Sindhi Media
سينيئر رڪن

جنهن علائقي جو ڊوميسائل اُن علائقي ۾ ئي نوڪري هُجي واري پاليسي سان ڪوڙن ڊوميسائن جو خاتمون ايندو؟
سنڌي پنهنجي پير تي پاڻ ڪُهاڙا وهائيندڙ ، ڪنهن سان سُر سنڍيا پنهنجا ۽ ڪير احتصاب ڪندو مُهنجو ؟ آئون پاڻ ئي قاتل ۽ پاڻ ئي مقتول، آئون پاڻ ئي دائي پاڻ ئي جج . هي سڀ آئون پاڻ ئي تي ڪري رهيو آهيان . ڪوڙا سنڌ جا ڊوميسائل،پي آر سي، شناختي ڪارڊ، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۽ زمينن جون ڊگريون ڪير پيو ٺاهي يا ٺهرائي ڏي. سنڌيت جي دعويٰ ڪندڙن ڏاهن، ماهرن، اين .جي .اوز هلائڻ وارن،سماجي تنظيمون جوڙڻ وارن عملي ڇا اُپاءَ ورتا آهن (سوا ڪن جي) هيل تائين ۽ ڇا وٺندا آئينده. يا صرف محفلون، ميٽنگونن قائم ڪري فوٽو سيشن ڪندا ۽ پبلسٽي وٺندا.
سنڌ جو درد ۽ سور رکڻ وارن کان سوال آهي ته سنڌين جي سموري ڪوٽا چاهي اسڪولن ، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ داخلاِ لاءِ هُجي ، ٻاهرئين مُلڪ جي اسڪالرلاءِ يا سنڌ صوبي ،پاڪستان جي ڪنهن به اداري ۾ نوڪري وٺڻ لاءِ ڪوڙن ڊوميسائل وارن وٽ ڇو؟ ۽ جن وٽ اصلي آهن تن ڪهڙي خدمت ڪئي آهي؟
ڇا جن علائقن جا هُنن ڊوميسائل حاصل ڪري ڪمشنري نظام جون ، صحت کاتي، تعليم کاتي، انجنيئرنگ، سوشل يا ٻئي ڪنهن علم جو نوڪريون حاصل ڪيون ڇا آتي وڃي هُنن نوڪريون ڪري علائقي جي حالت پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان بدلائي؟ ڇا لازمي ناهي ته سرڪار کين اُتي ئي نوڪري ڏئي سنڌ جي قسمت بدلائي ڇڏي ها؟
سنڌ ۾ 1947کان ئي ڪامورن هڪ سازش تحت ۽ ڀوتار ازم ۽ وڏيرا شاهي خاص طور اُنهن ، جن مارشلائي حڪومتن تحت ڪم ڪيو ۽ اُنهن جي پُڇن ۾ ويڙهجي نه صرف ڪوڙا ڊوميسائل هٿ ڪيا يا ٺهرائي، تصديقون ڪرائي مارشلائي اڳواڻن کي ڏنا جن وٽ اڄ پوري سنڌي گروي رکي آهي ۽ سنڌي ميرٽ کان 100 سالن جي وڇوٽيءَ تي ويٺو آهي
پر جن سنڌي نمائندن، ڪامورن، نوڪر شاهي ۽ ڀوتارن عام سنڌيءَ کي محروم ڪري پنهجي اولاد کي اهڙيو تعليمون به ڏياريون اُنهن اهڙين ڊگرين جو استعمال به نه ڪيو آهي ۽ اُهي اڄ به ٻي ڪرتن ۾ آهن ۽ جاگيرداري نظام پيا هلائين ۽ عام سنڌي جاهل کان جاهل ترين ٿي اُنهن جي ظُلم جو تير بڻجي چُڪو ۽ پنهنجن جي ڇاتيءَ ۾ گهُسجي پيو. سنڌ به ميرٽ سنڌيءَ کان محروم مُڪمل برباد ۽ مُفلس ٿي وئي ۽ وڏيرا ۽ ڀوتار ڌارين جي اڪثريت اسان مٿان قابض ڪرائي سڀ وسيلا اُنهن جي حوالي ڪرائي چُڪا ۽ اسان 7000 سالن جا داعي بُنيادي ضرورتن کان به محروم رهجي ويا سون ۽نعرن تي گُذر سفر پيا ڪريون.
اهو وساري ويٺا آهيون ته ڪير به اسانکي حق نه ڏياري سگهندو ۽ جيسين ڪه اسان پاڻ اڳتي وڌي انهن سنڌي دُشمن ڀوتارن جا مُنڪر ۽ باغي نه ٿيون ته پوءِ اچو ته پاڻ مان 90 سيڪڙو غريب سنڌين مان ڪنهن ميرٽ سنڌيءَ جي واڳ وٺي اڳتي وڌون ، ڪوڙا ڊوميسائل، رد ڪرائي ۽ سنڌ دُشمن ڀوتارن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، جاگيردارن، پوءَ ڍايل ڌاڙيلن، ڪامورن ،ڦورن، مذهبي منافرت ڦهلائڻ وارن جو پڇ ڇڏي اڳتي وڌي سنڌ بچايون.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: