سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڙهيندڙ سافٽ ويئر ۽ خانگي اسڪول
علي حسن ملاح
ڄامشوري ضلعي ۾ قائم هڪ خانگي تعليمي فرنچائز جي عورت سربراهه جي چهري جا تاثرات ان ڏينهن ڏسڻ وٽان هئا، جنهن درزڪي ۽ موبائل ڪورس جي تقريب ۾ تعليم جي تنزلي تي ڇوهه ٿي ڇنڊيا. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته اوهان پنهنجي سرڪاري اسڪول ۾ نياڻين کي ڪڏهن منهن ڏيکاريندا، ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. سنڌي ٽي وي چينلز تي هڪ اڌ ٽِڪَرُ ۽ اخبارن جي سرخين، سنڌ ۾ سرهائي پيدا ڪئي آهي ته ناميارن رٽائرڊ استادن تعليمي نظام کي بچائڻ ۽ بهتر بنائڻ خاطر تنظيم جوڙي ورتي آهي، ان تنظيم ۾ شامل معتبر شخصيتن جي نيت، اهليت ۽ ڏاهپ کان ڪير انڪار ڪندو؟ پر سندن تجويز ڪيل تعليمي نسخن کي مجاز تعليمي پاليسي ساز ادارا ڇو شامل ڪندا، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي عوام آڏو پنهنجو پاڻ کي ذميوار سمجھڻ کان وڌيڪ عالمي مفادن کي گھڻي ترجيح ڏين ٿا. اهڙي قحط الرجال دور ۾ تعليمي نظام جو بنڊُ ڏينهون ڏينهن ڳرو ٿيندو پيو وڃي.
خانگي اسڪولن ۽ ادارن وٽ مادري ٻولي سنڌي نه پڙهائڻ جا جيڪي مک جواز ڄاڻايا وڃن ٿا، تن مان هڪ ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو جوڙيل نصاب انتهائي ناقص، فرسوده ۽ پٺتي پيل آهي ۽ ٻيو خانگي تعليمي فرنچائز وٽ سندن گھڙيل اهم جواز هيءُ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پاڙهڻ، لکت جو نظام۽ درست اُچارن جي ادائيگي ۽ ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا معاملا انتهائي پيچيده آهن، اهڙي مشڪل ترين ٻولي پاڙهڻ لاءِ وٽن تربيت يافته استادن جي اڻاٺ آهي. هاڻي ڏيو منهن! خانگي تعليمي فرنچائز مادري ٻولي سنڌي پاڙهيندڙ اهڙن اسڪولن جي هر حوالي سان مخالفت ڪري، جڳاڙي جواز گھڙي، خانگي تعليمي فرنچائز ۾ داخلا وقت ٻارن کي آسمان تان تارن لاهڻ جي تربيت ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي. صرف مادري ٻوليءَ جي تدريس وقت اُٺُ پکي بڻجي پوڻ معنيٰ خيز آهي.
مون وٽ پاڪستان، بنگلاديش، ڀارت، افغانستان، ايران، نيپال، ازبڪستان ۽ سري لنڪا ۾ پاڙهيون ويندڙ ٻوليون سنڌي، هندي، بنگالي، تامل، ڪنڙ، مراٺي، دري، پشتو، فارسي، نيپالي، راجسٿاني، سنهالي ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب پي ڊي ايف صورت ۾ موجود آهن. مون انهن ذڪر ڪيل ملڪن جي ٻولين ۾ موجود نصاب جو جزوي مطالعو ڪيو آهي. رنگن، فائن آرٽ ۽ ترتيب جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ سري لنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان جا درسي ڪتاب سهڻا آهن، ٻارُ ته ڇا پر استاد به ڏسي دنگ رهجي وڃي ٿو. اهي مادري ٻولين ۾ جوڙيل درسي ڪتاب خاص ڪري سائين محمد علي ڀٽي، ڀائي خان شر، سعيد منگي، اي آر آزاد ۽ توفيق سولنگي جهڙن چترڪارن جي حَسين تخيل جو توجهه ضرور بنجندا. سنڌ جي نصابي ماهرن کي ڀارتي رياست مهاراشٽر ۾ سنڌي ٻارن لاءِ منظور ڪيل سنڌي نصاب جو جائزو وٺڻ گھرجي، ان سنڌي نصاب ۾ سنڌي ٻولي، رياضي، جاگرافي، تاريخ، سائنس ۽ شهريت جا درسي ڪتاب ڪلاس پهرئين کان اٺين ڪلاس تائين آن لائن موجود آهن. ان نقطي تي پڻ ڌيان ڌرڻ گھرجي ته ڀارت، افغانستان ۽ سري لنڪا جي انگريزي درسي ڪتابن ۾ مادري ٻولي به موجود آهي پر سنڌ جي انگريزي نصاب ۾ سنڌي ٻولي ترجمي طور موجود ڇو نه آهي؟ مٿين ذڪر ڪيل ملڪن جي ٻولين ۾ موجود نصاب جي جزوي جائزي کانپوءِ اعتماد سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورد جو نصاب جيڪر مٿانهون ۽ اعليٰ ناهي ته گھٽ به ناهي. تقابلي جائزي کانسواءِ اُڀ ۾ لٺيون هڻڻ اجايون آهن.
جيتريقدر ڪنهن ٻوليءَ جي پاڙهڻ، لکت جي نظام، صورتخطي، درست اچارن جي ادائيگي ۽ ٻين معاملن جو تعلق آهي ته دنيا ۾ سڀ کان بدترين ٻولي انگريزي آهي، جنهن جي قاعدي کي رڳو رٽي طوطي جيان ياد ڪري سگھجي ٿو. انگريزي ٻوليءَ بابت انگريزي ٻوليءَ جي ئي شاعر برناڊشا جا لطيفا تمام گھڻا مشهور آهن. سنڌي ٻولي ڪيئن پڙهائجي؟ نصابي تربيتي ادارن جي جوڙيل ڪورسن جي آڌار تي انڊسليڪان سافٽ ويئر طرفان مون پنهنجي ساٿي سافٽ ويئر انجنيئر سيما ڀٽو سان گڏجي سرهاڻ سنڌي پاڙهيندڙ مفت سافٽ ويئر جوڙي انٽرنيٽ تي جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آئيوٽا، ڪِڪ پٽي ۽ سبقن کي صوتيات ۽ تحت اللفظ جي معيار کي نظر ۾ رکندي خوبصورت ۽ متحرڪ شڪلين کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪِڪِ پٽيءَ ۾ موجود اعرابن کي شڪلين سان انهن جي اچارن کي پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪيل نصابي سافٽ ويئر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي تيار ڪيل نصابي ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي اٺاويهن سبقن کي شامل ڪري لفظن ۽ جملن جي اُچار لاءِ آوازن ذريعي هِجي ۽ روان جو به طريقو شامل ڪيو اٿئون، جنهن ۾ ڏسندڙ يا سکندڙ ٻار ۽ بالغ پنهنجي مرضيءَ سان ان کي پزل گيم جيان استعمال ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته پهرئين سبق کان آخري سبق تائين ڪتاب ۾ شامل شين، جانورن ۽ پکين جهڙوڪ طوطي، هاٿي، شينهن، ريل گاڏي، بدڪ، مور، اٺ ، ڍڳي ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جا آواز پڻ موجود آهن، جيڪي آواز ٻارن وڌيڪ پسند ڪيا آهن. ٻارن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ٽرئفڪ جا نشان، جاميٽري جون بنيادي شڪليون، ڳڻپ جو تصور هن درسي سافٽ ويئر ۾ موجود آهي. ننڍي عمر ۾ رنگن جي ساڃاهه لاءِ ڏهه رنگ متعارف ڪرايا آهن. مفت آن لائن درسي سافٽ ويئر indusilicon.com تي موجود آهي، جيڪو سرڪاري، خانگي اسڪولن ۽ والدين جي ڌيان جو منتظر آهي. هي درسي سافٽ ويئر بنيادي ڏاڪو آهي. اڃان رياضي، جاگرافي، تاريخ، سائنس ۽ سنڌ جي ساڃاهه بابت نه رڳو ڊيسڪ ٽاپ ۽ آن لائن پر ٻين پليٽ فارمن جهڙوڪ: ٽيبليٽ، موبائل ۽ اينڊرائڊ لاءِ پڻ نصاب مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت ۽ اڻٽر حقيقت آهي.
The Kawish Group of Publication