Sindhi Media
سينيئر رڪن


جي توهان هن اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي حفاظت ڪري سگهيئو ته ٻولي جي حفاظت به ڪري سگهندئو!
جي توهان هن اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي حفاظت ڪري سگهيئو ته ٻولي جي حفاظت به ڪري سگهندئو! جي واقعي سنڌيت جا دعويدار ۽ سنڌي ٻوليءَ جا حُبدار آهيو ته پهرئين پنهنجي تبديل ڪيل اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي ترتيب ته اپنايو ۽ انهن گُهوسڙو ماسترن ۽ ڪمائو پبلشرن تي زور ڀريو ته سنڌي پٽي (تختي) هن ريت جيڪا اصلي آهي پڙهائين، لکائين ۽ پرائمري ٻارن کي رٽائين. جي توهان هي پهريون مرحلو صحيح ڪرائي ويا ته سمجهبو ته واقعي توهان اصلي سنڌي ٻوليءَ جا پاسبان آهيو ۽ تهذيب، ڪلچر ۽ تمدن جي پاسباني به ڪري سگهو ٿا نه ڪه ڍول تاشن ۽ شرنائين تي رُڳو نچڻ ۽ ڪُڏڻ وارا مڱڻهار.
هي سنڌي اسلي پٽي(تختي) جيڪي ڀوتارن جي درباري ليکڪن ، اديبن ، شاعرن، قلم ڪارن هر محفل جي آخر ۾ ڀوتارن جي پُڇ ۾ لٽڪي، اوطاقن ۽ اوتارن تي ويهي سُلفين جي سُوٽن، ٺَرن جي ڍُڪن ۽ ڀَنگ جي نشن ۾ جهومي هوش وڃائي بدلائي ڇڏي آهي. گواه بڻجو ته اهڙا ليکڪ ، اديب، ڏاها ، شاعر اوهان هر محفل جي اختطام تي ضرور جهومندي ڏٺا هوندا ته سُڃاڻو اهڙن ٻولي جي دُشمنن کي جيڪي گهر ۾ کاٽ پيا هڻن ۽ باغي ٿيو اهڙي ڪوڙي سماج کان جيڪو اصل دُشمن آهي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جو ۽ گهر ۾ ئي پلجي پيو ڀوتارن جي ڪڇن ۾ ويهي.
هر سال ڪلچر ڏهاڙن تي ، قومي ٻوليءَ جي حفاطت ۽ ڏهاڙي تي الاهين (گهڻن) دوستن ٻوليءَ سان وفا جو قسم کنيو هوندو ۽ هو واقعي مُسلسل قومي ٻوليءَ جا بينر، پينا فيڪس وغيره به خوبصورت اندازن ۾ پکيڙي رهيا آهن. پر غلط آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ انتشار ان ڪري به پئجي ويو آهي جو ٻوليءَ ۾ ٻيا به گهڻا ڌاريان اسڪرپٽ وُجود ۾ آندا پيا وڃن جڏنهن ته هن ٻوليءَ جي سنڌي اوريجنل سنڌي اسڪرپٽ جيڪو هتي ڏيکاريو ويو آهي کي انتهائي سائنسي طريقي سان ڊزائين ڪيو ويو هو جنهن کان بهتر سنڌي ٻوليءَ جي انگن اکرن کي پيش ڪرڻ جي ٻي ڪا به بهترين ترتيب نٿي ٿي سگهي.
ٻوليءَ سان حقيقي مُحبت ڪندڙن کي عرض ته ڀلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريان لفظ وجهي هُن جا ٻيا اسڪرپٽ ڀلي ٺاهيو پر هن تختي جي پنهنجي اصلي ترتيب هرگز نظر انداز نه ڪيو ۽ نه بدليو. جي توهان هن معمولي ترتيب کي نظر به بي ڌياني ۾ انداز ڪندا ويندا ته اڳتي هلي ٻوليءَ جي حفاظت خاڪ ڪري سگهندئو. اچو ته ڏسون ته جنهن مُحترم انگريز صاحب هن عربي رسم الخط ۾ سنڌي الفا بيٽ لکي هُئي اُن ۾ هُن ڪهڙيون جاميٽريءِ جو رمضون استعمال ڪيو هُيون. جيڪي جُذ هُن استعمال ڪيا اُنهن جي ترتيب ٽٻڪن، ٿالهين، ڪنڊن اُڀي، ترکي، سڌي لائينن سان ترتيب ڏني. شڪل مان واضح آهي.
ا (الف انب) پهرئين عمودي لائين، پوءِ هڪ ٿالهي وڇائي ان جي هيٺان ٽٻڪن جي ترتيب جهڙوڪ (ب) بي بلان ، (ٻ) ٻي ٻڪري ٻه ٽٻڪا، (پ) پي پلو ، ٽي ٽُٻڪا ۽ (ڀ) ڀي ڀولڙو چار ٽٻڪا . ساڳيءَ ٿالهيءَ کي وڇائي پوءِ وري مٿان ٽٻڪن جي ترتيب ڏني وئي (ت، ٺ ، ٽ، ث، ٿ). مهرباني ڪري پنهنجي بينرن ۽ پينافڪس ۾ پٽيءَ جي ترتيب به ائي صحيح ڪري لکو ۽ سنڌي ٻوليءَ جوي حفاظت ڪريو.
جن به تعليمي کاتي وارن استادن ، دوستن نادانيءَ ۾ سنڌي الفا بيٽ جي ترتيب تبديل ڪري پيش ڪئي آهي يا پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهائين پيا يا جن به سنڌي ڪتاب غلط الفا بيٽس سان لکي سنڌي پرائمري شاگردن جي ذهنن کي تبديل ڪرايو آهي اُهي جي سچا قوم پرست ۽ ٻوليءَ جا عاشق آهن ته اصلي سنڌي الفا بيٽس، اصلي سنڌي شاعري يا ادب لکن ۽ سنڌي خالص مُحاورا ۽ ڳُجهارتون ئي پيش ڪن. ياد رهي ته اسانجي ٻولي سنڌي، اڙدو ٻوليءَ وانگر خيمن يا لشڪرن جي ٻولي ناهي جنهن ۾ گهڻن زبانن کي وجهي پروان چڙهايو پيو وڃي پر هي هڪ 5000 سالن جي تهذيب رکندڙن جي ٻولي آهي جنهن جا مالڪ موجود آهن ۽ جيڪا علم جي ادارن ۾ وڌي جوان ٿي آهي نه ڪي بي مالڪ بي گهر اُڙدوءَ جيان خيمن يا لشڪرن ۾ پروان ٿيندڙ نڌڻڪي ٻولي. جنهن جو مالڪ هرڪو ٿي سگهي ٿو.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: