جينياتي خوراڪ ۽ اسان جو مستقبل

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سيد اياز علي شاه طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2014۔

  1. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    191
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    جينياتي خوراڪ ۽ اسان جو مستقبل

    جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائبا ته اها خبر پوندي ته انسان شروع کان ئي بک قحط ۽ بدحالي کي منهن ڏيندو آيو آهي. ماضي ۾ ايتري خوراڪ ميسر نه هوندي هئي جيتري اڄ اسان پيدا ڪري رهيا آهيون. دنيا جي وڌندڙ آبادي هڪ اهم ۽ سنگين مسئلو ٿيندي پئي وڃي جنهن سان اڃان ايندڙ مستقبل ۾ اسان کي ئي منهن ڏيڻو آهي. جڏهن ته اڄ جي دور ۾ به خوراڪ جي پيداوار موجوده آبادي جي گھرج به پوري نه پئي ڪري سگھي.

    هڪ آمريڪي ڪمپني مونسينٽو جي ڪجهه سائنسدانن سال 1958 ۾ پهريون دفعو هڪ ٻوٽي جي اندر ٻاهريون ڊي اين اي داخل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا ۽ اهڙي طرح جينياتي طريقي سان تيار ڪيل خوراڪ جو وجود قيام ۾ آيو. جينياتي طريقي سان حاصل ڪيل فصل اسان جي خوراڪ جي گھٽتائي جي مسئلي کي حل ڪري سگھن ٿا، مثال طور اهم غذائي جزن جي ڪمي يا خوراڪ جي عالمي کوٽ وغيره کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو. جينياتي طريقي سان تيار ڪيل خوراڪ اهڙن فصلن مان حاصل ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ اهڙا ٻاهريان جينز داخل ڪيا ويندا آهن جنهن سان ان فصل ۾ قوتِ مدافعت ۽ پيداوار جي صلاحيت وڌي ويندي آهي. جڳ مشهور سائنسدان شيل مطابق عالمي سطح تي مجموعي طرح زرعي پوک ۾ 25 سيڪڙو تائين گھٽتائي آئي آهي. جڏهن ته فصلن جي پيداوار ۾ 5.4 سيڪڙو واڌ ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته خوراڪ جون ضرورتون جينياتي طريقي سان تيار ڪيل خوراڪ مان پوريون ڪري سگھجن ٿيون. دنيا ۾ زرعي سائنسدان مقامي زميندارن کي اهڙيون جنسون ۽ ان جا قسم مهيا پيا ڪن جنهن ۾ مڪمل غذا جا جزا موجود آهن، جڏهن ته قدرتي طرح حاصل ڪيل فصلن ۾ ان جي ڪمي هوندي آهي. مثال طور قدرتي غذا ۾ فولاد(آئرن) جي ڪمي هوندي آهي جنهن سان ٻارن ۾ رت جي ڪمي جي بيماري(ٿيلسميا) ٿيندي آهي، جينياتي طريقي سان ان جزن کي پورو ڪري سگھجي ٿو. ان طريقي کي بائيو فورٽيفڪيشن چيو ويندو آهي. هلندڙ دور ۾ ترقي پذير ملڪن جي ماڻهن وٽ ايترا وسيلا نه آهن جو اهي خوراڪ جون بهترين جنسون ۽ قسم خريد ڪري سگھن جنهن جي ڪري خوراڪ ۾ موجود غذا جي ڪمي واقع ٿي رهي آهي.

    جنياتي طريقي سان تيار ڪيل خوراڪ ۾ غذائي جزا ڪافي مقدار ۾ موجود هوندا آهن مثال تازو ئي سوئزرلينڊ جي سائنسدانن سونهري چانورن جي جنياتي طريقي سان تيار ڪيل هڪ اهڙو قسم متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ وٽامن اي ڪافي مقدار ۾ موجود آهي. اهڙي نوعيت جا ٻيا ڪيترا ئي بائيو فورٽيفائيڊ فصلن سان اسان دنيا جي اٽڪل ٻه ارب ٻارن ۾ غذائي جزن جي ڪمي کي پورو ڪري سگھون ٿا.

    ٻئي پاسي سائنسدان پٽاٽن ۽ ٽماٽن ۾ اهڙي وئڪسين شامل ڪري رهيا آهن جنهن سان انهن کي محفوظ رکڻا اڃا وڌيڪ آسان ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح فصلن تي حملو ڪندڙ بيمارين کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي طريقڪار سان ترقي پذير ملڪن ۾ خوراڪ سستي اگهه تي ميسر ٿي سگھي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته بائيو ٽيڪنالوجي جي استعمال سان اسان نه صرف پنهنجي زرعي پيداوار ٻيڻي ڪري سگھون ٿا پر ان ٽيڪنالوجي سان اسان مال جو چارو، جهر جهنگ ۽ غير آباد زمينون به آباد ڪري سگهون ٿا. جيڪڏهن پوري دنيا ۾ جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن کي استعمال ۾ آندو وڃي ته زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان زميندار به خوشحال ٿيندو. انهن فصلن جي ذريعي خوراڪ جي ڪمي جي مسئلي کي احسن طريقي سان حل ڪري سگھجي ٿو. ڇو ته جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن کي ڪنهن به موسم ۾ پوکي سگھجي ٿو. مثال طور اسٽرابيري کي سياري توڙي اونهاري پوکي سگجي ٿو، جڏهن ته ڪافي فصلن کي اسان ڪلراٺي، سم ۽ ڪلر واري زمين ۽ گھٽ پاڻي واري علائقن ۾ پوکي سگھون ٿا. ان کان علاوه جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن جو خاص فائدو اهو به آهي ته انهن کي پوکڻ لاءِ زمين جي تياري لاءِ گھٽ هرُ هلائڻو پوندو آهي ڇو جو انهن مان ڪافي فصلن کي هرُ هلائڻ بغير پوکي سگھجي ٿو جنهن سان زمين جي ڪٽجڻ ۾ اهم ڪمي واقع ٿئي ٿي. انگن اکرن مطابق اهڙا فصل پوکڻ جي ڪري زمين جي ڪٽجڻ ۾ هر سال هڪ ارب ٽن گهٽتائي ٿي آهي.

    موجوده دور ۾ جينياتي طريقي سان تيار ڪيل جديد فصل پنهنجي قوتِ مدافعت جي ڪري گند گاهه کي به ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا جڏهن ته اهڙا فصل پوکڻ جي ڪري ڪيڙي مار دوائون جي استعمال ۾ به نمايان ڪمي ڏٺي وئي آهي. انهن فصلن ۾ بيمارين جي خلاف قوتِ مدافعت موجود آهي ان ڪري انهن تي زهريلا اسپري ڪرڻ جي ضرورت به نه آهي. ان لحاظ کان اهي فصل اسان جي ماحول لاءِ به فائديمند آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن مان زمين جي اندر موجود پاڻي کي به صاف ڪري سگھجي ٿو مثال طور جنياتي طريقي سان تيار ڪيل پاپولر جي ٻوٽي ۾ اها خاصيت آهي ته اهو زمين جي اندر پاڻي ۾ موجود زهريلن مادن کي صاف ڪري سگھي ٿو.

    ٽيڪنالوجي جو استعمال جتي سٺا اثر ڇڏي ٿو اتي ان جا مُضر اثر به ممڪن آهن، جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن جا خراب اثر ڪجهه وقت تائين ظاهرنه ٿيندا آهن پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ نسلن تي ان جا خراب اثر پئجي سگھن ٿا. اهڙن فصلن جي استعمال سان اکين جي روشني، ساهه ۽ ٻيا طبعي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ان طريقي سان تيار ڪيل خوراڪ مان ناپسنديده خصوصيتون به پيدا ٿي سگھن ٿيون. نه صرف ايترو پر ان خوراڪ جي استعمال سان انسانن ۾ به جنياتي تبديليون رونما ٿي سگھن ٿيون. ان کان علاوه جينياتي طريقي سان فصل انسانن سان گڏو گڏ آس پاس جي ماحول تي به اثر انداز ٿين ٿا. مثال طور بائيو ٽيڪنالوجي سان تيار ڪيل مڪئي جي ڪري دوست ڪيڙن جي مرڻ جي شرح ۾ به اظافوٿيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته بي ٽي ڪارن متعارف ڪرائڻ کان اڳ ان فصلن تي ڪا مناسب تحقيق نه ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ فصلن تي حملو ڪندڙ نقصان پهچائيندڙ ڪيڙن سان گڏوگڏ دوست ڪيڙن جو به موت واقع ٿيندو آهي. ٻئي پاسي اهڙن فصلن جي پُوکي سان نقصان پهچائيندڙ ڪيڙا پنهنجي اندر مدافعت پيدا ڪري وٺندا آهن جيڪي مستقبل ۾ تمام نقصانده ثابت ٿيندا آهن. جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصل زمين ۾ موجود مفيد جراثيمن کي ختم ڪري سگھن ٿا ۽ زمين ۾ موجود معدنيات جي ڪمي جو سبب ٿيندا آهن جنهن سان قدرتي ميزان تباهه ٿيڻ جا خدشا هوندا آهن.

    جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن ۾ گند گاهه جي خلاف قوتِ مدافعت رکڻ وارا جينز شامل ڪيا ويندا آهن جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا خراب اثر نمودار ٿيندا آهن جنهن تي ڏاڍو ڏکيو ظابطو ايندو آهي، پوءِ به غذائي جزن سان ڀرپور خوراڪ ۽ جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ باوجود خوراڪ جي ڪمي ۽ اهڙن ٻين مختلف مسئلن تي ڪنٽرول ممڪن نه آهي ڇو جو هينئر تائين صرف ڪجهه ادارا ئي انهيءِ ٽيڪنالوجي مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن ۽ منافعو ڪمائين پيا. پوري دنيا ۾ اٽڪل 80 سيڪڙو جينياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن تي تحقيق جو تاج چئن وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين جنهن ۾ مونسينٽو، اوينٽس، سنجينٽا ۽ بائير جي مٿي تي آهي. اهي سڀ ادارا عوامي صحت جا دعويدار آهن ۽ دنيا ۾ جنياتي طريقي سان تيار ڪيل فصل انهن جي ڪنٽرول ۾ آهن اهو ئي سبب آهي جو زميندار بي ٽي فصلن جي ٻجن ۽ ٻين زرعي ضروتون لاءِ انهن چئن ادارن تي دارومدار رکن ٿا.

    جينياتي طريقي سان تيار ڪيل خوراڪ مستقبل ۾ خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هڪ اهم اميد آهي. جڏهن ته بهتر تحقيق ذريعي انهن فصلن مان پيدا ٿيندڙ نقصانن کي مناسب حد تائين گھٽ ڪري سگھجي ٿو. اهم نقطو اهو آهي ته جنياتي فصلن تي تحقيق وڌ ۾ وڌ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جئين مستقبل ۾ خوراڪ ۽ صحت جي مسئلن کي گھٽ ڪري سگھجي ان امر لاءِ ضروري آهي ته اسان جا ائگريڪلچر ايڪسٽنشن، ريسرچ ۽ ٻيا زراعت سان لاڳاپيل ادارا جنياتي طريقي سان تيار ڪيل فصلن جي باري ۾ معلومات عام زميندارن، هارين تائين پهچائين ته جئين اهي ان ٽيڪنالوجي کي بنا ڊپ جي استعمال ڪري سگھن.​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين مضمون آهي ...

    پوء ته تحقيق ذريعي ڪجهه اهڙي خوراڪ يا پيداوار به ڪري سگهجي ٿي جو خوراڪ وارين جنسن ۾ اهي وٽامنز موجود هجن جيڪي ٿر جي ماڻهن ۾ آيل جسماني ڪمزوري يا گهٽ ٿيل وٽامنز جي به پورائي ڪري سگهن.
     
  3. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    191
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    سائين سليمان صاحب،
    جيئن ته اسان جي ملڪ ۾ تحقيق جي عمل جي لڳاتار کوٽ رهي آهي ۽ هن جديد دور ۾ به اسان تحقيق کان ڏوراهان پري ٿا ڏسجون، انهن سببن تي ڳالهائڻ ادارن جي ڪوتاهي ۾ شامل ٿيندو.
    باقي مٿي ذڪر ڪيل ٻاهرين ملڪن جي ڪجهه ڪمپنين جيڪا تحقيق ڪئي آهي انهن کي جس هجي پر اها اتان جي خطن جي ضرورتن کي مد نظر رکندي جنسن ۾ جينياتي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.
    اميد ٿا ڪيون ته پاڪستان جا زرعي تحقيق سان لاڳاپيل ادارا، افراد سڀ ان ايندڙ مسئلي تي گڏجي ڪم ڪندا.

    وسلام عليڪم.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پاڪستان ۾ تحقيقي ادارن جو اهو حال آهي جو انهن کان پُڇيو وڇي وڃي ٿو اوهان ايتري پگهار کڻو ٿا ڪمائي ڇا ٿا ڏيو؟ هاڻي ڏيو منهن. تحقيق ۾ ته پئسا لڳندا آهن ۽ خوب پئسا لڳندا آهن. اها ڪڏهن به ختم ناهي ٿيندي. روز نوان مسئلا سُجهندا آهن ۽ انهن جي حل لاءِ نوان ٽرائل (سؤلي سنڌي ۾ ڌُڪا) وٺبا آهن. پر پاڻ وٽ تري تي جنت گهُرڻ وارا ڪُجهه ڄَٽ طاقت ۾ آحن تِن کي ڇا ڪجي؟
     
  5. سيد اياز علي شاه

    سيد اياز علي شاه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جولائي 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    191
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    گورنمينٽ ملازم
    ماڳ:
    نوشهرو فيروز
    سائين عبدالحفيظ لغاري صاحب،
    توهان جي ڳالهه سورنهن آنا درست آهي، سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ” ڇڏ منڊي کي ته ڪري واريءَ جو پنڌ“ سو اسان جي بي حس معاشري تحقيقي عمل سان پڻ اهو ڪم ڪيو آهي.
    اسان قانون پٽاندر معلومات حاصل نه ٿا ڪري سگھون ڪنهن به اداري کان جڏهن ته ان جو هر صوبي الڳ قانون اسيمبلين مان پاس ڪرائي رکيو آهي جنهن کي اسان ” رائٽ ٽُو انفارميشن“ سڏيون ٿا. ان قانون مطابق توهان پاڪستان جي ڪنهن به اداري کان هر قسم جي معلومات حاصل ڪري سگھو ٿا.
    هاڻي اهو اسان جي افراد تي آهي ته ان جو استعمال ڪيترو ٿا ڪن ڪٿي ٿا ڪن ڪئين ٿا ڪن تي منحصر ٿو ڪري.
    وسلام عليڪم،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    وساڻ صاحب اوهان جو ڪاوشون تمام وڏيون اهن ،انهن جي جيتري تعريف ڪجي اها ٿوري اهي، پر هڪ ڱزارش ت زراعت سنڌ جو اهم ڪاروبار آهي ان جيترو ٿي سگهي ان تي ڌيان ڏيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو