• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي شهر ۽ سنڌ سلامت جي ميمبر سان ملاقات

عبدالوحيد لغاري ادا آئون اڃان تُرڪي ۾ ئي آهيان. ممتاز صاحب سان به رابطو رهندو آهي الائي ڇو کين اندازو ٿيو ته آئون واپس موٽي آيو آهيان.
ممتاز قريشي
ادا عبدالحفيظ... فيس بڪ تي ڪنهن ڪمنٽ ۾ توهان جي واپسي جو ذڪر پڙهيو هئم انڪري منهنجي ذهن ۾ هو ته شايد توهان موٽي آيا آهيو...
جڏهن ادا افتخار سان توهان جو ذڪر ٿيو ته کيس اهو ئي ٻڌايو هئم ته شايد توهان واپس اچي چڪا آهيو..
بحرحال معذرت، مون کي غلط فهمي ٿي هئي.

جي ادا عبدالحفيظ صاحب ! برابر غلط فهمي ٿي ۽ سندس تلافي به سائين ممتاز قريشي جن به ڪري ڇڏي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿي ويندو آهي . اوهان کي عرض آهي ته اسان کي ترڪي جي مزيد سير ڪرائيندا رهندا ۽ تازه حال احوال فورم ۾ ونڊ ڪندا رهندا جو اوهان جو اهو سلسلو اسان کي کوڙ نئي معلومات فراهم ڪندو آهي . ننڍپڻ ۾ ملڪن جا نالا سندن جهنڊن جا رنگ ۽ ايراضي ۽ ڪرنسي بابت معلومات جمع ڪرڻ جو شوق رهيو،تنهن جي ياد تازه ٿي ويندي آهي . هن سلسلي ۾ ڪجه ونڊ به مون ڪئي هئي جنهن ۾ ترڪي بابت ڪجه معلومات ڏني هئي
لنڪ هي آهي .
ترڪي ملڪ بابت معلومات

عبدالغني لوهار
سڀني محبتي ماڻهن کي شال مولا ڪريم هميشه آباد رکي سدا سکيا هجن

سائين محترم لک قرب اوهان جا !

ممتاز علي وگهيو
ادا منهنجا موبائل ڦرجي ويا آهن (جيڪا ڳالهه ڪراچي ۾ عام آهي ڪنهن سان شڪوه ڪجي ) جنهن جي ڪري ملاقات ۾ به رڪاوٽ ٿئي، ادا افتخار علي چوهاڻ صاحب توهان جي ڪراچي اچڻ تي خوشي ٿي مگر ملاقات نه ٿيڻ جي ڪري افسوس ٿيو........................................آئون وري به اها ڳالهه دهرائيندس ته جذبو سچو آهي ۽ مقصد ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪجي ٿي ته ناممڪن ڳالهيون به ممڪن بڻجي پون ٿيون.

"کـرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو."

نهايت ڏک ٿيو جو اوهان جي موبائيل ڦرجي وئي ! يقينن هڪ پرشان ڪندڙ سانحو آهي جنهن کي محسوس ڪريان ٿو . منهنجي حساب سان اوهان شايد اڃان ٻي موبائيل نه ورتي آهي جو مسلسل اڃان تائين اوهان سان رابطو ڪٽيل آهي . اوهان سان ملاقات نه ٿيڻ ڪري منهنجا ڪافي پروگرام مڪمل نه ٿي سگهيا خير زندگي باقي ملاقات باقي تحت اميد آهي ته ويجهڙ ملاقات متوقع ٿيندي ان شاء الله !
اوهان کي عرض آهي ته موبائيل وٺڻ بعد رابطو ضرور ڪجو !
 
افتخار علي چوهاڻ سائين اوهان منهنجي لکڻ کي پسند ڪيو ۽ مُفيد چيو انهي لاءِ ٿورا. لکڻ لاءِ اُتساهه ڏنو انهي لاءِ به قُرب.
مون سان ٻه مجبوريون آهن. هڪ وقت ٻيو موڊ. جيئن ئي ٻئي مِلن ٿا ته لکجي ٿو وڃي. ڪوشش ڪبي ته جلد اوهان کي نئون ليک پڙهائجي.
 
افتخار علي چوهاڻ سائين اوهان منهنجي لکڻ کي پسند ڪيو ۽ مُفيد چيو انهي لاءِ ٿورا. لکڻ لاءِ اُتساهه ڏنو انهي لاءِ به قُرب.
مون سان ٻه مجبوريون آهن. هڪ وقت ٻيو موڊ. جيئن ئي ٻئي مِلن ٿا ته لکجي ٿو وڃي. ڪوشش ڪبي ته جلد اوهان کي نئون ليک پڙهائجي.

سائين شايد انقره ترڪي جو گادي وارو هند اوهان کان غالبا پري آهي ، اسان کي انقره ، استنبول شهر جون تصويرون معلومات ۽ ترڪي جي جنهڊي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق آهي ، ۽ ترڪي ۾ هڪ مشهور اسلامي لائيبريري پڻ ٻڌو اٿم جنهن ۾ ڪافي نادر شيون رکيل اهن جيڪر ڪابه معلومات ان بابت هجي ته شيئر ڪندا . والسلام
 
سائين شايد انقره ترڪي جو گادي وارو هند اوهان کان غالبا پري آهي ، اسان کي انقره ، استنبول شهر جون تصويرون معلومات ۽ ترڪي جي جنهڊي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق آهي ، ۽ ترڪي ۾ هڪ مشهور اسلامي لائيبريري پڻ ٻڌو اٿم جنهن ۾ ڪافي نادر شيون رکيل اهن جيڪر ڪابه معلومات ان بابت هجي ته شيئر ڪندا . والسلام
ادا بلڪل صحيح ٿا چئون. اين سمجهو ته آئون پاڪستان جي حساب سان سوات يا ناران ڪاغان واري پاسي آهيان ۽ باقي سڀ شهر مون کان اُتر اولهه طرف پري آهن. هتي منهنجو سال رهڻ جو پروگرام هو. جنهن جا پهريان پنج مهينا گُذري چُڪا آهن. جيڪي سياري جا هئا. سياري ۾ ٻاهر نڪرڻ ڏُکيو هوندو آهي تنهنڪري گهُمڻ ڦِرڻ بجاءِ ليب ۾ ڪم کي ترجيح ڏني. هاڻي اپريل گُذاري پوءِ رُلڻ تي زور ڏبو ڇو ته ڪافي ڪم ڪري چُڪو آهيان جنهن لاءِ هِتي گهُرايو ويو هو.
اوهان جا ڏَسيل هنڌ توڙي ٻيو گهڻو ڪُجهه آهي جيڪو اسلامي تاريخ جي حوالي سان اهم آهن ڇو ته هن مُلڪ جي والين عُثمانيه واري دؤر ۾ عربن تي راڄ ڪيو ۽ ڪافي شيون کڻي آيا آهن جيڪي ڏسڻ وٽان آهن.

انقره هتان پري آهي. باءِ روڊ وڃجي ته لڳ ڀڳ 12 ڪلاڪ جو پنڌ ٿيندو.

jbybY2XjWty4Gb.jpg
 
شال سدائين اهڙي محبت قائم و دائم رهي. سڄڻ ايئن ئي هڪٻئي کي کيڪاريندا رهن، دل جون ڪدورتون ختم هجن. هڪٻئي سان حال پريان نال هجن.
مهربانيون !
ادا بي شڪ دوستن سان گهاريل گهڙيون قيمتي متاع هونديون آهن . شل دوستيون قائم دائم هجن . آمين
 
السلام عليڪم !
سنڌ سلامت جي ميمبرن ۽ سڀني دوستن کي اهو ٻڌائي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته آ ڪراچي شهر ۾ ٻن ڏينهن لا ويل هئس ، هت دوستن سان ملاقاتون پڻ ٿيون ، جن ۾ محترم ممتاز قريشي صاحب کان اسپيشل ملاقات ٽائم ورتم ۽ ساڻس ميمڻ هاسپيٽل ۾ ملاقات ٿي تنهن کان پو اسان جي هن پياري دوست سان خوب ڪچهريون ٿيون سندن ضيافت بعد محترم سليمان وساڻ ۽ محترم نثار ابڙو صاحب جن کان ٽائم ورتو سين محترم ممتاز قريشي صاحب جي معيت ۾ وڃي خيرن سان سچل ڳوٺ پهتاسين هت سائين محترم سليمان وساڻ وٽ وڃي مهمان ٿياسين جتي سائين سليمان وساڻ سائين غلام مرتضى وساڻ ۽ محترم نثار ابڙو صاحب جن سان ملاقات ٿي ۽ بعد ۾ ادا نثار ابڙو صاحب پنهنجي ” سنڌ سلامت ريسٽورنٽ” وٺي ويا ۽ اسان جي ميزباني ڪيائون . دوستن سان ڏاڍو ملندي خوشي محسوس ٿي دوستن جي محبت ۽ پيار ۽ خلوص ڪڻي موڪلاڻي ڪئي سين تنهن کان پو محترم ممتاز قريشي صاحب جي معيت ۾ شاراه فيصل تائين پهچي سندن کان موڪلايوسين ۽ وڃي چوڪنڊي ۾ پنهنجي مائٽن وٽ روانا ٿياسين ، اچر ڏينهن سائين نور احمد ميمڻ صاحب ” حڪمت قرآن انسٽيوٽوٽ ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي جا ڊائريڪٽر وٽ خصوصي دعوت رکيل هئي جنهن ۾ شرڪت ڪئي سين . . . . ڪجه دوستن سان ملاقاتون رهجي ويون جن ۾ ممتاز علي وڳهيو صاحب ۽ ڀا منظور ڪلهوڙو صاحب جن سرِفهرست هئا پر ڪن مجبورين سبب ملاقات نه ڪري سگهياسين ان شاء الله وري ڪو موقعو ڪراچي اچڻ ٿيو ته ملاقات ڪنداسين .

ڪجه تصويرون هن نسبت سان جلد ونڊ ڪبيون ان شاء الله !
ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي،
نـــوجـــوان ســاٿـيو، ســـنڌ جـا وارثو!
 
Back
Top