گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
بجلي جي پيدا ڪرڻ لا استعمال ٿيندڙ مختلف قسمن جي ٻارڻ تي تحقيق ڪندي، انهي ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي، ته ترڪي ۾ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جي قيمت، ڪارخانن، اسڪولن، مارڪيٽن ۽ زراعت کان وڌيڪ آهي.....
اهو انهي جي ڪري ته ماڻهو گهڻي کان گهڻو گهرن کان ٻاهر رهن، گهر اصل ۾ سستي جو گهر آهي. جيترو وقت ماڻهو گهر کان ٻاهر رهندو اوترو وقت ئي ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم پويان لڳل هوندو، ڀلي اسڪول هجي يا مارڪيٽ!
واندو ويهڻ جي ته جا ڪٿي آهي ئي ڪانه، سوا ڪنهن پارڪ جي!
پاڪستان ۾ بجلي جو قيمتون گهرن جي لا سڀ کان گهٽ آهن، انهي لا جو پاڪستاني عوام سُتي رهي! قائد عوام يونيورسٽي ۾ منعقد ٿيل هڪ ڪانفرنس ۾ مون اها ڳالهه ڪئي هُئي گهريلو استعمال لا بجلي جون قيمتون مارڪيٽن ۽ ڪارخانن کان وڌيڪ هُجڻ کپن ته جيئن اُپت وڌي. پر ٻيا سمورا پاڪستاني سائنسدان ۽ تحقيقدان مون سان ذري گهٽ وڙهي ٿي پيا.
هتي اهو ڏسي مون کي پنهنجي مهارت ۽ سوچ ٿي خوشي ٿي رهي آهي.