ٻوڏ ڪهاڻي ڪار کي ڇا ڪريان..... جاويد بوزدار هڪ ڪئمپ ۾ ڪار بيٺل هئي ڀر ۾ ئي هڪ اڌڙوٽ عمر همراهه به ڪجهه عورتن ۽ ٻارن سان گم گم سم ويٺو هو. (مردن لاءِ اهو وڏو مسئلو آهي ته هو روئي به ناهن سگهندا). ويٺو ته اتي هو پر سندس ڌيان ڪنهن ٻي دنيا ۾ هو، کيس هر هر اهو سور ستائي رهيو هو ته هو ڇا ڪري سندس ٻار بکن ۾ پاهه ٿي رهيا هئا، سندس اهي ننگ جيڪي پردي کانسواءِ ٻاهر ئي نه ايندا هئا، جن کي ڪڏهن ڪا لهس به نه آئي هئي ۽ جن ڪڏهن هڪ گهڙي به رخو نه کاڌو هو، اهي اڄ ٽُڪُر ڀور لاءِ واجهائي رهيا هئا. هن اڌڙوٽ کي پاڻ تي ڪاوڙ اچي رهي هئي، اوچتو سندس لبن کي مرڪ جو جهوٽوآيو، جيڪو کن پل لاءِ آيو ۽ پوءِ اکين مان ڪرندڙ ٻن ڳوڙهن جي تاءُ ۾ گم ٿي ويو. هو گذاريل حياتي ۾ليئو پائي مرڪي پيو هو پر پنهنجي حالت ڏسي لڙڪ به نه روڪي سگهيو. هن ڪار کي ڏسي سوچيو ته هن ڪيڏي نه سڪ مان اها خريد ڪئي هئي ۽ کيس ان تي ڪيڏو نه ناز هوندو هو پر درياءُ جي هڪ ئي دهمان کيس بيوس بڻائي ڇڏيو هو. بادشاهه جي زور آڏو سندس زورآوري تِڇُ بڻجي وئي ۽ هو رڳو ڪار ۾ ٻچڙن جو ساهه بچائي پهتو هو. ڪار ته اچي وئي پر هن وقت اها ڪنهن به ڪم جي نه هئي، ڇو ته ڪاغذ ته گهر ۾ ئي رهجي ويا هئا. ان لاءِ هو ان کي کپائي به نه پيو سگهي. سندس دل ۾ هڪ عجيب خواهش پيدا ٿي، هن سوچيو ته ڪاش! جيڪر هي ڪار مانين جي ٺهيل هجي ها، گهٽ ۾ گهٽ سندس ٻارن جو بکيو پيٽ ته ڀرجي سگهي ها. لوهه جي ڪار کي هو ڇا ڪري.