra) نالي جهاز انهي علائقي مان غائب ٿي ويو.
    • 1955ع Queen Mayrio نالي هڪ تفريحي ٻيڙي غائب ٿي وئي.
    • 2 فيبروري 1963ع ميرين سلفر ڪوئين (Marine Supher Queen) نالي آمريڪي مال بردار ٻيڙو غائب ٿي ويو. ان ۾ 38 مسافر سوار هئا.
    • جولا جي پهرين تاريخ 1963 اسنو بوئي (Snow Boy) نالي ٻيڙو غائب ٿي ويو.
    • ڊسمبر 1967ع وچ ڪرافٽ (Witch Craft) نالي جهاز غائب ٿي ويو. ان جهاز جو وزن 20 هزار ٽن هو ۽ 32 مسافر هئا.
    • مئي 1968ع مشهور آمريڪي آبدوز اسڪورپين (Scorpion) 99 فوجين سميت غائب ٿي وئي.
    • اپريل 1970ع آمريڪي مال بردار جهاز ملٽن ٽريڊ (Milton Trade) غائب ٿي ويو.
    • مارچ 1973ع جرمني جي مال بردار جهاز انيٽا (Aneta) غائب ٿي ويو
    برمودهه ٽڪنڊي ۾ غائب ٿيندڙ ڪجهه مشهور هوائي جهاز...!!
    [​IMG]
    • 5 ڊسمبر 1945ع 5 آمريڪي بمبار جهاز هڪ ئي وقت برمودهه ٽڪنڊي جي فضائن مان غائب ٿي ويا، پو انهن جي ڳولها ۾ هڪ ٻيو جهاز موڪليو ويو ۽ اهو به غائب ٿي ويو.
    • 3 جولا ل 1947ع آمريڪي فضائيه جو C54 برمودهه جي فضائن مان هميشه لا غائب ٿي ويو.
    • 29 جنوري 1948ع چئن انجڻن وارو اسٽار ٽائيگر جهاز پنهنجن 31 مسافرن سميت غائب ٿي ويو.
    • 28 ڊسمبر 1948ع DC3 نالي جهاز 27 مسافرن سميت برمودهه جي آسمان مان غائب ٿي ويو.
    • 17 جنوري 1949ع اسٽار ايريل نالي جهاز برمودهه ٽڪنڊي جو شڪار ٿي ويو.
    • مارڇ 1950ع گلوب ماسٽر نالي آمريڪي جهاز مسافرن کي کڻي اتان گُذريو ته پو ڪڏهن به نه ملي سگهيو.
    • 2 فيبروري 1952ع يورڪ ٽرانسپورٽ نالي برطانيه جو جهاز غائب ٿي ويو.
    • 30 آڪتوبر 1954ع آمريڪي بحريه جو هڪ جهاز هميشه لا غائب ٿي ويو.
    [​IMG]
    • 5 اپريل 1956ع امريڪي مال بردار جهاز پنهنجي اسٽاف سميت غائب ٿي ويو.
    • 8 آگسٽ 1962ع آمريڪي فضائيه جو جهاز K.B غائب ٿي ويو.
    • 28 آگسٽ 1963ع امريڪي فضائيه جا ٻه جهاز K.C.B.5 غائب ٿي ويا.
    • 22 سيپٽمبر 1963ع C 132 جهاز غائب ٿي ويو.
    • 5 جون 1965ع C119 غائب گڏوگڏ 10 مسافر به غائب..!
    • 11 جنوري 1967ع YC 122 جهاز ۽ 14 مسافر غائب.
    • 17 جنوري 1947ع آمريڪي جنگي جهاز غائب ٿي ويو.
    هي صرف ڪجهه واقعا آهن جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا پر برمودهه ٽڪنڊي ۾ ٿيل حادثن جي سڄي لسٽ تمام ڊگهي آهي.
    هلندڙ....
    (اڳتي اسان برمودهه ٽڪنڊي سان جڙيل ڪجهه مشهور حادثن جي تفصيل ۽ انهن بابت ماهرن جي مختلف نظرين بابت پڙهنداسين.)
    مددي ذريعا: برمودا تڪون اور دجال، ليکڪ مولانه عاصم عمر
    تصويرون نيٽ تان ورتل.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 مارچ 2014
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,665
    ورتل پسنديدگيون:
    6,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    بهترين ڄاڻ. مولانا عاصم عمر جا دجال متعلق ٻيا ڪتاب به پڙهڻ جهڙا آهن. جهڙوڪه ”دجال ڪون ؟ ڪب؟ اور ڪهان ؟“ وغيره
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    برمودهه ٽڪنڊي جو اسرار....!!!
    [​IMG]
    اتر آمريڪا جي سامونڊي پٽي وٽ ميامي ڀرسان بحرالڪاهل ۾ برمودهه جي ٻيٽن ۽ پورٽو ريڪو سان ٺهندڙ هي ٽڪنڊو سڄي دنيا لا هڪ چيلينج بڻجي چڪو آهي، چيو وڃي ٿو ته ڪا اهڙي پر اسرار قوت هن علائقي مان گُذرندڙ هوائي جهاز ۽ بحري جهاز غائب ڪري ڇڏيندي آهي. مختلف سائنسدان ۽ پراسراريت جا ماهر انهن جهازن جي گمشدگي جا ڪيترائي ڪارڻ ٻُڌائيندا آهن. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪا پراسرار ڪشش، مقناطيس جي ڪا قوت يا ڪا اهڙي سمجهه ۾ نه ايندڙ طاقت ان علائقي ۾ ضرور موجود آهي جيڪا اتي پهچندڙ هر شي کي غائب ڪري ڇڏي ٿي.
    برمودهه ٽڪنڊي بابت دنيا آڏو سڀ کان پهرين ڪرسٽوفر ڪولمبس پنهنجي ڪتاب ۾ ان علائقي جو ذڪر ڪيو هو. 15 صدي جي آخر ۾ آمريڪا جي سفر دواران جڏهن ڪولمبس دنيا جي چوڌاري چڪر لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا کي دريافت ڪيائين ان دوران هو برمودهه ٽڪنڊي جي علائقي مان به گُذريو هو اتي پيش ايندڙ عجيب مشاهده دنيا آڏو پيش ڪيائين. (ڪجهه جو ذڪر اسان ڪتاب برمودا تڪون اور دجال، ليکڪ مولانه عاصم عمر جي حوالي سان مٿي ڪري آيا آهيون.)

    برمودهه ٽڪنڊو ۽ قطب نما..!!
    هن علائقي ۾ ايترن وڏن جهازن جو اوچتو ۽ پر اسرار نموني غائب ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن..؟
    مختلف ماڻهو مختلف ٿيوريون ٻڌائيندا آهن. ڪجهه ماڻهو سمجهندا آهن ته هي علائقو هڪ باب (دروازو) آهي جنهن ذريعي ٻي دنيا جي مخلوق هن دنيا ۾ داخل ٿيندي آهي. ڪجهه ماڻهو هن کي وقت جو خلا به چوندا آهن جتي پهچي وقت رڪجي وڃي ٿو ۽ هر شي غائب ٿي وڃي ٿي، اڪثر تنقيد ڪندڙ هن سڄي قصي کي ئي غير حقيقي سمجهندا آهن.
    بحرحال ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته برمودهه ٽڪنڊي مان گذرندي بحري ۽ هوائي جهاز گم ٿي ويندا آهن.

    [​IMG]
    دنيا ۾ اهڙيون ٻه جايون آهن جتي قطب نما (ڪمپاس) جي مقناطيسي سوئي اتر طرف مڙڻ بدران Arctic ڏانهن ٿي ويندي آهي. برمودهه ٽڪنڊي جيان هڪ ٻي جڳهه جاپان جي اتر ڪناري ويجهو آهي جنهن کي شيطان جو ٽڪنڊو يا ڊريگن ٽڪنڊو (Dragon's Triangle) به چوندا آهن، اتي به ڪيترائي پر اسرار واقعا ٿيندا رهندا آهن.

    برمودهه ٽڪنڊي جو هڪ ناقابلِ يقين واقعو..!!
    فلائٽ 19، آمريڪا جا 6 جهاز مريخ جي سفر تي...!!
    سال 1945 مهينو ڊسمبر تاريخ 5، ڪنهن کي اها خبر نه هئي ته شيطاني ٻيٽن واري ان علائقي جو نالو برمودهه ٽڪنڊو پئجي ويندو ۽ سڄي دنيا هن علائقي کي دهشت ۽ خوف جي نظرن سان ڏسڻ لڳندي..!! اها ڳالهه به غور طلب آهي ته بغير ڪنهن تحقيق جي سمنڊ جي هڪ مخصوص علائقي کي ٽڪنڊي جو نالو ڇو ڏنو ويو..!!؟ آمريڪا جي چوٽي جي ماهرن هڪ پريس ڪانفرنس ۾ هن علائقي کي برمودهه ٽڪنڊو سڏيو. ڪٿي دجال جي ٽڪنڊي يا يهودي خفيه تحريڪ فريميسن جي ٽڪنڊي سان هن جڳهه جي ڪا نسبت ته ناهي..!!؟ بحرحال ڪو به ماڻهو ڪا به ڳالهه تصديق سان نٿو چئي سگهي.
    اهي سڀ ماهر ۽ تجربيڪار پائيليٽ هئا. پنهنجي پيشي جا ماهر، ان وقت جي جديد ۽ بهترين بمبار جهازن کي اڏائڻ لا تيار ٿي رهيا هئا. سڀ جهاز سندن آزمايل هئا، موسم جي گهٽ وڌائي جو به کين چڱي طرح علم هو پر بد قسمتي سان برمودهه جي فضائن ۾ اوچتو ئي اوچتو گم ٿي ويا.!!
    اهي جهاز هڪ يا ٻه نه پر 5 جهاز گڏ غائب ٿيا هئا...!!

    [​IMG] [​IMG] [​IMG]
    5 ڊسمبر 1945ع اندازن 2 لڳي 10 منٽن تي آمريڪي رياست فلوريڊا فورٽ لاڊر ڊيل (Fort Lauderdale) ايئر بيس کان فلائيٽ 19 جا پنج جهاز (Avengerz) جهاز اڏيا ۽ پنهنجن مقرر روٽن تي ڪجهه چڪر لڳايائون. ان کان پو اٽڪل 4 وڳي ايئر بيس کي انهن پنجن مان هڪ جهاز جي پائيليٽ پاران هڪ پيغام مليو، جنهن ۾ اسڪوارڊن ڪمانڊر زور زور سان چئي رهيو هو ته...
    پائيليٽ: اسان کي عجيب صورتحال پيش اچي رهي آهي....ايئن ٿو لڳي ته اسان پنهنجي روٽ کان بلڪل هٽي ويا آهيون... مونکي زمين نظر نه پئي اچي.....مون کي زمين نظر نه پئي اچي..!!
    ايئر بيس: توهان ڪهڙي جا تي آهيو..؟
    پائيليٽ: مونکي پنهنجي جڳهه جي ڪا خبر ناهي....مونکي بلڪل خبر ناهي ته اسان ڪٿي آهيون....مان سمجهان ٿو اسان فضائن ۾ ئي ڪٿي گم ٿي ويا آهيون.....
    ايئر بيس: اولهه واري پاسي اڏام جاري رکو..
    پائيليٽ: مونکي خبر ناهي ته اولهه ڪهڙي پاسي آهي...هر شي عجيب نظر پئي اچي...مان ڪنهن طرف جي سڃاڻپ نٿو ڪري سگهان...سمنڊ به عجيب شڪل ۾ نظر پيو اچي....مان ان کي به درست سڃاڻي نٿو سگهان....

    ايئر بيس ۾ موجود سڄو اسٽاف تمام گهڻو پريشان هو...کين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي ته ماهر پائيليٽ طرف کي ڇو نه پيا سُڃاڻي سگهي...ڇاڪاڻ جو سندن جهازن جو نيوي گيشن نظام ( جهاز ۾ طرف سڃاڻڻ وارو سسٽم) ڪم نه ڪري رهيو هو. ان وقت سج لهڻ جو وقت به هو ۽ پائيليٽ سج کي لهندي ڏسي آساني سان اولهه واري پاسي کي سمجهي سگهيو پئي پر ان جي باوجود پائيليٽ چئي رهيو هو ته کيس طرف جي خبر نه پئجي رهي آهي..!!
    ڪجهه ئي دير ۾ ان پائيليٽ ۽ ايئر بيس جي وچ ۾ رابطو ٽٽي ويو. ان پيغام کان علاوه ايئر بيس ڪجهه ٻيا پيغام به ريڪارڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو جيڪي ٻين جهازن جا پايليٽ هڪ ٻئي کي ڏئي رهيا هئا. جنهن مان خبر پئجي رهي هئي ته سڀ پائيليٽ هڪ ئي قسم جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا هئا.
    ڪجهه دير کان پو هڪ ٻئي پائيليٽ جارج اسٽيورز جي گهٻرايل آواز ٻڌڻ ۾ آئي، هو چئي رهيو هو ته اسان يقين سان نٿا چئي سگهون ته هن وقت اسان ڪٿي آهيون...شايد اسان ايئر بيس کان 225 ميل پري اتر اوڀر طرف اڏامي رهيا آهيون.......پو ٿوري دير کان پو سندس آواز آيو ته ايئن پيو لڳي ڄڻ اسان سفيد پاڻي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون...اسان مڪمل طور تي پنهنجو روٽ وڃائي چڪا آهيون...!!

    ۽ ان کان پو اهي 5 ئي جهاز هميشه هميشه لا برمودهه ٽڪنڊي جي پاڻي يا فضا ۾ غائب ٿي ويا...!!

    انهن پنجن جهازن جي ڳولها لا انهي ڏينهن 5 ڊسمبر شام 7 لڳي 30 منٽن تي مارٽين ميرينر (Martin Mariner) نالي هڪ امدادي جهاز روانو ڪيو ويو. هي جهاز امدادي ڪمن لا مخصوص هوندو هو، اهو جهاز پاڻي تي لهڻ ۽ ترڻ جي صلاحيت به رکندڙ هو ته جيئن جيڪڏهن ڪو جهاز پاڻي ۾ ڪري به پوي ته اتي ريسڪيو آپريشن ڪري سگهجي.
    [​IMG]
    مارٽين ميرينر پنجن جهازن جي گم ٿيڻ واري مقام تي پهچي ايئر بيس سان رابطو ڪيو پر جلد ئي ان جهاز جو رابطو به ٽٽي ويو ۽ اهو به ايئن غائب ٿي ويو جو پو ڪا به خبر نه پئجي سگهي..!!
    ان کاپو فورن انهن 6 جهازن جي ڳولها لا آمريڪي فضائيه ۽ بحريه ڪوسٽ گارڊ حرڪت ۾ اچي ويا. انهن سڄي علائقي جي فضائن ۽ سمنڊ جي هڪ هڪ حصي تي ڳولها ڪئي پر وڃايل جهازن جو ڪو به ڏس پتو ملي نه سگهيو.
    انهي رات دير سان ايئر بيس کي هڪ غير واضح پيغام مليو

    FT...FT.....
    پيغام ڏيڻ واري جي زبان ۾ لرزش به هئي. ان پيغام ايئر بيس ۾ موجود هر ماڻهو کي اڃا به وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو، ڇو جو هي ڪوڊ وڃايل فلائيٽ 19 جو عملو استعمال ڪندو هو، ان جو مطلب اهو هو ته انهن گم ٿيل جهازن مان ڪو ماڻهو اڃا تائين زندهه آهي....پر ڪٿي آهي...!؟؟ اها خبر ڪنهن کي به نه هئي.
    هن پيغام کان پو سڄي علائقي جي چپي چپي کي ٻيهر ڏٺو ويو پر اهو رابطو ڪهڙي جڳهه تان ڪيو ويو ۽ ڪنهن ڪيو؟ ڪا خخبر پئجي نه سگهي.....ڇا برمودهه جي پاڻي ۾ انهن سڀني جهازن کي اغوا ڪيو ويوهو...؟ ان جو جواب اڄ تائين هڪ راز آهي.

    [​IMG] [​IMG]
    ڪوسٽ گارڊ انهن جهازن کي سڄي رات ڳولهيو ۽ پو ٻئي ڏينهن انهن غائب ٿيل جهازن جي ڳولها لا اٽڪل 3 سؤ ننڍا جهاز ۽ ڪيتريون ئي ٻيڙيون ۽ آبدوزون ان علائقي ۾ موجود هيون. برطانيه جي فوج به پهچي وئي، پر ڪنهن کي به ڪا خبر نه پئجي سگهي ته انهن جهازن کي ڪهڙو حادثو پيش آيو هو.....۽ اهي اوچتو ڪيڏانهن غائب ٿي ويا ..؟
    هن حادثي جي تحقيق لا ماهرن جي هڪ ٽيم( ڪميٽي) به ٺاهي وئي ته جيئن حادثي بابت تفصيل معلوم ٿي سگهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته اها ڪميٽي تحقيق ته پري ڪا وضاحت به نه ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو اندازو بيان ڪري سگهي. ڪميٽي جي سربراهه پاران صرف هڪ بيان جاري ڪيو ويو ته اهي جهاز ۽ انهن جو سڄو عملو شايد ڪٿي لڪي ويا آهن ڄڻ اهي سڀ مريخ تي هليا ويا آهن...!!
    هتي هي سوال به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن انهن جهازن کي ڪو حادثو پيش به آيو هو ته پو پائيليٽ لائف جيڪيٽ سميت جهاز مان ٽپو ڇو نه ڏئي سگهيا، ڇا انهن کي ايتري مهلت به نه ملي سگهي..؟
    ٻي غور طلب ڳالهه اها آهي ته سڀ جهاز شام جي وقت غائب ٿيا هئا ۽ ان کان پو جلد ئي انهن جي ڳولها لا ٻيا جهاز روانا ٿيا جن کي ڪو به نقصان نه پهتو ۽ کين اتي ڪا به شي يا ملبو نظر نه آيو، پو رات جو دير سان جيڪو پيغام مليو اهو ڪٿان ڪيو ويو هو...؟

    [​IMG] [​IMG]
    حادثي جي وقت موجود عيني شاهدن جا بيان به ڪجهه پر اسرار شين ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن. مثال طور انهن جهازن جي ڳولها ۾ ويل هڪ ٻيڙي وارن اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته سمنڊ جي پاڻي جو هڪ حصو وڏي ڌنڌ ۾ لڪل آهي ۽ ان مٿان هڪ ٻيو سفيد ڌوهون داخل ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته مختلف موقعن تي اڙن طشترين کي به ان ڌنڌ ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ويو آهي.

    هن جهان ۾ الله پاڪ جا لکين ڪروڙين راز لڪل آهن، انهن مان برمودهه ٽڪنڊو به هڪ پر اسرار راز آهي، جنهن کي ڪو به انسان اڄ تائين سمجهي نه سگهيو آهي.
    برمودهه ٽڪنڊي اڄ تائين 21 هزار بد نصيب ماڻهن جي جان ورتي آهي ۽ بحري جهازن جي تعداد 57 ٻُڌائي وڃي ٿي جن ۾ هوائي جهاز به شامل آهن.
    انسان چاهي جيتري به ترقي ڪري پر جيستائين الله پاڪ نه چاهيندو ان وقت تائين هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. بيشڪ الله جا راز صرف الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 مارچ 2014
    17 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين سلسلو، ان سلسلي ۾ معلومات تمام گهڻي لڪيل آهي، ان سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪائنات ۾ ڪجهه اهڙا راز به آهن جيڪي هٿ ڪرڻ عام انسان جي وس جي ڳالهه ناهن، اهڙو ئي هڪ راز برمودا ٽڪندو به آهي
    ڪجهه ماڻهن اتي موجود قوتن کي شيطان سان منسوب ڪن ٿا ته ڪجهه وري انهن قوتن کي رحمان سان منسوب ڪن ٿا.
    بهرحال هاڻوڪي واقعي واري جڳهه تي برمودا کان بلڪل پري آهي، ان کي ڇا ڪري سڏيون؟ ڇا ٽيڪنالاجي فيل ٿي وئي؟ ان ٽيڪنالاجي کي فيل ڪنهن انسان ڪيو يا پاڻ مرادو فيل ٿي وئي..؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,757
    ورتل پسنديدگيون:
    2,734
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    تمام بهترين معلومات

    مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    سائين ممتاز قريشي صاحب !
    توهان تمام سٺي معلومات ڏني آهي.
    اهڙيون ڪوششون جاري رکو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. واجد علي سومرو

    واجد علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مارچ 2014
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    حيرت آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    تمام تفصيلي ۽ معياري معلومات آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,415
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين ممتاز قريشي صاحب مونکي ان بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪون هوئي مون ان کي قدرت جي نظام سمجهي رهيو هس پر توهان جي تفصيلي آرٽيڪل ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهين جنم ورتو آهي جنهن کي نئي سر ڳولڻو پوندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا...برمودهه ٽڪنڊي بابت ڪافي ريسرچ ٿي رهي آهي. ان بابت تازه تحقيقي مضمون مختلف سائنسي ميگزينس ۾ پڻ ڇپيل آهن.ان کان علاوه ڪجهه ڳالهيون مذهبي نڪته نظر سان به بيان ڪيون وينديون آهن...انهن تي به ڪافي ڪجهه لکڻ جي ضرورت آهي.
    اڄڪلهه ڪجهه ٻيون مصروفيتون وڌي ويون آهن. وقت مليو ته مستقبل قريب ۾ برمودهه ٽڪنڊي بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. انشاالله.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    461
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    بھترين معلوماتي آرٽيڪل. . . زبردست
     
  13. زاھد مگسي

    زاھد مگسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    65
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    ڪمپوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    زبردست معلومات.....
     
  14. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    جس لهڻي سڀني دوستن جن محنت ڪري اسان تائين اهڙي ڄاڻ پهچائي..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو