رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سنڌي قوم ايم قيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ڪڏهن به پسند نه ڪري ٿي هي پي پي وارن جي انتهائي ڀل هوندي جو سنڌين ۽ سنڌ جي ازلي دشمن کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪجي سو پي پي جي قيادت کي جيڪڏهن ٿورو گهڻو سنڌي ماڻهن جو خيال آهي يا سنڌي ماڻهن جو اعتماد بحال رکڻو آ ته هن راند کان پاسو ڪري ورنه سنڌ ۾ پي پي وان جو نالو وٺڻ وارو به نه ملندو...هي سنڌي ماڻهن جي ووٽ سان غداري ٿيندي...ايم قيوايم هڪ دهشتگرد تنظيم آهي جيڪا رڳو خون خرابو پسند ڪري ٿي ۽ سنڌ جو ٽرلين ۾ پيسا لنڊن اماڻڻ وارن ڦورن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ هڪ انتهائي بي وقوفي هوندي..باقي جي اردو ڳالهائيندڙ آهن سي اگر سنڌ جي پارٽين ۾ يا پي پي ۾ سامل ٿي هڪ ٿيڻ چاهين ٿا ته او ڪي...ايم قيو ايم پنهنجي پجپد ۾ سنڌ جي انڪاري آ سنڌي قوم جي انڪاري آ....سنڌي ٻولي جي انڪاري آ