ترڪي ۾ بجلي جو قيمتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    بجلي جي پيدا ڪرڻ لا استعمال ٿيندڙ مختلف قسمن جي ٻارڻ تي تحقيق ڪندي، انهي ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي، ته ترڪي ۾ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جي قيمت، ڪارخانن، اسڪولن، مارڪيٽن ۽ زراعت کان وڌيڪ آهي.....
    [​IMG]
    اهو انهي جي ڪري ته ماڻهو گهڻي کان گهڻو گهرن کان ٻاهر رهن، گهر اصل ۾ سستي جو گهر آهي. جيترو وقت ماڻهو گهر کان ٻاهر رهندو اوترو وقت ئي ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم پويان لڳل هوندو، ڀلي اسڪول هجي يا مارڪيٽ!

    واندو ويهڻ جي ته جا ڪٿي آهي ئي ڪانه، سوا ڪنهن پارڪ جي!

    پاڪستان ۾ بجلي جو قيمتون گهرن جي لا سڀ کان گهٽ آهن، انهي لا جو پاڪستاني عوام سُتي رهي! قائد عوام يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ مون اها ڳالهه ڪئي هُئي گهريلو استعمال لا بجلي جون قيمتون مارڪيٽن ۽ ڪارخانن کان وڌيڪ هُجڻ کپن ته جيئن اُپت وڌي. پر ٻيا سمورا پاڪستاني سائنسدان ۽ تحقيقدان مون سان ذري گهٽ وڙهي ٿي پيا.

    هتي اهو ڏسي مون کي پنهنجي مهارت ۽ سوچ ٿي خوشي ٿي رهي آهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهر اصل ۾ سستي جو گهر آهي

    يار گورڌن ڇو اچي اسان جي آرام جي ڪڍ پيو آهين .... يار ماڻهو جي سمهندو نه ته تازو ڪيئن رهندو.

    خير هي نئين ڳالهه ته ترڪيء ۾ گهريلو ٻارڻ واري بجلي مهانگي آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    نه رُڳو مهانگي پر سختي جي حد اها آهي جو جنهن فليٽ ۾ آئون رهان پيو انهيءَ ۾ بجلي جا بل گرائونڊ فلور تي اچي بورڊ تي پن ڪري ويندا آهن. مون غور نه ڪيو تاريخ گُذري وئي. مون سوچيو ته پنهنجي مُلڪ وانگر ليٽ جمع ڪرائڻ جو فائدو ناهي. ليٽ پيمينٽ هونئن به لڳي وئي. جمع ڪرائبو ته بقايا لڳي ايندي. پر خبر تڏهن پئي جو هفتي کان پوءِ اچي بجلي ڪٽي ويا. جلدي وڃي بل جمع ڪرايم ۽ بغير چوڻ جي يا چورائڻ جي اليڪٽرڪ ڪمپني وارا شام جو اچي بجلي بحال به ڪري ويا. ٻي مهيني بل آيو ته انهيءَ ۾ 32 ليرا (1500 روپيا) اضافي چارجز لڳا پيا هُجن. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته بجلي ڪٽي وري بحال ٿيڻ جا اهي چارجز اڃان الڳ هئا.
    تڏهن خبر پئي ته هتي بل جمع ڪرائڻ تي ڪيتري سختي آهي ۽ قانون جي پڪڙ پڻ. اسان وٽ انڊسٽري ۾ بجلي مهانگي آهي ته وري چوري به اُتي گهڻي ٿي ٿئي. جڏهن ته گهرن ۾ بجلي سستي آهي. جيڪا مهانگي ٿئي به ته ٽوٽي ننڊون ڪندا ڇو ته جيڪي اهڙا ٽوٽي آهن اهي ڪمائو پُٽ هوندا ڪونه جو بل جمع ڪرائن. چوري جي بجلي ڀلي ڪيڏي به مهانگي ڪنهن کي ڪهڙ پرواهه.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائین ایئن ترکی جی باری م معلومات کان آگاه کندا رهو. مهربانی.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائین ایئن ترکی جی باری م معلومات کان آگاه کندا رهو. مهربانی.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو