Sindhi Media
سينيئر رڪن
تعليم کاتي وارا ۽ پبلشر، اديب، ليکڪ ڌيان ڏين!
توهانجو نئون سنڌي سيلبس جيڪو 1971 کان پوءِ وجود مارشلائي سازشن تحت سنڌ وجود ۾ آندو ويو ۽ پڙهايو پيو وڃي نسل بگاڙي چُڪو آهي ۽ رهيو آهي ۽ بلڪل ڪنهن ڪم جو ڪونهين جنهن ڪري گهڻ ڪاپين ۽ گهڻ ڪتابن ٻين اسٽيشنرين جو خرچ ته وڌويو پر سنڌي ٻار تعليم کان بلڪل بي بهره ٿي چُڪو آهي اسڪول ۽ اُستاد گهوسٽ ۽ ادارا وڏيرن ۽ مُنشين جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، جنهن ڪاپي ڪلچر ۽ ڏوه ڪلچر سان گڏ اخلاق ڪلچر جي بگاڙ ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي. منهنگي تعليم صرف سنڌ جي ڀوتارن ۽ ڪامورن جا ٻار ئي حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ انهن جي تعليم سان سنڌ جو ڪو فائدو ڪونهين جو هو وري يورپ، امريڪا، ڪئناڊا لڏ پلان ڪن پيا ۽ انهن جو ڪلچر پيا اپنائين. جڏنهن ته سنڌ جو وائيٽ ڪالر طبقو (30سيڪڙو) ۽ هيٺيون غريب ترين طقو (60سيڪڙو) سُٺي تعليم کان مهنگي تعليم جي ڪري ڪوهن جا ڪوه پري ٿي چُڪو آهي. 1965 کان پهرئين پرائمري ، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪولن ۾ جيڪي ڪتاب ۽ سليڪٽيڊ مضمون هُئا ۽ پٽيءَ سليٽ ۽ گهٽ ڪتاب، سبق آموز سبجيڪٽ جي جيڪا تعليم ڏني وئي هُئي اُها ئي ڀيٽ ۾ اڃا بهتر آهي ۽ اڄ جيڪي ماهر آهن اُنهن جي پيٽ ۾ اهائي تعليم هُئي ان ڪري انهيءَ تعليم کي ٻيهر نئون ڪري ميدان تي لاٿو وڃي ته جيئن سنڌي جهالت جي اونداهين ۽ ڀوتارن جي پُڇ ۾ لٽڪي اڳتي وڌڻ بجاءِ پاڻ تي ڀاڙي اڳتي وڌي سنڌ بچائي.