• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي شهر ۽ سنڌ سلامت جي ميمبر سان ملاقات

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
السلام عليڪم !
سنڌ سلامت جي ميمبرن ۽ سڀني دوستن کي اهو ٻڌائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته آ ڪراچي شهر ۾ ٻن ڏينهن لا ويل هئس ، هت دوستن سان ملاقاتون پڻ ٿيون ، جن ۾ محترم ممتاز قريشي صاحب کان اسپيشل ملاقات ٽائم ورتم ۽ ساڻس ميمڻ هاسپيٽل ۾ ملاقات ٿي تنهن کان پو اسان جي هن پياري دوست سان خوب ڪچهريون ٿيون سندن ضيافت بعد محترم سليمان وساڻ ۽ محترم نثار ابڙو صاحب جن کان ٽائم ورتو سين محترم ممتاز قريشي صاحب جي معيت ۾ وڃي خيرن سان سچل ڳوٺ پهتاسين هت سائين محترم سليمان وساڻ وٽ وڃي مهمان ٿياسين جتي سائين سليمان وساڻ سائين غلام مرتضى وساڻ ۽ محترم نثار ابڙو صاحب جن سان ملاقات ٿي ۽ بعد ۾ ادا نثار ابڙو صاحب پنهنجي ” سنڌ سلامت ريسٽورنٽ” وٺي ويا ۽ اسان جي ميزباني ڪيائون . دوستن سان ڏاڍو ملندي خوشي محسوس ٿي دوستن جي محبت ۽ پيار ۽ خلوص ڪڻي موڪلاڻي ڪئي سين تنهن کان پو محترم ممتاز قريشي صاحب جي معيت ۾ شاراه فيصل تائين پهچي سندن کان موڪلايوسين ۽ وڃي چوڪنڊي ۾ پنهنجي مائٽن وٽ روانا ٿياسين ، اچر ڏينهن سائين نور احمد ميمڻ صاحب ” حڪمت قرآن انسٽيوٽوٽ ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي جا ڊائريڪٽر وٽ خصوصي دعوت رکيل هئي جنهن ۾ شرڪت ڪئي سين . . . . ڪجه دوستن سان ملاقاتون رهجي ويون جن ۾ ممتاز علي وڳهيو صاحب ۽ ڀا منظور ڪلهوڙو صاحب جن سرِفهرست هئا پر ڪن مجبورين سبب ملاقات نه ڪري سگهياسين ان شاء الله وري ڪو موقعو ڪراچي اچڻ ٿيو ته ملاقات ڪنداسين .

ڪجه تصويرون هن نسبت سان جلد ونڊ ڪبيون ان شاء الله !
 
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ...

لک قرب جو اوهان قرب جا قدم ڀري اسان جي اڱڻ تي آيا. سچ پڇو ته جڏهن به سنڌ سلامت جا دوست گڏ ٿيندا آهن ته خوشي جي انتها نه هوندي آ. جيتوڻيڪ اوهان ميزباني جا فرض پورا ڪرڻ نه ڏنا پر اوهان سان ملاقات سچ ته سڀ کان وڌيڪ قيمتي لڳي.

سدا خوش هجو ۽ جڏهن به ڪراچي اچو ته اسان جي اڱڻ جو ڀيرو ضرور ڀريو.
 
شل ائين ئي ميلا متل هجن شال سدائين اهي سنگتون ائين ئي قائم هجن.
وسلام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
96dy52.jpg

سائين محترم ڊاڪٽر ممتاز قريشي صاحب جن سان گڏ ميمڻ هاسپيٽل ۾ نڪتل تصوير
lupzr.jpg
 
سنڌ سلامت ريسٽورنٽ تي نڪتل تصوير

محترم سليمان وساڻ ، محترم ڊاڪٽر ممتاز قريشي ، محترم سائين نثارا بڙو صاحب، محترم غلام مرتضى وساڻ ۽ احقر افتخار علي چوهاڻ

jb47s4.jpg

دي گريٽ صد احترام محترم نثار ابڙو صاحب سان گڏ جنهن سان ڪيرتن سالن تائين سڪندي نيٺ آخر ملاقات جو شرف حاصل ٿيو (جنهن لاءِ سائين ڊاڪٽر ممتاز قريشي صاحب جن جو نهايت ٿورائتو آهيان .

eafx8n.jpg
 
حڪمت قرآن انسٽيوٽ ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي جو باني محترم سائين نور احمد ميمڻ صاحب جن سان اداره حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ۾ نڪتل هڪ يادگار تصوير
14vr6mf.jpg
 
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ...

لک قرب جو اوهان قرب جا قدم ڀري اسان جي اڱڻ تي آيا. سچ پڇو ته جڏهن به سنڌ سلامت جا دوست گڏ ٿيندا آهن ته خوشي جي انتها نه هوندي آ. جيتوڻيڪ اوهان ميزباني جا فرض پورا ڪرڻ نه ڏنا پر اوهان سان ملاقات سچ ته سڀ کان وڌيڪ قيمتي لڳي.

سدا خوش هجو ۽ جڏهن به ڪراچي اچو ته اسان جي اڱڻ جو ڀيرو ضرور ڀريو.

ادا سليمان لک قرب ڀا ان شاء الله ضرور ڦيرو ڀرنيدا رهنداسين . اوهان سان قرب جون گهڙيون اڃان محسوس ڪري رهيو آهيان ، شل آباد ۽ سرها هجو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
شل ائين ئي ميلا متل هجن شال صدائين اهي سنگتون ائين ئي قائم هجن.
وسلام
مهرباني ڀا ڏاڏل ، دوست جيڪر ممتاز علي وگهيوصاحب سان رابطو ٿئي ها ته ضرور اوهان سان به ملاقات ٿئي ها پر الا ڇا جي ڪري ممتاز علي وگهيو جو موبائل ئي بند رهيو انهن ڏينهن ۾ !!
 
دوستن سان ملاقات تی خوشی تهی. پر عجب اتفاق جو جادوگر صاحب سان شاید اوهان جی ملاقات نه تهی شاید موکل تی هجن.
اوهان جی ریس تی سنده سلامت ریسٹورینٹ ڈسٹ جی سک لگی تهی. ضرور جلد اتی سائین نثار جن وٹ حاضری بهرائبی ان شاء اللہ. سلیمان کی به ڈٹهی مهینا تهی ویا آهن. خوش هجن پیارا پرین.
 
خوشي ٿي ته اوهان ڪراچي آيا ۽ دوستن سان مُلاقات ٿي. سچل ڳوٺ ۾ رهندي اهو موقعو خوب ملندو هو ته سنگت سان ملندو رهجي. بيشڪ ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ سنڌ جا سڀ رستا ڦِري سِري رڳن وانگي اچي انهي دل تي ڳنڍٻا آهن پر الائي ڪنهن جي نڀاڳي نظر هن شهر جون رونقون کَسي ورتيون آهن. روشنين جي هن شهر کي ظلم و ستم سان دهشتگردي جي انڌيرن ۾ ڌِڪيو ويو آهي. پر پوءِ به هي شهر اهڙو آهي جتي وڃڻ بنا رهيو نه ٿو ٿئي.
 
ادا افتخار چوهاڻ صاحب السلام عليڪم!ادا توهان ڪراچي آيو ۽ موٽي واپس هليا ويوبغير اسان سان ملڻ جي، اهو ته هڪ زيادتي وارو عمل ٿئي ويو.توهان جهڙي سڄڻن سان ملاقات جي خواهش ڪافي وقت کان اسان دل ۾ رکيو پيا اچون. بهرحال توهان جي ملاقات اسان جي ڪکائون اڱڻ جي روح رواڻ محترم نثار ابڙو صاحب ، ادا سليمان وساڻ ، ڊاڪٽر ممتاز قريشي جن سان ٿئي ،اميد ته اوهان کي انهن ڏاهن جي صحبت ۾ تمام گهڻو لطف آيو هوندو.اسان کي اندازو آهي ته اوهان جيڪي سڀ علم جا درياه گڏ ٿيا هوندا ته ڪافي ساريون سٺين ڳالهيون عالم اشڪار ٿيون هونديون ۽ تشنگيون ختم ٿئي ويون هونديون. توهان جي ڪراچي ۾ آمد ۽ واپس موٽي وڃڻ جي باري ۾ ٻڌي خوشي ٿئي. هميشه الله سائين جي حفاظت ۾ هجو.آمين.
 
ادا افتخار جا لک ٿورا...پاڻ اسان غريبن جي اڱڻ تي آيا ۽ اسان جو مان مٿاهون ڪيائون... :)
اڄڪلهه جي مصروف زندگي ۾ ڪنهن پنهنجي لاءِ ڪجهه وقت ڪڍڻ مان سمجهان ٿو هن دور جو سڀ کان ڀلو ڪم آهي.
ڪراچي شهر جتي ماڻهو پنهنجي ڀرسان رهندڙن کي به ڪو نه سڃاڻن اُتي پري پري رهندڙ دوست سنڌ سلامت جي حوالي سان ڳنڍيل رهن ۽ پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون سنگت لا به ڪڍن سچ پچ اهي ماڻهو عظيم آهن.

اهو سڄو ڪريڊٽ سنڌ سلامت ڏانهن وڃي ٿو... هي اڱڻ فاصلي کي يا ڪنهن ملڪ جي سرحد کي ڏسڻ بنا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر مڪتبه فڪر جي سنڌين کي ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو...
بيشڪ هن فورم وسيلي سڄي دنيا ۾ مختلف ڏورانهن هنڌن تي رهندڙ سنڌي دوست ڏور هوندي به دلي طور ڳنڍيل آهن..
سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي سلام.
 
افتخار چوهاڻ صاحب ميلا مچندا رهن دوست ملندر رهن

سچ پڇيو ته ڪافي وقت ٿيو آهي ته سنگت سان ملاقات نه ٿئي آهي خاص طور تي سائين غلام مصطفي ميمڻ ۽ سائين نثار ابڙو ، سليمان صاحب ،رشيد سمون صاحب ، غلام مرتضي صاحب ، پريو عرس صاحب

انشا الله ڪو جلد پروگرام رکبو

آمين
 
طاهر سنڌي :

مهرباني ادا طاهر سنڌي ! جي بلڪل سائين عبدالرشيد سمون صاحب ڳوٺ ويل هئا تنهن ڪري ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي . سنده سلامت رسٽورينٽ پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ هئي ، سائين محترم نثار اٻڙو صاحب جن ريسٽورينٽ تي اڃان ڪم ڪري رهيا هئا ، اسان جي سعادت ٻڻي جو اسين ابتدائي مرحلي ۾ سنڌ سلامت ريٽورينٽ ڏٺو سين ، دعا آهي الله سائين کان ته سائين نثار جون محنت سفل ٿئي سندن ريسٽورينٽ لا دعاگو آهيون .

عبدالحفيظ لغاري

مهرباني دوست ! منهنجي ذهن ۾ اهو هو ته اوهان اڃان ترڪي ۾ آهيو ، سڄل ڳوٺ ۾ سائين ممتاز قريشي سان اوهان جو تذڪرو خير ٿيو تڏهن خبر پئي ته اوهان ڪراچي موٽي آيا آهيو. وقت جي ڪمي ڪري سچل ڳوٺ ۾ گهڻو ٽائم نه ڏئي سگهياسين تنهن ڪري اوهان سان نه ملڻ جي ڪمي محسوس ٿي ، ان شاء الله وري پيا ميلا مچندا ، ملاقاتون پيون ٿينديون ،

عاشق سولنگي
تمام زبردست سائين شل سدائين ائين ئي ميلا قائم ۽ دائم ھجن.

مهرباني ادا عاشق سولنگي صاحب . اوهان کي به عرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سلامت ۾ وقت سر ڦيرو ڏيندا رهندا ڪريو ، فورم مان گهڻو عرصو جدائي ڪرڻ سٺي ڳالھ نه آهي . اوهان جي چاهيندڙ اوهان جي ڪمي برابر محسوس ٿا ڪن جن مان هڪ آئون به آهيان .

غلام مصطفى ميمڻ
ادا افتخار چوهاڻ صاحب السلام عليڪم!ادا توهان ڪراچي آيو ۽ موٽي واپس هليا ويوبغير اسان سان ملڻ جي، اهو ته هڪ زيادتي وارو عمل ٿئي ويو.توهان جهڙي سڄڻن سان ملاقات جي خواهش ڪافي وقت کان اسان دل ۾ رکيو پيا اچون. بهرحال توهان جي ملاقات اسان جي ڪکائون اڱڻ جي روح رواڻ محترم نثار ابڙو صاحب ، ادا سليمان وساڻ ، ڊاڪٽر ممتاز قريشي جن سان ٿئي ،اميد ته اوهان کي انهن ڏاهن جي صحبت ۾ تمام گهڻو لطف آيو هوندو.اسان کي اندازو آهي ته اوهان جيڪي سڀ علم جا درياه گڏ ٿيا هوندا ته ڪافي ساريون سٺين ڳالهيون عالم اشڪار ٿيون هونديون ۽ تشنگيون ختم ٿئي ويون هونديون. توهان جي ڪراچي ۾ آمد ۽ واپس موٽي وڃڻ جي باري ۾ ٻڌي خوشي ٿئي. هميشه الله سائين جي حفاظت ۾ هجو.آمين.

وعليڪم السلام ! محترم سائين واقعي منهنجي طرفان اها زيادتي برابر ٿي آهي جنهن جي ڪري ڪراچي جي دوري ۾ هڪ خال رهجي ويو . ڪي اپا ته مون ورتا هئا اوهان سان ملڻ لا پر . . . .
ڪراچي اچڻ ۽ دوستن سان روبرو ملڻ جو اصل مقصد پاڻ ۾ حجاب ٽوڙڻ ۽ هڪ ٻي کي ويجهي کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ هو . جيڪا ڳالھ خط ڪتابت يا اڻ سڌي طرح سان ٿئي ٿو روبرو ملاقات ۾ هن کان وڌيڪ سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿيندو آهي . اها نيت کڻي دوستن وٽ وڃي مهمان ٿياسين ، دوستن سان توڻي جو تفصيلي ڳالھ ٻولھ نه ٿي سگهي پر پاڻ کي ويجهي کان ڏسي ڪري خوشي محسوس ڪئي سون ائين پئي لڳو ڄڻ وڏي ڪا جدائي ٿي هئي جنهن جي پڄاڻي ٿي . دوستن سان انس ۽ محبت موٽ ۾ جيڪو مليو اڃان هن کي محسوس ڪندو آهيان . شل دوست خوش رهن ، پي ميلا مچن . اوهان سان ملاقات ويجهڙ ۾ ٿيندي ان شاء الله !

ممتاز قريشي
ادا افتخار جا لک ٿورا...پاڻ اسان غريبن جي اڱڻ تي آيا ۽ اسان جو مان مٿاهون ڪيائون... :)
اڄڪلهه جي مصروف زندگي ۾ ڪنهن پنهنجي لاءِ ڪجهه وقت ڪڍڻ مان سمجهان ٿو هن دور جو سڀ کان ڀلو ڪم آهي.
ڪراچي شهر جتي ماڻهو پنهنجي ڀرسان رهندڙن کي به ڪو نه سڃاڻن اُتي پري پري رهندڙ دوست سنڌ سلامت جي حوالي سان ڳنڍيل رهن ۽ پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون سنگت لا به ڪڍن سچ پچ اهي ماڻهو عظيم آهن.

اهو سڄو ڪريڊٽ سنڌ سلامت ڏانهن وڃي ٿو... هي اڱڻ فاصلي کي يا ڪنهن ملڪ جي سرحد کي ڏسڻ بنا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر مڪتبه فڪر جي سنڌين کي ڳنڍڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو...
بيشڪ هن فورم وسيلي سڄي دنيا ۾ مختلف ڏورانهن هنڌن تي رهندڙ سنڌي دوست ڏور هوندي به دلي طور ڳنڍيل آهن..
سنڌ سلامت جي سڄي سنگت کي سلام.
مهرباني ادا ممتاز قريشي صاحب ! بي شڪ ادا سنڌ سلامت ئي اهو محور آهي جنهن ڪري اسين پاڻ ۾ ميل ملاقات ڪندا آهيون ، ۽ هڪ ٻئي کي سڃاڻو ٿا ، دوستيون قائم ٿين ٿيون. بي شڪ اهو ڪريڊٽ ” سنڌ سلامت” ڏانهن ئي ٿو وڃي .
اوهان جا سنڌ سلامت لا اهي اکر تمام بهترين ۽ حقيقت تي مبني آهن .

ڦلپوٽو فقير
افتخار چوهاڻ صاحب ميلا مچندا رهن دوست ملندر رهن

سچ پڇيو ته ڪافي وقت ٿيو آهي ته سنگت سان ملاقات نه ٿئي آهي خاص طور تي سائين غلام مصطفي ميمڻ ۽ سائين نثار ابڙو ، سليمان صاحب ،رشيد سمون صاحب ، غلام مرتضي صاحب ، پريو عرس صاحب

انشا الله ڪو جلد پروگرام رکبو

آمين

مهرباني ادا ڦلپوٽو فقير صاحب ! جي ادا ضرور
 
مهرباني ادا طاهر سنڌي ! جي بلڪل سائين عبدالرشيد سمون صاحب ڳوٺ ويل هئا تنهن ڪري ساڻس ملاقات نه ٿي سگهي . سنده سلامت رسٽورينٽ پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ هئي ، سائين محترم نثار اٻڙو صاحب جن ريسٽورينٽ تي اڃان ڪم ڪري رهيا هئا ، اسان جي سعادت ٻڻي جو اسين ابتدائي مرحلي ۾ سنڌ سلامت ريٽورينٽ ڏٺو سين ، دعا آهي الله سائين کان ته سائين نثار جون محنت سفل ٿئي سندن ريسٽورينٽ لا دعاگو آهيون .

مهرباني دوست ! منهنجي ذهن ۾ اهو هو ته اوهان اڃان ترڪي ۾ آهيو ، سڄل ڳوٺ ۾ سائين ممتاز قريشي سان اوهان جو تذڪرو خير ٿيو تڏهن خبر پئي ته اوهان ڪراچي موٽي آيا آهيو. وقت جي ڪمي ڪري سچل ڳوٺ ۾ گهڻو ٽائم نه ڏئي سگهياسين تنهن ڪري اوهان سان نه ملڻ جي ڪمي محسوس ٿي ، ان شاء الله وري پيا ميلا مچندا ، ملاقاتون پيون ٿينديون ،

ر

ادا آئون اڃان تُرڪي ۾ ئي آهيان. ممتاز صاحب سان به رابطو رهندو آهي الائي ڇو کين اندازو ٿيو ته آئون واپس موٽي آيو آهيان.
 
ادا عبدالحفيظ... فيس بڪ تي ڪنهن ڪمنٽ ۾ توهان جي واپسي جو ذڪر پڙهيو هئم انڪري منهنجي ذهن ۾ هو ته شايد توهان موٽي آيا آهيو...
جڏهن ادا افتخار سان توهان جو ذڪر ٿيو ته کيس اهو ئي ٻڌايو هئم ته شايد توهان واپس اچي چڪا آهيو..
بحرحال معذرت، مون کي غلط فهمي ٿي هئي.
 
مهرباني ڀا ڏاڏل ، دوست جيڪر ممتاز علي وگهيوصاحب سان رابطو ٿئي ها ته ضرور اوهان سان به ملاقات ٿئي ها پر الا ڇا جي ڪري ممتاز علي وگهيو جو موبائل ئي بند رهيو انهن ڏينهن ۾ !!
ادا منهنجا موبائل ڦرجي ويا آهن (جيڪا ڳالهه ڪراچي ۾ عام آهي ڪنهن سان شڪوه ڪجي ) جنهن جي ڪري ملاقات ۾ به رڪاوٽ ٿئي، ادا افتخار علي چوهاڻ صاحب توهان جي ڪراچي اچڻ تي خوشي ٿي مگر ملاقات نه ٿيڻ جي ڪري افسوس ٿيو........................................آئون وري به اها ڳالهه دهرائيندس ته جذبو سچو آهي ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪجي ٿي ته ناممڪن ڳالهيون به ممڪن بڻجي پون ٿيون.

"کـرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو."
waiting-down.jpg

من اڱڻ تي ساجن ايندا، پنهنجا ساٿ سجايا ٿيندا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top