• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اُن قوم جي حالت نٿي بدلجي سگهي جنهن ۾ پاڻ بدلجڻ جي سگه نه هُجي.ڀلا ٻَٻُرَ به ڪي ٻير ڏئي سگهن ٿا؟

Sindhi Media

سينيئر رڪن
اُن قوم جي حالت نٿي بدلجي سگهي جنهن ۾ پاڻ بدلجڻ جي سگه نه هُجي. ڀلا ٻَٻُرَ به ڪي ٻير ڏئي سگهن ٿا؟ (سنڌ مُحاورو)

۽ جيڪا قوم ٻٻرن (پيرن، ميرن، شاهن، وڏيرن، رئيسن، راشي ڪامورن، ڪرپٽ بيوروڪريسي، جاگيردارن، ڪانڀو خانن ) جي انتظار ۾ هُجن ته هو انهن کي ٻير (سُٺي تعليم، صحت، روڊ رستا، انصاف، لڄن جي حفاظت، اعليٰ تعليم، ٻاهر مُلڪ جون نوڪريون، عزت ڀريو معاشرو، پنهنجي مزدوريءَ جو پورو اُجورو) ڏيندا ته پڪ سان سمجهجي ته سنڌي قوم اڃا به ڀنگ ، ٺري ۽ چرس ڀريل سُلفيءَ جي نشي ۾) اوطاقن ۽ اوتارن تي مدهوش پيل آهي.

حيرت سان ڏسجي ته شايد دُنيا جي واحد سنڌي قوم ئي آهي جيڪا 7000 سالن کان زنده ته آهي پر مُسلسل غُلام آهي ۽ سنڌ تي ڪاه ڪري قابض ٿيندڙن جي. چاهي پوءِ اهي عرب کان آيل هُجن، ايران ۽ فارس يا مصر کان يا هلاڪو خان جي خاندانن مان هُجن. اُهي ئي آهن جيڪي هن ڌرتيءَ تي اڄ پير، شاه، مير، رئيس، وڏيرا، ڪانڀو خان سڏجن ٿا ۽ غريب، امن پسند، معصوم ۽ اٻوجه حقيقي سنڌي ۽ ان جون لڄون اُنهن شرابين، زانين نما وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن، ڪانڀوخانن وٽ سنڌ جي بدلي ۾ گروي رکيل آهي. جيڪي نٿا چاهين ته هي سنڌي اٻوجھه ۽ معصوم قوم ، اُٿي پوي ۽ علم حاصل ڪري، خوشحال رهي ڇو جو ائين ٿيو ته سندن راتيون ، شباب ۽ شراب جو محفلون حرام ٿي وينديون. حيرت ناهيته ته اڄ جوسنڌي عالم، فاضل، اديب، ليکڪ، ڏاهو، اُستاد، به انهيءَ نشي جي لت ۾ وِڌا ويا ۽ انهيءَ لت ڪري غلام ڪيا ويا آهن جيڪي مُفت جي کائي ڀوتارن لاءِ ٻڙڪ به نٿا ڪڍن ۽ نه ئي سچ ڪڍڻ ٿا ڏين ڇو جو بدلي ۾ وڏيرن وٽ سندن شامون مُفت جي نشي سُلفيون، ٺرن ۾گُزارين ٿا ۽ ڏينهن جي اڇاڻپنهنجي اُڇلڻ جهڙي ڪهاوتن ، وڏيري ۽ ڌاڙيل گيريءَ ۽ پٽ پٽان جي پروموشن تي ڊرامان لکي اسڪالرون وٺن پيا ۽ اُنهن جي سفارش سان ئي ڪوڙا ۽ سفارشي ايوارڊ ماڻي وڏ وڏيرا ٿي انهن پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، ڪانڀو خانن جي غلاميءَ تي فخر محسوس ڪن ٿا. ڪن ڏاهن ته اسلام جي سبقن کان هٽي ڪري صوفي ازم جي نالي تي ته ڪڏنهن پيران پير ۽ مرشد، فقيريءَ جي نالي تي انهن غريب ۽ 7000 سالن جي غلامن اٻوجهن جي ذهنن ۾ اسلام جو اهوئي تصوف وهاري ڇڏيو آهي. جڏنهن ڌارين جو صوبي جي وسائلن کي هٿ ڪرڻ لاڪاهون ٿين ٿيون ته بجاءِ جو هو سنڌ ۽ انهن جي وسائلن جو دفاع ڪن انهن سان پنهنجي بقا ۽ زندگيءَ لاءِ سنڌ جي ڪُونڌن پُٽن کي ڪُهڻ لاءِ اڳتي ڪريو ڇڏين ۽ ڌارين سان مُحبت جا پيچرا رکندا اچن ڇو جو هُنن ڪاهن ڪري قابض ٿيندڙ وڏيرن ۾ سنڌ جو خون نه بلڪه هلاڪو خانن جي نسل جو خون آهي يقين نه اچي ته ڊي.اين. ئي ڪرائي ڏسو. هنن جي گهرن ۾ ڌاريون عورتون آهن ۽ سنڌي اصل عزت ڀريون عورت حويلن ۾ بند ٻوساٽيل ڪچن جي دونهن ۾ پيل آهن جيڪي مهني ۾ هڪ دفعو جڏنهن هي پنهنجي يتيمن ، غريبن، بيواهن جي قبضي ۾ ڪيل زراعت تي وڃن ٿا ته لمحن جو ديدار ڪن ٿا.اُهي جيڪي ڪله نوڪري ۽ واپار ڪرڻ کي عيب سمجهندا هُئا ۽ نوڪري ۽ واپار ڪندڙن کي حقير اڄ اُهي ڪاپي ڪلچر تحت ڪوڙيون يا اڻ پوريون ڊگريون حاصل ڪري سنڌ جي پوسٽن تي پاڻ، پنهنجا ٻار، مائٽ يا گهر جا نوڪر وهاري مقبوض ٿي ويا آهن ۽ مُختلف پوئتي علائقن جا ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائي پنهنجي ڌارين شاديءَ ٿيل سُسرالين کي به انهن تي قابض ڪري چُڪا آهن ۽ اصل سنڌي محروم آهي پوءِ به سنڌي اڄ به انهن ٻٻرن کان ٻير پيو گهُري.سنڌ ۽ سنڌي جنهن جي هڪ 7000 سالن کان به پُراڻي ۽ سولائيزڊ تاريخ آهي اڄ اُهي بُنيادي تعليم ۽ صحت جهڙين سهولتن کان محروم ۽ سمجهي ٻُجهجي وڏيرن جا پير چٽڻ ۾ رڌل آهن ۽ اُنهن جي لغام سان ئي تحرڪ ۾ اچن ٿا. جيڪي نعلائقي جا ووٽ ڏنڊي تي حاصل ڪري سنڌين کي نشن ڀتن ۾ غرق ڪري جيڪي نوڪريون آهن اُهي بجاءِ سنڌ جي ٽيلنٽس کي ڏين پاڻ ۽ پنهنجي اڱوٺي ڇاپ اولاد کي پيا ڏين جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، سي ايس يا وڏا امتحان رشوت ۽ سفارش ذريعي پاس ڪري نوڪرين ۾ آهن ۽سنڌي ٽيلنٽ جيڪو سنڌ قوم کي اڳتي کڻي هلي اُهو لاچار ۽ بيپوس انهن وڏيرن پيرن ميرن ۽ شاهن جي ڪري بڻيو ويٺو آهي ۽ دُنيا سمجهي ٿي ته سنڌي معنيٰ ڌاڙيل، چور ۽ اڻ پڙهيل جڏنهن ته جيڪو سنڌي هوندو اُهو امن پسند هوندو نه ڪو ويڙهو.
ڪن وڏيرن جو ته راشي، شبابي، ڪوابي نشي ۾ غرق اولاد ڊاڪٽر يا انجنيئر آهي به ته هو ان پروفيشن کي نٿو اپنائي ۽ اهي تعليم جي ڪوٽا کڻي به عام سنڌيءَ کي محروم ڪريو ويٺو آهي ۽ جن وٽ آهي ته اُهي بجاءِ جو پنهنجي علائقي ۾ وڃي خدمت ڪن اُهي امريڪا، ڪئناڊا يا يورو ڪنٽري لڏ پلاڻ ۾ آهن ۽ اُتان ڪوڙا وڊيو ۽ تنظيمون جوڙي قوم کي بيوقوف ٺاهي ويٺا آهن ته هو سنڌ جو درد رکن ٿا. ته اي سنڌيو! بجاءِ انهنن وڏيرن (پاٿاريدار) ۽ اُنهن جي ناهل ۽ جاهل اولادن جي پروموشن لاِ اڳتي وڌي ڪُسجو پنهنجي پاڻ ڀريل ڪنهن ٽيلنٽ لاءِ اڳتي نڪرو، پاڻ مان ئي ڪو ٽيلنٽ ڳولي اُن جي قيادت ۾ هلو نه ته هي ڌاڙيل نمان وڏيرا ڪڏنهن توهان کي مذهبي فرقي ۾ جڪوڙي، ڪڏنهن صوفي ازم ۽ پيري مُريديءَ جي سحر۾ جڪوڙي (چرس، ڀنگ، سُلفي ۽ ٺري ۾ غرق ڪرائي)توهان کي مُڪمل هڙپ ڪري ويندا. جيترو تُرت انهن جي غلاميءَ جا منڪر ٿيندئو ته بچي سگهندئو نه ته سنڌي جوڌن جيان ڪُسجندا رهندئو! ۽ هي اوهانجي لاشن تي وري ٻيو ڪو جوڌو ڪُسڻ لاءِ تيار ڪندا ۽ پنهنجو بچاءُ. ياد رکو جڏنهن توهان پيري مُريدي صوفي ازم وغيره (جيڪا اڳين ۾ ته واقعي هُئي پر اڄ ڪله جي انهن اولادن ۾ بلڪل ڪانهين) جو هو شراب، ڪواب ۽ نشن ۾ غرق ٿي توهان جي عزتن ۾ اکيون وجهيو پيا هلن، ڇا توهان انهن تي ڀاڙيندئو؟ ڇو نٿا پاڻ غيرت ڪري پاڻ مان ڪنهن غريب ٽيلنٽيڊ سنڌيءَ جي قيادت کڻي اڳتي وڌو ۽ سنڌ ۽ سنڌي بچايو. اهو ڪو ڏکيو ڪم ته ناهي بس هڪ عمل آهي انهن مدهوش ڪانڀو خانن کان بغاوت ڪري ٻاهر نڪري اچڻ جو ۽ ممڪن آهي جي اوهان اڃا ڀنگ جي نشي، چرش واري سُلفي ۽ مُفت جي ٺري ۽ مفت جي مانيءَ ۽ ايوارڊن تي نه پيا پلجو. ياد رکو توهان پنهنجي حالت پاڻ ئي بدلائي سگهو ٿا نه ڪي ڪو وڏيرو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top