بائيوز ڇا آهي؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    BIOS (Basic Input/Output System

    توهان جي مدربورڊ تي روم چپ ۾ هڪ پروگرام هوندو آهي. جئين توهان جو سسٽم آن ٿيندو آهي بائيوز ان کي حدايت ڏيندو آهي ته هن کي ڇا ڪرڻو آهي. بائيوز آپريٽنگ سسٽم معنيٰ ونڊوز وغيراه کان آزاد هوندو آهي. ان جو مطلب توهان ڪو به آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪري سگهو ٿا. پنهنجي ونڊوز ۾ ڪهڙي به سيٽنگ رکي سگهو ٿا. بائيوز تي ان جو ڪوبه اثر ۽ لوڊ نه پوندو آهي. بائيوز هڪ محدود حد تائين هارڊويئر جي فيچرز کي ڪنٽرول ڪندو آهي ۽ سي پي يو ۽ ٻين ڊرائورن جي درميان رابطي جو ڪم سرانجام ڏيندو آهي.

    جيڪڏهن بائيوز جي ڪا غلط سيٽنگ ٿيل هجي ته ان جو اثر هارڊويئر ڪنفيگريشن تي پوي ٿو. پوءِ ونڊوز ۾ جهڙي مرضي سيٽنگ رکجي ۽ معياري ڊرائيور ڇو نه استعمال ڪجي پر هارڊويئر ۾ مسئلو براقرار رهندو. جيتري تائين بائيوز جي سيٽنگ صحيح نه ٿي ڪئي وڃي. بائيوز جي سيٽنگ ونڊوز انسٽال ڪرڻ کان پهرين ڪئي وڃي ڇو جو ان غير ضروري سروسز کان جان چٽي ويندي جيڪي سسٽم کي لوڊ ڪرڻ جي رفتار کي گهٽ ڪري ڇڏين ٿا.

    BIOS POST SCREET

    سسٽم پاور آن ٿيڻ سان گڏ بائيوزجو پهريو ڪم هي آهي Power-On-Self Test جنهن کي POST به چيو ويندو آهي.هي هڪڙو ننڍو پروگرام آهي جيڪو تيزي سان سسٽم کي چيڪ ڪندو آهي ته سب ڪجهه ٺيڪ ڪم ڪري رهيو آهي يه نه. پوسٽ عام طور تي تمام تيزي سان ڪم ڪري ٿو توهان کي ان جو احساس ان وقت ايندو هوندو جڏهن سسٽم ۾ ڪو Error وغيراه ايندو هوندو. پوسٽ Error غير واضح ٿي سگهن ٿا. پر ان سان توهان کي اشارو ضرور ملي ويندو آهي ته بائيوز سيٽنگ ۾ ڪٿي مسئلو آهي. پر زياده معلومات توهان کي پنهنجي مدر بورڊ مان ملي وينديون آهي.

    جيڪڏهن توهان وٽ ڪوئي پوسٽ Error پيغام اچي ٿو ته چند گهڙين بعد سسٽم جي اسٽارٽ اپ اسڪرين ڏسڻ سان اتي مختلف بائيوز جي لحاظ کان مختلف پيغام ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. مثال جي طور تي ڪو (بٽڻ) دٻائڻ سان توهان بائيوز ۾ داخل ٿي سگهو ٿا. F2, F12, Delete وغيراه.

    BIOS SETTING

    ان کان بعد جيڪڏهن بائيوز کي پاسورڊ ڏيڻو هجي ته پاس ورڊ به ڏئي سگهو ٿا. جيڪڏهن ڀُلجي وڃي ته عام طور تي بورڊ ۾ سيل سان گڏ لڳل جمپرس کي ڪڍي پاسو ورڊ ختم ڪري سگهو ٿا. پر جيڪڏهن توهان کي تجربو آهي ته بائيوز سيٽنگ ۾ داخل ٿيڻ کان بعد کوڙ ساريون سيٽنگ سامهون اچي وڃن ٿيون جيڪي مختلف بورڊن ۾ مختلف هجن ٿيو جنهن جو ذڪر ڪرڻ مشقل آهي. توهان پنهنجي بائيوز جي سيٽنگ گوگل کان حاصل ڪري سگهو ٿا. سيٽنگ کي سمجهڻ ۽ ان کي بهتر بنائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو پر هي آسان آهي ائين ڪرڻ به لازمي آهي. ٻئي صرت ۾ جيڪڏهن توهان ونڊوز ۾ ڪيتري به بهتري ڇو نه ڪيو هي بائيوز جي سيٽنگ کي صحيح نه ٿي ڪري سگهي ان جي لاءِ توهان کي بائيوز مان بائيوز جي سيٽنگ ڪرڻي پوندي.

    BIOS UPDATE

    بائيوز هڪ Rewriteable ROM chip ۾ انسٽال ڪيا وڃن ٿا. جنهن جو مطلب ته ان کي اپڊيٽ ڪري سگهجي ٿو. مدر بورڊ بڻائڻ واريون ڪمپنويون اڪثر بائيوز کي اپڊيٽ ڪنديون راهنديون آهن ان کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ جيڪي پائداري ۽ ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪن ٿا. ان ۾ نئوا فيچر انسٽال ڪندا آهن ۽ Bugs کي فڪس ڪن ٿا. بائيوزاپ ڊيٽ ڪرڻ کي آسان نه وٺو جيڪڏهن ڪابه غلطي ٿي ته توهانجو سسٽم بوٽ ڪرڻ ڇڏي ويندو پوءِ بائيوز چپ تبديل ڪرڻي پوندي

    Firmware Update

    توهان جو مدر بورڊ هڪ اڪيلي جاءِ نه آهي جتي بائيوز هجن ٿا. پر تقريبن تمام ميجر اليڪٽرونڪ مثال ٽي وي ۽ ڊي وي ڊي پليئر ۾ به مخصوص اِن بلٽ بائيوز چپ ٿين ٿيون. ان چپ کي عام طور تي فرم ويئر چيو وڃي ٿو ۽ درست طريقو استعمال ڪيو وڃي ته تمام فرم ويئر کي به اپ ڊيٽ ڪري سگهجي ٿو.

    Warning

    بائيوز سسٽم جو هڪ لازمي حصو آهي ان بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ سيٽنگ کي سمجهڻ لاءِ وقت ضرور لڳي ٿو پر هي ڪمپيوٽر جي سٺي ڪارڪردگي لاءِ لازمي آهي.پر جيڪڏهن توهان کي ان بابت تجربو نه آهي ته ان سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪيو ڪنهن مسئلي جي صورت ۾ ايڪسپرٽ سان رابطو ڪيو

    علي اڪبر شر (ڏهرڪي ويب)
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 مارچ 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو ۽ ڄاڻ وارو ليک
     
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ليک
     
  4. ارشد

    ارشد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سچل سرمست ڪالوني ڪوٽڙي
    تمام لاجواب ادا علي اڪبر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو