Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
فاطمه : هي ڇا ٻُڌائيندو! آئون ٿي توکي ٻُڌايان!ته حقيقت ڇا آهي. ٻُڌ نسا! اها ڳالهه! اڄ کان ويهه سال کن پهريئنءَ جي آهي !هي ارسلان ۽ هن جي زال حلاوه ٻئي مُون وٽ نوڪري ڪندا هُئا. ۽ مُنهنجي ٽنهين ٻارن کي سنڀالڻ جي ذميواري به هن جي زال جي هُئي! نسا! تون مُهنجي ئي ڌيءَ آهين ارسلان جي نه (نسا حيرت مان ڪڏنهن پيءءُ کي ته ڪڏنهن پُڦيءَ کي ڏسي ٿي) ۽ تُنهنجا ٻه ننڍا ڀاءُ به هُئا! عُمر ۽ عُمير! ته! مونکي حلاوه تي تمام گهڻو اعتبار هو پر هڪ ڏينهن هنن مُنهنجي انهيءَ اعتبار کي دوکو ڏئي رات جي اوندهيءَ ۾ توکي کڻي غائب ٿي ويا.
ارسلان : (ڪاوڙ ۾ اچي) ٺيڪ آهي فاطمه صاحبه! جي ڳالهه کُلي آهي ته هاڻ نسا کي اهو به سچ ٻُڌاءِ ته اسان کيس ڇو کڻي فرار ٿي ويا هُئاسون!
فاطمه : ان ڪري جو کين الله اولاد جي نعمت کان محروم رکيو هو!
پُڦي : نسا! اهو سچ آهي ته تون فاطمه جي ئي ڌيءَ آهين! ۽ اهو به سچ آهي ته ارسلان ۽ حلاوه کي ڪو اولد نه هو! پر اهو هرگز سچ ڪونهين ته توکي کڻي وڃڻ جو اهوئي سبب هو! سبب اهو هو ته هنن جي ماحول ۾ ڇوڪرين کي نه پر رُڳو ڇوڪرن کي اهميت ڏني ويندي هُئي! توکي پالڻ! هنن جي مامتا نه! پر مجبوري هُئي! اهوئي سبب هو جو فاطمه حواله کي توکي پالڻ لاءِ رکيو هو! ۽ تُهنجو کين ايترو خيال هو ته بس! تون صرف زنده رهي سگهين ۽ توکي ٻين ضرورتن کان محروم رکيو ويندو هو! جڏنهن ته پُٽن عُمر ۽ عُمير کي سڀ سهولتون مُيسر ڪري ڏنيون وينديون هُيون!تو کي ڳالهه ڳالهه تي مار پوندي هُئي ۽ ظلم ڪيو ويندو هو! حلاوه کان برداشت نه ٿيندو هو! ۽ توکي ٿڃ پياريندڙ ماءُ حلاوه ان ظلم کان تُهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ئي ارسلان سان ملي توکي هنن کان پري رکڻ جو اهو فيصلو ڪيو هو! پر هن ظالم عورت ڪرائي جي قاتلن هٿان حلاوه کي به مارائي ڇڏيو ۽ ارسلان توکي محفوظ رکڻ لاءِ لڏ پلاڻ ڪري ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر در بدر ٿيندو رهندو آهي.
فاطمه : نسا! مُهنجي پياري ڌيءَ! تون موئي پنهنجي جان کان به عزيز هُئينءَ. هنن کي ڪهڙي خبر ته مون توکي حاصل ڪرڻ لاِءِ ڪهڙا ڪهڙا جتن ڪيا! توکي ڪٿي ڪٿي ڳوليندي رهيس! ڪهڙا روپ بهروپ ڀريم! جيئن هي توکي روپوش نه ڪري ڇڏي! ڌيءَ چتائي ڏسيم! آئون ئي اُها فقيرياڻي، باگڙياڻي، سوچياڻي ڍاري واري آهيان جيڪا بهروپ وٺندي تو تائين پُهتي آهيان.
ارسلان : نسا! ڌيءَ 20 سالن کان پوءِ هن کي تو ۾ پنهنجي ممتا ياد آئي آهي! ضرور هن ۾ به ڪا سازش هوندي! حلاوه کي مارئڻ کان پوءِ هي توکي ڇو نه وٺي ويا !
نسا : (ماءُ کي پيار مان ڏسي لُڙڪ لاڙي) مُحبت ۾ ڪهڙي سازش بابا جاني! امي جانيءَ کي جي مونسان مُهبت نه هُجي ها ته بهروپ ڀري مونکي ڇو ڳولهي ها!
ميُوٽ ۾ ڊفينس جي هڪ شاندار گهر ۾ نسا کي ماءُ ۽ ڀائُرن سان کلندي ۽ ڪچهري ڪندي ، ڪوڪنگ ڪندي، ڪيرم بورڊ کيڏيندي، ٽي وي ڏسندي، ڀاءُ ۽ ماءُ کان رُسندي پرچائيندي ۽ پيار ڪندي، بازار ۾ شاپنگ ڪندي مُختلف ڊزالو سان ڏيکاربو. ۽ پوءِ اسڪرين تي ايندو(ٽن مهنن کان پوءِ)
سين ستون
نسا بنگلي ۾ اڪيلي، گهمندي لڳ هيٺئين پورشن جي هڪ الڳ ڪمري کي ڏسي ٿي، دريءَ ۾ اچرج ۽ حيرت ۾جهاتي پائي ڏسڻ سان کيس هڪ پريشان حال الجهيل زُلفن ۽ عام پوشاڪ سان ڇوڪريءَ سان نظر اچي ٿي.۽ هُوءَ به کيس ڏسي ٿي نسا تجسس سان اڳتي وڌي ڊڄڻ جو گيسچر ڏي ٿي ته
نسا : مهرو! مُهنجي ننڍي ڀيڻ! پر ممي، ادا عمر يا ادا عمير ته تُهنجو مونسا ڪڏنهن ذڪر ئي نه ڪيو! پر تون مُهنجي ڀيڻ آهين ته هن جيل نمان ڪمري ۾ ڇو؟
مهرو : هن گهر ۾ مهروءَ جي ڪا به اهميت ڪانهين آپي! آئون ته گهر ۾ داخل به نٿي ٿي سگهان! هن گهر جي نوڪرن جي اينيڪسيءَ ۾ ئي زندگيءَ جون سڀ بهارون گُزاري چُڪي آهيان! تُهنجي اچڻ جي به ماسيءَ کان خبر پئي هُئي!
نسا : ڇا مطلب ان جو ۽ ڇو! هيڏو سارو گهر هوندي به!
مهرو : ڄمندي ئي مونکي هڪ ڪم واريءَ جي حوالي ڪيو ويو ۽ اُن جي ئي ٿڃ پي وڏو ٿيڻو پيو، بدلي ۾ هي اينڪسي هن جو ۽ مُهنجو گهر آهي آپي! ۽ اها ڪم واري ئي مُهنجي ماءُ!يا ماسي!
نسا : يقين نه پيو اچي! ڀائُرن عمر ۽ عُمير به ڪُجهه نه ڪيو! توکي بنگلي ۾ نه وٺي ويا! کين خبر به آهي ته تون سند ننڍي ڀيڻ آهين!
نسا : ڇا مطلب! آئون به اُتي ٽن مهنن کان آهيان! مونکي ته اهڙي ڪا شيءِ نءر نه ائي! ۽ تو ڪڏنهن به اعتراض نه ڪيو پنهنجي حق لاٰءِ!
مهرو : ڪهڙو حق! مان ته پاڻ کي هيلتائين ان ڪم ڪرڻ واريءَ جي ڌيءَ سمجهيو پئي آيس! مونکي باها خبر ڪافي دير کان پوءِ ملي آهي ته آئون به تو وانگر هن گهر جي ڌيءَ آهيان! جڏنهن کان آپي توکي وٺي آيا آهن! مان ته خوش ٿيس ته خير تون ته اچي وئينءَ. پر تون به آپي پاڻ کي اترو خوشقسمت نه سمجهجان! ڇو جو توکي خوش رکڻ اُنهن جي مجبوري آهي!
نسا : (حيرت) ڪهڙي مجبوري!
مهرو : مجبوري اها ته مرڻ وقت ڏاڏيءَ وصيت ۾ سموري هي مال ملڪيت تُنهجي نالي ڪري وئي هُئي، اها خبر جڏنهن هنن کي پئي تڏنهن ئي هنن تُهنجي ڳولا شروع ڪري ڏني، نه ته آپي توکي به هڪ ڪم ڪرڻ واريءَ جي حوالي ڪيو ويو هو ۽ تون خوشقسمت به ته هو توکي پاڻ سان گڏ کڻي هليا ويا هُئا!
نسا : هون! ته ان مُحبت جو اهو مطلب آهي! سچ پُڇين ته مونکي به انهن مان اپنائيت محسوس نه پئي ٿي! آئون سوچيان ته آخر هي مُهنجي هر جائز، ناجائز ڳالهه تي قربان ڇو پيا وڃن!
مهرو : نسا آپي! خيال سان هلجئين متان سُڀاڻ تون به مونسان گڏ هن جيل نما اينيڪسيءَ ۾ رهي ان جو حصو نه بڻجي وڃين!
نسا : هي گهر ڏاڏيءَ جي وصيحت مُطابق مُهنجو ئي آهي . هاڻ گهر ڇڏي وينديس ته هرگز ڪانه! ها باقي امان حوالاه جي قاتلن کي انجام تي ضرور پُهچائينديس !ڪنهن حساب ڪتاب سان! (روئي) اڄ احساس پيو ٿيم ته واقعي بابا جاني صحيح چيو هو ته رت جي رشتن کان احساس جا رشتا اهم هوندا آهن !
زينب : شايد تون اڃان ان انتظار ۾ اهين ته نسا ڊوڙندي ايندي! ۽ جي دروازو بند هوندو ته متان موٽي نه وڃي!
ارسلان : ها آپي پڪ اٿم ! هڪ ڏينهن هُن کي ضرور احساس ٿيندو ته احساس جو رشتو رت جي رشتي کان اهم آهي!
زينب : صحيح ٿو چوين! رت جو رشتو اهم ڪونهين! احساس جو رشتو اهم آهي! تو پاڻ ته احساس جي رشتي کي رت جي رشتي کان غير اهم ڪيو هو!راز کي راز ۾ رکي ! هن ان احساس تحت ئي توکي ڇڏي رت جي رشتي کي اپنايو!
ارسلان : ها صحيح ٿي چئين آپي! جيڪر آئون تُهنجي ڳالهه مڃي کيس ان راز کان پهرئين آگاه ڪريان ها ته هوءَ رت جي رشتي جي ڇڪ ڪري هرگز مُهنجو پيار ڇڏي هلي نه وڃي ها!