سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڙهيندڙ سافٽ ويئر ۽ خانگي اسڪول : علي حسن ملاح

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    سنڌي ٻوليءَ ۾ پاڙهيندڙ سافٽ ويئر ۽ خانگي اسڪول

    علي حسن ملاح

    [​IMG]
    سنڌ جو تعليمي نظام شديد تنقيد هيٺ آهي، جيترا آهن، وات ايتريون آهن ڳالهيون. هڪڙيون ڌريون سنڌ جي اعليٰ تعليم يعني ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي ڪارڪردگيءَ ڏانهن تنقيدي آڱريون کڻن ٿيون ته ٻيون ڌريون وري جڏهن سنڌ جي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ڏانهن نهارين ٿيون ته سندن هينئڙو لوڻ ٿئي ٿو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تي وري بند پيل اسڪول، گھوسٽ ٽيچر، بدعنوان ڪاموراشاهي ۽ خانگي اسڪولن ۾ مادري ٻولي سنڌيءَ کي ترجيحن ۾ شامل نه ڪرڻ يا ڪٿي مورڳو ئي خانگي تعليمي اداري مان سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل نيڪالي ڏيڻ جهڙا معاملا بحث هيٺ اچن ٿا. سنڌ جي تعليم سان ايڏي وڏي ويڌن ۽ چڪندڙ ناسور جو درمان ۽ حل ڪنهن سيمينار، ڊگھي تقرير، خوبصورت بينر يا پينا فليڪس جي چمڪ ۽ سڏ پنڌ جي واڪ يا ريلي سان ته ممڪن ناهي! سنڌ ۾ سرگرم ڌريون رکي رکي تعليم جهڙي اهم ۽ نازڪ معاملي تي پنهنجو موقف ته سامهون آڻين ٿيون پر منجھن ڏور رس ادراڪ جي اڻاٺ، عملي طور متبادل حڪمت عمليءَ جي ڏڪار ۽ تعليمي نظام ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جي جدتن، وسعتن ۽ نزاڪتن سان عملي واهپو نه هئڻ يا سندس اهميت کان انڪار ڪرڻ سبب معاملو وڃي ٿو پيچيده ٿيندو. تعليمي نظام جي تباهيءَ بابت ڳڻتي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين کي ته اوس ٿيڻي آهي پر ڪجهه ڌريون، تعليم جهڙي مقدس شعبي کي بدنام ڪري سرڪاري تعليمي ادارن جو خاتمو چاهين ٿيون ته جيئن خانگي تعليمي فرنچائز کي کنڀين جيان اپائي سگھن، جتي سنڌ جي اسي سيڪڙو ٻارن جي مادري ٻولي سنڌيءَ لاءِ حقارت ڀريو رويو ۽ کل جوڳا دليل موجود آهن. انهن خانگي تعليمي فرنچائز جي تصور ۾ ٻار ۽ والدين سندن گراهڪ آهن، اداري جي هر سرگرمي اپت ۽ منافعي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. تعليم لاءِ دنيا جي مقرر ڪيل معيارن ۽ اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو وٺي ٿو. خانگي تعليمي فرنچائز جي جوڙيوال بوگس تحقيقي ادارن جي اڪثر انگن اکرن ۽ رپورٽن جي بنياد تي مچايل ميلي جو گھڻو زور شور سنڌي ميڊيم جي لُنگي چورائڻ جو ناٽڪ لڳندو آهي، جنهن جو تازو مثال ڪجھه هفتا اڳ لاهور ۾ قائم هڪ ”تحقيقي“ اداري پاران سنڌ جي تعليمي نظام جي جائزي کانپوءِ جاري ڪيل رپورٽ آهي. ان رپورٽ ۾ عجيب غريب مفروضا گھڙيا ويا آهن. سنڌي ٻارن کان سندن تعليمي معيار پرکڻ لاءِ جاري ڪيل چڪاس جي نموني ۾ ٻارنهن سِٽن مان ٻارنهن کان وڌيڪ صورتخطي، گرامر ۽ سٽاءَ جون غلطيون هيون. مون ۽ اصغر سومري ان چڪاس جي نموني ۾ ڪيل چُڪن کي ليڪي جڏهن فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي جاري ڪري وضاحت پڇي پر اڄ ڏينهن تائين ڪابه موٽ نه آئي آهي. اهڙا ادارا سنڌ جي تعليم جو پُڇُ ڀلي ڪارو ثابت ڪن، جيڪو آهي به سهي، پر جيڪر کين ڪوئي سانورو ڪوٺي ٿو ته کين ارهو ٿيڻ نه گھرجي.

    ڄامشوري ضلعي ۾ قائم هڪ خانگي تعليمي فرنچائز جي عورت سربراهه جي چهري جا تاثرات ان ڏينهن ڏسڻ وٽان هئا، جنهن درزڪي ۽ موبائل ڪورس جي تقريب ۾ تعليم جي تنزلي تي ڇوهه ٿي ڇنڊيا. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته اوهان پنهنجي سرڪاري اسڪول ۾ نياڻين کي ڪڏهن منهن ڏيکاريندا، ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. سنڌي ٽي وي چينلز تي هڪ اڌ ٽِڪَرُ ۽ اخبارن جي سرخين، سنڌ ۾ سرهائي پيدا ڪئي آهي ته ناميارن رٽائرڊ استادن تعليمي نظام کي بچائڻ ۽ بهتر بنائڻ خاطر تنظيم جوڙي ورتي آهي، ان تنظيم ۾ شامل معتبر شخصيتن جي نيت، اهليت ۽ ڏاهپ کان ڪير انڪار ڪندو؟ پر سندن تجويز ڪيل تعليمي نسخن کي مجاز تعليمي پاليسي ساز ادارا ڇو شامل ڪندا، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي عوام آڏو پنهنجو پاڻ کي ذميوار سمجھڻ کان وڌيڪ عالمي مفادن کي گھڻي ترجيح ڏين ٿا. اهڙي قحط الرجال دور ۾ تعليمي نظام جو بنڊُ ڏينهون ڏينهن ڳرو ٿيندو پيو وڃي.

    خانگي اسڪولن ۽ ادارن وٽ مادري ٻولي سنڌي نه پڙهائڻ جا جيڪي مک جواز ڄاڻايا وڃن ٿا، تن مان هڪ ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو جوڙيل نصاب انتهائي ناقص، فرسوده ۽ پٺتي پيل آهي ۽ ٻيو خانگي تعليمي فرنچائز وٽ سندن گھڙيل اهم جواز هيءُ آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي پاڙهڻ، لکت جو نظام۽ درست اُچارن جي ادائيگي ۽ ٻيا سنڌي ٻوليءَ جا معاملا انتهائي پيچيده آهن، اهڙي مشڪل ترين ٻولي پاڙهڻ لاءِ وٽن تربيت يافته استادن جي اڻاٺ آهي. هاڻي ڏيو منهن! خانگي تعليمي فرنچائز مادري ٻولي سنڌي پاڙهيندڙ اهڙن اسڪولن جي هر حوالي سان مخالفت ڪري، جڳاڙي جواز گھڙي، خانگي تعليمي فرنچائز ۾ داخلا وقت ٻارن کي آسمان تان تارن لاهڻ جي تربيت ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آهي. صرف مادري ٻوليءَ جي تدريس وقت اُٺُ پکي بڻجي پوڻ معنيٰ خيز آهي.

    مون وٽ پاڪستان، بنگلاديش، ڀارت، افغانستان، ايران، نيپال، ازبڪستان ۽ سري لنڪا ۾ پاڙهيون ويندڙ ٻوليون سنڌي، هندي، بنگالي، تامل، ڪنڙ، مراٺي، دري، پشتو، فارسي، نيپالي، راجسٿاني، سنهالي ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب پي ڊي ايف صورت ۾ موجود آهن. مون انهن ذڪر ڪيل ملڪن جي ٻولين ۾ موجود نصاب جو جزوي مطالعو ڪيو آهي. رنگن، فائن آرٽ ۽ ترتيب جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ سري لنڪا، بنگلاديش ۽ افغانستان جا درسي ڪتاب سهڻا آهن، ٻارُ ته ڇا پر استاد به ڏسي دنگ رهجي وڃي ٿو. اهي مادري ٻولين ۾ جوڙيل درسي ڪتاب خاص ڪري سائين محمد علي ڀٽي، ڀائي خان شر، سعيد منگي، اي آر آزاد ۽ توفيق سولنگي جهڙن چترڪارن جي حَسين تخيل جو توجهه ضرور بنجندا. سنڌ جي نصابي ماهرن کي ڀارتي رياست مهاراشٽر ۾ سنڌي ٻارن لاءِ منظور ڪيل سنڌي نصاب جو جائزو وٺڻ گھرجي، ان سنڌي نصاب ۾ سنڌي ٻولي، رياضي، جاگرافي، تاريخ، سائنس ۽ شهريت جا درسي ڪتاب ڪلاس پهرئين کان اٺين ڪلاس تائين آن لائن موجود آهن. ان نقطي تي پڻ ڌيان ڌرڻ گھرجي ته ڀارت، افغانستان ۽ سري لنڪا جي انگريزي درسي ڪتابن ۾ مادري ٻولي به موجود آهي پر سنڌ جي انگريزي نصاب ۾ سنڌي ٻولي ترجمي طور موجود ڇو نه آهي؟ مٿين ذڪر ڪيل ملڪن جي ٻولين ۾ موجود نصاب جي جزوي جائزي کانپوءِ اعتماد سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورد جو نصاب جيڪر مٿانهون ۽ اعليٰ ناهي ته گھٽ به ناهي. تقابلي جائزي کانسواءِ اُڀ ۾ لٺيون هڻڻ اجايون آهن.

    جيتريقدر ڪنهن ٻوليءَ جي پاڙهڻ، لکت جي نظام، صورتخطي، درست اچارن جي ادائيگي ۽ ٻين معاملن جو تعلق آهي ته دنيا ۾ سڀ کان بدترين ٻولي انگريزي آهي، جنهن جي قاعدي کي رڳو رٽي طوطي جيان ياد ڪري سگھجي ٿو. انگريزي ٻوليءَ بابت انگريزي ٻوليءَ جي ئي شاعر برناڊشا جا لطيفا تمام گھڻا مشهور آهن. سنڌي ٻولي ڪيئن پڙهائجي؟ نصابي تربيتي ادارن جي جوڙيل ڪورسن جي آڌار تي انڊسليڪان سافٽ ويئر طرفان مون پنهنجي ساٿي سافٽ ويئر انجنيئر سيما ڀٽو سان گڏجي سرهاڻ سنڌي پاڙهيندڙ مفت سافٽ ويئر جوڙي انٽرنيٽ تي جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آئيوٽا، ڪِڪ پٽي ۽ سبقن کي صوتيات ۽ تحت اللفظ جي معيار کي نظر ۾ رکندي خوبصورت ۽ متحرڪ شڪلين کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪِڪِ پٽيءَ ۾ موجود اعرابن کي شڪلين سان انهن جي اچارن کي پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪيل نصابي سافٽ ويئر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي تيار ڪيل نصابي ”سنڌي ٻاراڻو ڪتاب“ جي اٺاويهن سبقن کي شامل ڪري لفظن ۽ جملن جي اُچار لاءِ آوازن ذريعي هِجي ۽ روان جو به طريقو شامل ڪيو اٿئون، جنهن ۾ ڏسندڙ يا سکندڙ ٻار ۽ بالغ پنهنجي مرضيءَ سان ان کي پزل گيم جيان استعمال ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته پهرئين سبق کان آخري سبق تائين ڪتاب ۾ شامل شين، جانورن ۽ پکين جهڙوڪ طوطي، هاٿي، شينهن، ريل گاڏي، بدڪ، مور، اٺ ، ڍڳي ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جا آواز پڻ موجود آهن، جيڪي آواز ٻارن وڌيڪ پسند ڪيا آهن. ٻارن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ٽرئفڪ جا نشان، جاميٽري جون بنيادي شڪليون، ڳڻپ جو تصور هن درسي سافٽ ويئر ۾ موجود آهي. ننڍي عمر ۾ رنگن جي ساڃاهه لاءِ ڏهه رنگ متعارف ڪرايا آهن. مفت آن لائن درسي سافٽ ويئر indusilicon.com تي موجود آهي، جيڪو سرڪاري، خانگي اسڪولن ۽ والدين جي ڌيان جو منتظر آهي. هي درسي سافٽ ويئر بنيادي ڏاڪو آهي. اڃان رياضي، جاگرافي، تاريخ، سائنس ۽ سنڌ جي ساڃاهه بابت نه رڳو ڊيسڪ ٽاپ ۽ آن لائن پر ٻين پليٽ فارمن جهڙوڪ: ٽيبليٽ، موبائل ۽ اينڊرائڊ لاءِ پڻ نصاب مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت ۽ اڻٽر حقيقت آهي.

    The Kawish Group of Publication
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سمير عبدالله

    سمير عبدالله
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2014
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    دليون جوڙڻ
    ماڳ:
    ادا سنڌ جي ٻيون نمبر وڏي شهر جي دل ۾ ٿو رهان.
    سافٽوئر ڊاونلوڊ ڪئين ڪجي
    مهرباني ڪري ڏَسيندا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري تفصيل پڙهو ۽ سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. indusilicon

    indusilicon
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Jamshore, Sindh, Pakistan
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سمير عبدالله

    سمير عبدالله
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2014
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    63
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    ڌنڌو:
    دليون جوڙڻ
    ماڳ:
    ادا سنڌ جي ٻيون نمبر وڏي شهر جي دل ۾ ٿو رهان.
    سائين ڊائونلوڊ آپشن ته نٿو اچي. جيڪڏهن توهان وٽ سافٽويئر هجي ته مونکي ڪچهري مين موڪليو
     
  6. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    تمام بهترين ۽ ڪارائتو ليک آهي توهان جو وڏو مسئلو ئي اسان وٽ سچائيء جو آهي هتي حالت اها آهي جو تقريرون ڪرڻ وارا ۽ ريليون ڪڍڻ وارا پاڻ ئي سچا ڪو نه آهن انهن ۾ ئي گهوسٽ استاد ۽ تعليم دشمن ماڻهون ويٺل آهن ۽ توهان جي ٻئي ڳالهه به سورنهن آنا سچ آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارن جو نصاب مدي خارج ٿي چڪو آهي ان ۾ به تمام گهڻي تبديليء جي گنجائش آهي اهو نصاب دور جديد جي تقاضائن کي پورو ڪو نه ٿو ڪري
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو