محمد عثمان ميمڻ
اداڪاري هڪ اهڙو فن آهي، جنهن جي معرفت ماڻهوءَ جي اندر ۾ لڪل صلاحيت نروار ٿي پوي ٿي. اهڙا ڪيترائي ماڻهو هوندا جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ مهارت رکندا هوندا پر اداڪاري جو فن هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. هيءُ فن ٻين مڙني فنن کان نهايت ڏکيو ۽ مشڪل آهي. سنڌ اندر اهڙا ڪي ٿورڙا ماڻهو ئي هوندا جن اداڪاريءَ جي ميدان ۾ پاڻ مڃايو هجي نه ته فن جي دنيا ۾ الائي ڪيترائي ماڻهو آيا جيڪي پنهنجون سڄيون عمريون وڃائي ويٺا پر پنهنجو نالو ڪڍرائي نه سگهيا. سنڌ اندر جڏهن اڃان ٽي. وي عام نه ٿي هئي. ان دوران سنڌ ۾ ناٽڪ منڊيون، اسٽيج ڊرامن ۽ ٿيٽرن جو عام رواج هو. ناٽڪ منڊلين ذريعي سنڌ اندر ڊراما ڏيکاري پنهنجي فن جي مڃتا ماڻي ويندي هئي. دنيا هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿيڻ بعد جيتوڻيڪ ناٽڪ منڊيلن ۽ ٿيٽرن يا اسٽيج ڊرامن جي هاڻ اها اهميت ناهي رهي جيڪا گذريل چئن پنجن ڏهاڪن دوران هئي. هاڻ وڌيڪ سهولتون پيدا ٿي پيون آهن جنهن سبب اداڪاريءَ ۾ ايتري دشواري ته نٿي اچي پر ماضيءَ ۾ سهولتن جي اڻ هوند سبب ڪجهه اداڪارن پاڻ موکيو. اهڙن اداڪارن ۾ محبوب عالم جو نالو سرفهرست آهي هيءُ پنهنجي دؤر جو ناليوارو اداڪار ٿي گذريو آهي. سندس ڪيترن ئي ڊرامن ڏسندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي. هن نامياري سنڌي اداڪار جو جنم حيدرآباد کان تقريباً 40 ميلن جي فاصلي تي ماتلي جي ڳوٺ چوڌري محمد علي ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، ثانوي تعليم حيدرآباد مان ۽ ڪاليج جي تعليم ڪراچي مان حاصل ڪرڻ بعد تاريخ جي شعبي ۾ ايم. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ملڪي ۽ غير ملڪي ادب ۽ علائقائي ثقافت ۽ تهذيب جو وسيع مطالعو ڪيائين. جيڪڏهن محبوب عالم چاهي ها ته ڊگريءَ جي بنياد تي ڪو وڏو تاريخدان ۽ محقق ٿي سگهيو پئي يا ڪنهن اداري ۾ ڪنهن اعليٰ منجمند واري نوڪري وٺي آفيسر ٿي سگهيو پئي پر هُن نه ڪيو، ڇا ڪاڻ ته هن جي دل ۾ اڃان ڪجهه ٻيو هو، اداڪاري جو شوق کيس ننڍپڻ کان هو، ان ڪري عملي زندگي ۾ اداڪاري کي ئي پنهنجو روزگار بڻايائين.
بطور اداڪار سندس پهرين فلم ’سورٺ‘ هئي، جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي داستان ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ تان اخذ ڪيل ڪلاسيڪل ميوزيڪل فلم هئي. سندس پهريون ٽي. وي ڊرامو ’روپ ٻهروپ‘ 1971ع تي پاڪستان ٽيليويزن پي. ٽي. وي تان نشر ٿيو، جنهن جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو.
هن سنڌي فلمن ۽ ڊرامن سان گڏ اردو ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو، سندس پهريون اردو ڊرامو ’ساده ورق‘ هو، جيڪو لاهور سينٽر تان نشر ڪيو ويو. عوام ۾ سندس مقبول ترين ڊرامو ’وارث‘ هو، جنهن ۾ هن چوڌري حشمت جي ڪردار کي بهترين اداڪاري سان نڀائي عوامي مقبوليت حاصل ڪئي.
محبوب عالم ٽيليويزن تي سو کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن مان اردو ڊرامن ۾: ’وارث‘، ’دهليز‘، ’سمندر‘، ’وقت‘، ’لازوال‘ ۽ ’پياس‘ قابل ذڪر آهن. پنجابي سلسلي وار ڊرامن ۾: ’حويلي‘، ’پتن اور ڊاچي‘ گهڻو مقبول ٿيا. ’ٽيلي فلم ’ننگي پاؤن‘ به ڏسندڙن ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي. محبوب عالم سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، اردو ۽ پشتو ۾ تقريباً سو فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.
سنڌي فلمن ۾: ’سورٺ‘ کان علاوه ’رت جا رشتا‘، ’رت جي راند‘، ’ڌرتي لال ڪنوار‘ ۽ ’ڌرتي دل وارن جي‘ يادگار فلمون آهن. پنجابي فلمن ’شاگرد مولي جٽ دا‘ ۽ سرائيڪي فلم ’رب دا روپ‘ گهڻو مقبول ٿيون. پشتو زبان جي ست فلمن ۾ هڪ ٻي سرائي فلمي ’خان بلوچ‘ ۽ ٻي سنڌي فلم ’پوتي آئين پڳ‘ خود پروڊيوس ۽ ڊائريڪٽ ڪيائين. اردو زبان ۾ سندس فلم ’خاڪ اور خون‘ ۾ شير سنگهه جو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ تي بهترين اداڪار جو اوارڊ مليو. هن جو عملي ۽ فني زندگي جو سفر هلندڙ ئي هو ته18 مارچ 1994ع تي جهان فاني دنيا مان اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو. محبوب عالم واقعي به هڪ محبوب اداڪار هو. جنهن فن جي دنيا بي تاج بادشاهه اداڪار طور مڃتا حاصل ڪئي. يعقوب ذڪريا، محبوب عالم، محمود صديقي، صلاح الدين تنيو، گلاب چانڊيو وغيره اهڙا نالا آهن جن ٿورڙي وقت ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. محبوب عالم شاهه سائينءَ جي داستان سورٺ راءِ ڏياچ جي قصي تي مشتمل هڪ فلم ”سورٺ“ ۾ اهڙو ته يادگار اداڪار ادا ڪيو، جيڪو اڄ به فلم ڏسندڙن جي دل تي راڄ ڪري ٿو، هن پنهنجي اداڪاري ذريعي پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏيا. ڀلي کڻي هن محبوب اداڪار کي فن جي دنيا سان لاڳاپيل وساري ويهن ۽ سندس ياد ۾ ڪو پروگرام وغيره نه رٿن پر محبوب عالم ڪڏهن به عام ماڻهن جي دل تان لهي نٿو سگهي. هيءُ واحد اداڪار هو جنهن سنڌي، اردو ڊرامن کان علاوه پنجابي فلمن ۾ به ڪم ڪيو. هن جو شمار مصطفيٰ قريشي، يعقوب ذڪريا وغيره جهڙن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو. محبوب عالم وڇڙيو ضرور آهي پر وسريو هرگز ناهي.