اسان جا شاعر اديب ۽ بيوسي جوعالم افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هت اگر اردو زبان جو ڪو ايڪٽر اديب شاعر بيمار ٿئي ٿو ته ان لاء سرڪاري فنڊ به ڏنو وڃي ٿو ۽ سرڪاري علاج به ڪرايو وڃي ٿو ، مگر ڪو سنڌي ايڪٽر اديب يا ڪو شاعر بيمار ٿئي ٿو ته ان جي ڪو سار سنڀال لهڻ وارو به ڪونهي۔ سور سيني جا سڻڻ لاء تيار ڪونهي توهان لاء سنڌ جي مشهور شاعر احمد خان مدهوش جومثال هت وڊيو جي صورت ۾ ڏجي ٿو وڊيو ڏسي ڪجهه سوچيو۔ ههڙا هاڃان ٿين بري هن بنڀور ۾ http://www.youtube.com/watch?v=A7SpCj8JU9E&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=tFw_T1iKB8Q
جواب: اسان جا شاعر اديب ۽ بيوسي جوعالم ادا ممتاز وگهيا اهڙا وڊيو ڏيکاري اسان جا سُتل سُور جاڳائي ڇڏيا تو۔ هلو هاڪاري، ٻَلُ سُڃاڻي ٻانهن جو گونگو پاڻي گڻنگ جو ٻوڙي يا تاري هرڪو هِنَ واري، ”پاڻ“ اُڪاري پاڻ کي!( تاجل بيوس)
جواب: اسان جا شاعر اديب ۽ بيوسي جوعالم ڪاش اسين مجموعي طور سنڌي قوم ۽ سنڌ جا وس وارا حڪمران جيئرن انسانن جو قدر ڪرڻ سکون ۔۔۔ جڏهن اهي قيمتي ۽ قومي سرمائي جي حيثيت رکندڙ انسان جيئرا هوندا آهن ته اسين سندن کنگهندا به ناهيون ۽ جڏهن مري ويندا آهن ته ورسيون ۽ ڀت ۽ سندس ڪيل ڪم جي تعريف ڪرڻ تي لکين روپيا لٽائيندا آهيون ۔۔۔ انکانپوءِ وس وارا حڪمران پڻ جاڳي پوندا آهن ۔۔۔ اهو رويو الائجي ڇو اختيار ڪيل آهي؟