• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عوامي جمهوري پارٽي جو تعليمي مارچ ۽ ريلي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
1900015_10203203396543956_1733503770_n.jpg


عوامي جمهوري پارٽي ڪافي عرصي کان تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندن اعلى قيادت سنڌ جي اسڪولن جا دورا ڪري انتظاميه کي رپورٽون موڪليندي رهي آهي. 16 مارچ کان سکر مان نڪرندڙ تعليمي مارچ موري پهچي وڏي ريلي جي شڪل اختيار ڪئي آهي. هن ريليء جو مقصد سنڌ حڪومت، انتظاميه ۽ وس وارن کي اهو ڌيان ڇڪائڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار ۽ سهوليتن طرف ترت ڌيان ڏيو. اها ريلي ڪراچي تائين پهچندي.

سنڌ سلامت سٿ سندن اهڙي جذبي جو قدر ڪري ٿو ۽ ساڻن اخلاقي ۽ جسماني طور گڏ آهي.
 
عوامي جمهوري پارٽي پاران سنڌ جي تعليم بچائڻ جي لا هلندڙ لانگ مارچ واري ريلي هن وقت ٺٽي ضلعي جي حدن ۾داخل آهي ۽ اڄ بٺوري ۾ 11 اپريل تي سجاول ، 12 اپريل تي پريس ڪلب ٺٽي ،13 اپريل تي گجو ، 14 اپريل تي گهارو ، 15 اپريل تي گهگهر ڦاٽڪ ،16 اپريل تي مارئي ڳوٺ ،17 اپريل تي ناٿا خان ڳوٺ ،18 اپريل تي چنيسر ڳوٺ ۽ 19 اپريل تي نرسري کان سنڌ اسيمبيلي جي گيٽ تي اچي هن لانگ مارچ جا شريڪ سنڌ جي ڪرتائن ڌرتائن کي پنهنجا پٿون ٿيل پير ڏيکاري سندن ستل ضميرن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندو . ته ٻئي طرف بي غيرت ۽ بيضمير ماڻهن پاران ڪاپي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي ڌم لڳي پيئي آهي .
 
Back
Top