• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جا شاعر اديب ۽ بيوسي جوعالم

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
اسان جا شاعر اديب ۽ بيوسي جوعالم​

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هت اگر اردو زبان جو ڪو ايڪٽر اديب شاعر بيمار ٿئي ٿو ته ان لاء سرڪاري فنڊ به ڏنو وڃي ٿو ۽ سرڪاري علاج به ڪرايو وڃي ٿو ، مگر ڪو سنڌي ايڪٽر اديب يا ڪو شاعر بيمار ٿئي ٿو ته ان جي ڪو سار سنڀال لهڻ وارو به ڪونهي۔ سور سيني جا سڻڻ لاء تيار ڪونهي توهان لاء سنڌ جي مشهور شاعر احمد خان مدهوش جومثال هت وڊيو جي صورت ۾ ڏجي ٿو وڊيو ڏسي ڪجهه سوچيو۔

ههڙا هاڃان ٿين بري هن بنڀور ۾


3557637604_146026a0e6.jpg


439224040954199a0e7a.jpg



http://www.youtube.com/watch?v=A7SpCj8JU9E&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=tFw_T1iKB8Q
 
جواب: اسان جا شاعر اديب ۽ بيوسي جوعالم

ادا ممتاز وگهيا اهڙا وڊيو ڏيکاري اسان جا سُتل سُور جاڳائي ڇڏيا تو۔
هلو هاڪاري، ٻَلُ سُڃاڻي ٻانهن جو
گونگو پاڻي گڻنگ جو ٻوڙي يا تاري
هرڪو هِنَ واري، ”پاڻ“ اُڪاري پاڻ کي!( تاجل بيوس)​
 
جواب: اسان جا شاعر اديب ۽ بيوسي جوعالم

ڪاش اسين مجموعي طور سنڌي قوم ۽ سنڌ جا وس وارا حڪمران جيئرن انسانن جو قدر ڪرڻ سکون ۔۔۔ جڏهن اهي قيمتي ۽ قومي سرمائي جي حيثيت رکندڙ انسان جيئرا هوندا آهن ته اسين سندن کنگهندا به ناهيون ۽ جڏهن مري ويندا آهن ته ورسيون ۽ ڀت ۽ سندس ڪيل ڪم جي تعريف ڪرڻ تي لکين روپيا لٽائيندا آهيون ۔۔۔ انکانپوءِ وس وارا حڪمران پڻ جاڳي پوندا آهن ۔۔۔

اهو رويو الائجي ڇو اختيار ڪيل آهي؟
 
Back
Top