
عوامي جمهوري پارٽي ڪافي عرصي کان تعليم جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندن اعلى قيادت سنڌ جي اسڪولن جا دورا ڪري انتظاميه کي رپورٽون موڪليندي رهي آهي. 16 مارچ کان سکر مان نڪرندڙ تعليمي مارچ موري پهچي وڏي ريلي جي شڪل اختيار ڪئي آهي. هن ريليء جو مقصد سنڌ حڪومت، انتظاميه ۽ وس وارن کي اهو ڌيان ڇڪائڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار ۽ سهوليتن طرف ترت ڌيان ڏيو. اها ريلي ڪراچي تائين پهچندي.
سنڌ سلامت سٿ سندن اهڙي جذبي جو قدر ڪري ٿو ۽ ساڻن اخلاقي ۽ جسماني طور گڏ آهي.