هڪ سنڌيءَ جي صدا ۔۔۔

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نوٽ: اڄ فيس بڪ تي ”ايجوڪيٽ سنڌ“ پاران هڪ نياپو مليو، پڙهڻ کانپوءِ انتهائي تڪليف ٿي ۔۔۔ اوهان دوستن آڏو رکانٿو ۔۔۔ پاڻ انصاف ڪيو ته اسين ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون ۔۔۔ ٻه سال کن اڳ جڏهن موڪل تي سنڌ آيس ۽ هڪ دوست وٽ گهمڻ ويس، مئٽرڪ جا امتحان ٿي هليا، دوست جي گهر ۾ هڪ استاد محترم ان دوست جي پٽ جو پرچو حل ڪري رهيو هو ۔۔۔ دوست ٻڌايو ته هن ڪم جا استاد کي 20 هزار ڏنا آهن ۔۔۔ سندس اهو لائق پٽ ٻاهر دوستن سان ڪنهن راند ۾ مشغول هو ۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    آشوبِ چَشم

    محمود مغل

    ڪنهن به اک ۾ پري پري تائين ڪو به ”حياءُ“ نه هيو.

    هو سڀ ان ۾ رڌل هئا، وڻن جي ٽارين تان لڙڪندي، ڊگهين لامن تي ويٺي ويٺي، اسڪول جي ٻاهرين ڀت تي هڪ ٽنگ ۽ اسڪول جي ٻاهريان لڳل وڻن جي ڪنهن شاخ تي ٻي ٽنگ رکندي سندن وجود لرزشن ۾ هئا. سڀ ڪجهه جهڙوڪ ڏڪيو پئي، اها ”ڏڪڻي“ امتحانن جي حوالي سان هئي، اندر پيپر هلي رهيو هيو ۽ ٻاهر، هي ٻڙڌڪ متل هيو.

    ماڻهن جو تعداد ڪو سَون ۾ هيو، اسڪول جيتوڻيڪ شهر جو نه هو، هڪ ننڍڙي سوسائٽيءَ ۾ ٺهيل هيو، پر اتي به انبوهه ماڻهن جا موجود هئا، سڄي مخلوق الاءِ ڪٿان ڪٿان اچي ڪڙڪي هئي...رڳو شاگرد نه هئا، پوڙها پڪا، نوجوان نڙا، سڀ موجود هئا ۽ ان فيض مان ”ونڊَ“ وٺي رهيا هئا، ڪجهه پرڀرو ئي چانهن جون ”چشڪيون“ وٺندڙ ”ڪاڪا سپاهي“ به ويٺل هئا، اهي ويچارا بيمار هئا، هر ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، رڳو اهي اهڙا ڪو نه هئا، ”آشوب چشم“ اتي بيٺل هر ماڻهوءَ کي ٿي چڪو هيو، ڪنهن جي به ديدَ ڪم نه پئي ڪيو... جي ڪري ها ته ائين غلاظتن مان هٿَ ڌوئي ها.

    هي ڪا نئين ڳالهه ناهي، صاحبانِ زمانه... هر سال هيءَ مند ايندي آهي ته ائين ئي بدحواسيءَ ۽ بدسلوڪيءَ جي گهوڙي تي، زبردستيءَ جي ”رينَ“ ڪشي ويندي آهي. پنهنجي حيثيت مانَ ۽ مرتبي جي رڪاب ۾ پير وجهي، علم جا مٿاڇرا لتاڙبا آهن، جي ڪو گوڙ ڪري ته زماني جي چَهبڪ جو آواز ايندو آهي... اهو ميلو هر سال لڳندو آهي، پر هنَ سال هي منظر بيحد ڀوائتا ۽ لرزائيندڙ آهن.

    ائين ناهي عزيزان مَن، ته ڪو حياتيءَ جو هڪ سال پوئتي ٿيو آهي ته گهڻو ڪجهه مَٽيل ٿو لڳي... پر ڳالهه اها آهي ته هن واري هن نوجوان ”ٻارن“ جي اکين ۾ جيڪي بدحواسيءَ، بدلڇڻائيءَ ۽ بي ادبيءَ جون چڻنگون ٻريل آهن، اهي هن فقير کي پهرين ڏسڻ ۾ نه آيون هيون. اها ثقافت، جنهن کي ”ڪاپي ڪلچر“ چيو وڃي ٿو، ڪا اڄ جي پيداوار ناهي، پر هن حال تائين پهچندي ائين ضرور ٿيندو هيو ته ان عمل جي ”نندا“ ڪئي ويندي هئي، جي گناهه نه به سمجهيو ويندو هيو ته به ”ڏوهه“ جي حوالي سان روح سٽڪا ڏيندو هيو، نقل ڪرڻ کي ”برائي“ سمجهيو ويندوهيو، پر الاءِ ڇو، هن سال، جي ها هن سال لڳي ٿو ته اهڙي ڪا چڱائي ئي ڪانهي، تڏهن ته سڀ ڪاهي پيا آهن.

    ”تياري پوري ڪري ويندي آهي سائين“....منهنجي ڀرسان بيٺل همراهه پنهنجي نياڻيءَ لاءِ فرمائي ٿو ”ٽيوشن رکي ڏني اٿمانس... مِس جو گهروارو بورڊ ۾ آ...مڙئي مددڙي ٿي ويندي آهي...ڪو هڪ اڌ سوال... ڪجهه هِتان هُتان...ٻارڙي پاڻ به پڙهي ٿي، پر ڏسو ٿا نه زماني جو وهنوار...هاڻي پنهنجي ٻچي کي ائين راهه ۾ ته ڪو نه رولينداسين نه...“ ايمان جي راهه تان هٽندي اڳي، پٽن جا پيءُ شرمائيندا هئا...هاڻي نياڻين جي والدين کي به اهو خيال نه ٿو ٿئي...”۽ ها سائين...جي منجهي پوي ته اندر هوندو آ سلسلو...مِسُن کي مڙئي هٿ جوڙيل آهن...“.

    الاءِ ڪهڙا ڪهڙا تير تفنگ هن جي ترڪش ۾ ڀريل هئا، جي جيءَ کي وٺڻ لاءِ مان به گيٽ جي ٻاهر بيٺو هوس...۽ اهو سڄو تماشو ڏٺم پئي، اڄوڪي ڪٿا جي ابتدا ۾ ذڪر اربع جي ڏينهن جو هيو، جڏهن نائين درجي جو پهريون پيپر هيو ۽ اتفاق سان مان اتان لنگهي رهيو هئس ۽ هجوم ڏسي وائڙو ٿي ويو هوس

    هي وڏي مصيبت اٿوَ عزيزانِ مَن...صاحبانِ زمانه...ٿوري اک پٽيو...خدا جي واسطي ڪجهه سوچيو ۽ ضرور سوچيو...اها چڻنگ جيڪا هاڻي ٻري پئي ٿي، ڪنهن به وقت ”ڀڀڙ“ بڻجي سگهي ٿي، ڪاپيءَ جي زور تي پلجندڙ اسان جو هي نسل، جنهن تيزيءَ سان تباهيءَ جي ڪناري ڏانهن وڃي پيو ٿو، اهو اسين سڀ ڇو نه ٿا سوچيون؟ اسين هڪ هڪ ٿي، ان اجتماعي سوچ مان آجا ڇو نه ٿا ٿيون؟ هر گهر مان جيڪو ٻار نڪري ٿو، ان ٻار جا مائٽ ۽ سندس استاد، ان ڳالهه جي خاطري ڇو نه ٿا ڪن ته سندن اولاد ۽ سندن شاگرد، ان ”قبيح فعل“ ۾ گرفتار ڪو نه ٿيندا. اهو سڀ ڇو ڪو نه ٿو ٿئي...ڇو ڪو نه ٿو ٿي سگهي...؟ اوهان جي سامهون هو ڪپڙن ۾ ڪارتوس لڪائين ٿا...بيگن ۾ ڪتاب رکن ٿا، اوهان ۽ اسان اهو ڇو ٿا سوچيون ته بورڊ جو گروپ اچي کسين...اسين ڇو نه ٿا انهن کان اهو سڀ ڦري پاڻ وٽ رکون...پنهنجي دل تي هٿ رکي ڏسو ڇا اسين ان ۾ شريڪ ناهيون؟

    ڪتابن کڻڻ جي حوالي سان، ٻارن جو هڪ عُذر اهو به هوندو آهي ته اسين آخر تائين تياري ٿا ڪيون...هاڻي پاڻ سوچو، جنهن سڄو سال تياري نه ڪئي، سو آخري ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪهڙي تياري ڪندو؟ هلو ڀلا...اهو به ٺيڪ...پر ڇا اسان، پيپر جي موٽ تي انهن ڪتابن جي حالت ڏٺي آهي؟ انهن مان ورق ڇو نڪتل هوندا آهن...؟ اهي خَسته حال ڇو هوندا آهن؟...هر روز خاڪروب، هر اسڪول مان، مڻن جا مَڻَ ردي ڇو ميڙي ٿا ڪڍن؟ پيپر کان پوءِ، اسڪول جي ڪمرن جي حالت اهڙي ڇو ٿي ويندي آهي ڄڻ هاڻي هاڻي هتان ڪا ڪنوار رخصت ٿي هجي؟

    چڻنگ جي ڏاڍي خطرناڪ هوندي آهي، صاحبانِ علم و هُنر، يقين ڄاڻو...جن ڏٺي آهي انهن کي اندازو ٿي سگهي ٿو، پروردگار مِٺو هر ڪنهن کي بچائي باقي ڀڙڪندڙ شعلن کان، آهستي آهستي سُرندڙ اها آڳ جيڪو نقصان ڏئي سگهي ٿي، ان کان الله ئي بچائي.

    مسجد شريف ۾ مدرسي جي ڇت تي ڪم ڪيوسين پئي...گند الاهي هئو، تنهن جا ڍير ٺاهي پئي رکياسين... فجر جو وقت هيو، جيڪو سامان صاف هيو، سو وسيع ڇت جي ٻي ڪنڊ کان ٺاهي پئي رکيوسين، پراڻو ڪنڍيون لڳل جافريءَ جو در...پراڻو بجليءَ جو ميٽر، ڀڳل درَ...دريون...ڪنڍا ڪڙا... الاءِ ڇا ڇا ڪڍي رکيو هئوسين، جنهن طرف گند جو ڍير هئو، تنهن طرف هڪ ورڪر پراڻي ٻهاري جي تيلين کي باهه ڏئي گند پئي ساڙيو، هوا لڳي پئي...مون کيس منع ڪئي ۽ تيليون وسائي ڇڏيون، ڌڻيءَ جي گهر جي ڳالهه آهي، يقين ڪريو، پوري احتياط سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري سوائين يارهين ڌاري هرڪو گهر راهي ٿيو...جمعي جو ڏينهن هيو، نماز تي پهتاسين ته پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ، ڪميٽيءَ جي صدر صاحب کي ڇت تي وٺي ويس...۽ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي لکان ٿو ته ڄڻ تاڪ لڳي ويا، ڇت جي فرش تي جافريءَ جا نشان هئا ۽ ڳريل ڪنڍا ڪَڙا هئا...بجليءَ جي ميٽر جو سڙيل ڪنڍو هو...۽ درن ۾ لڳل انجيس...باقي سڀ رکَ هيو، فرش ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ پلَوڙو ڪريڪ ٿي ويو هو...ڪنهن تيليءَ ۽ ڪا چڻنگ رهجي وئي هئي، جنهن اڍائي ڪلاڪن ۾ سڀ خاڪستر ڪري ڇڏيو هو

    ان ۾ ڪا ڪوڙ جي ڪسَ ناهي...هن مثالَ منهنجي حياتيءَ ۾ اکين ڏٺي شاهدي ڏني آهي ته چڻنگن کان بچو...وڏي بچت ٿي ويندوَ...انهن بي ڊپن، بي مراد ۽ هٺيلن ٻارن کي سمجهايو جيڪي سينه ٺوڪي ڪاپي ڪن ٿا ته اکين جي بيماريءَ ۾ سڀ هڪ جهڙا ٿي ويندا آهن، اهو آشوبِ چَشم هر ڪنهن لاءِ هڪجهڙو هوندو آهي... پر هوندو صرف ان علائقي ۾ آهي، جتي لڳي...اتان وري ان جي چڻنگ اٿندي آهي، جيڪا ٻين جي اکين کي خراب ڪندي آهي

    مولا مٺو، اوهان جي نگاهه سلامت رکي... اوهان جو دامن، چڻنگن کان پاسيرو هجي ۽ اوهان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ هجي، ٿورو سوچيو، جيڪي هٿ کلئي عام، ڪوڙو ڪسو ڪم ڪن ٿا، اهي ڪهڙي حفاظت ڏئي سگهندا...جي اهو سڀ ائين ئي آهي ته پوءِ شل اهي اکيون ٺيڪ ئي نه ٿين، امتحان پوري ٿيڻ کانپوءِ ايمان جو راڳ ڇو ڳائجي. جڏهن هن مهلَ اهو بي تالو گيت زور شور سان ڳائجي رهيو آهي۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ سنڌيءَ جي صدا ۔۔۔

    سائين

    توهان جي تحرير پڙهي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو پر اها حقيقت آهي ته اڄ ڪلهه اهو ڪاپي ڪلچر ايترو ته وڌي ويو آهي جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي
    سائين ان جا ذميوار به اسان پاڻ ئي آهيون
    پر هاڻي اهو سوال آهي ته ڪهڙي نموني ان ڪاپي ڪلچر مان جان ڇڏائجي

    جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪو آئيڊيا هجي ته اهو هت لکي سگهي ٿو
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ سنڌيءَ جي صدا ۔۔۔

    چوندا آهن ته منهن به پنهنجو ته موچڙو به ۔۔۔۔
    جڏهن نواز شريف جي حڪومت جو ٻيو دور هو ۽ اسان ڊگري ڪاليج ۾ پيپر ڏيندا هياسين ۔۔۔ ان وقت ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ فوج کي آندو ويو هو ۽ ڇو ته اسان خود شاگرد هياسين ۽ امتحان ڏئي رهيا هياسين تمام گهڻي خوشي ٿي هئي ته تقريبن 95 في صد ڪاپي جو خاتمو ٿيو هو۔۔۔
    هاڻي اهو لکندي به شرم ٿو اچي ته اسان جي ڀلي لاءِ فوج کي ڏنڊي سميت گهرايو وڃي ۔۔۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ سنڌيءَ جي صدا ۔۔۔

    سائين اها چڻنگ سنڌ جي مستقبل کي ساڙي رک ڪري رهي آهي، ڪير آهي انهيءَ کي وسائڻ وارو۔۔؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو