• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آئنده توکي سنڌ سلامت تي نه ڏسان..!

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
بعد از سلام دوستو

ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ دوست جي هڪ ڳالهه اهڙو ته منجهائي ڇڏيو جو انٽرنيٽ کان نفرت ٿيڻ لڳي ،

نفرت ! مونکي ته نفرت لفظ جي پوري معنى اڄ تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي. نفرت انٽرنيٽ سان يا سنڌ سلامت ويبسائيٽ سان يا وري ٻوٿ واري ڪتاب (فيسبوڪ) سان ؟

ٻوٿ وارو ڪتاب ؟ ها ! ياد آيو ته، اسان جو موضوع ڪتاب ئي هو. پڇيائين ته فيسبوڪ ۽ سنڌسلامت کان علاوه ڪا ٻي ويبسائيٽ تي به ويندو آهين ڇا ؟

چيم: استاد گوگل جيڪو ڏسيندو آهي ته ان تي عمل ڪندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن موويز ڏسڻ جو موڊ هوندو آهي ته استاد گوگل کان پڇندو آهيان ۽ هو منهنجي اڳيان کوڙ ساريون مشهور موويز (فلمون) رکيو ڇڏي. بس ! پو دير نه ڪندو آهيان.. وري پڇيائين ته ڪتاب پڙهندو آهين ؟

چيم: ڪجهه ڏينهن کان ڪم ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آهيان جو ڪتاب پڙهڻ جيترو وقت ئي نٿو ملي .. مُرڪي چيائين ته : توکي پَنن وارو ڪتاب وڌيڪ يا ٻوٿ وارو.

چيم: پنن وارو ،

چيائين: ٻوٿ وارو ڪتاب بند ڪري ڇڏ. ان کي وساري ڇڏ

چيم : برابر صحيح فرمايئي اڄ کان پوءِ ٻوٿ واري ڪتاب ۾ منهن گهٽ هڻندس

چيائين : سنڌ سلامت کي به الوداع ڪر .

پڇيم : ڇو ؟؟

چيائين: اهو به تنهنجو وقت برباد پيو ٿئي.

چيم: نه نه ! آئون ته سنڌي دوستن کي ڪجهه سيکارڻ چاهيان ٿو .

ڌمڪي ڏيندي چيائين ته : آئنده توکي سنڌ سلامت تي نه ڏسان..!
2jcu147.jpg


ڏي صلاح ڇا ڪيان ؟
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا ..... او ادا .... ٻيلي ايئن نه ڪجان

اوهان دوست آهيو ته اسان به آهيون ۽ سنڌ سلامت به آهي. اوهان ڪتاب پڙهو ڀلي پڙهو پر جي ان مان ڪنهن کي فائدو نه پوي ته اهڙو علم ڪهڙي ڪم جو؟ ياد رکو پڙهڻ سڀ ڪجهه ناهي پر پڙهي ان تي عمل ڪرڻ ۽ علم ٻين تائين پهچائڻ ڪمال آهي. اوهان پنهنجو اهو ڪم جاري رکو. اوهان جا وڊيو ٽيٽرل ڪم وارا هوندا آهن.

سنڌ سلامت جو ڪم آهي ٻين تائين ڄاڻ پهچائڻ ۽ پنهنجي ٻولي جي ترقي ..... تنهنڪري اميد اٿم ته اسان جي ساٿ ۾ شامل رهندا.

سدا خوش هجو
 
ادا ..... او ادا .... ٻيلي ايئن نه ڪجان

اوهان دوست آهيو ته اسان به آهيون ۽ سنڌ سلامت به آهي. اوهان ڪتاب پڙهو ڀلي پڙهو پر جي ان مان ڪنهن کي فائدو نه پوي ته اهڙو علم ڪهڙي ڪم جو؟ ياد رکو پڙهڻ سڀ ڪجهه ناهي پر پڙهي ان تي عمل ڪرڻ ۽ علم ٻين تائين پهچائڻ ڪمال آهي. اوهان پنهنجو اهو ڪم جاري رکو. اوهان جا وڊيو ٽيٽرل ڪم وارا هوندا آهن.

سنڌ سلامت جو ڪم آهي ٻين تائين ڄاڻ پهچائڻ ۽ پنهنجي ٻولي جي ترقي ..... تنهنڪري اميد اٿم ته اسان جي ساٿ ۾ شامل رهندا.

سدا خوش هجو

جيستائين سسي ۾ ساهه آهي سنڌ سلامت سان ساٿ نڀائيندس. انشا الله
 
اسين سنڌين کي آئي ٽي بابت سيکارڻ لا محنت ڪريون پيا .باقي جيڪي ماڻهو چون ٿا ته سنڌ سلامت وقت برباد پيو ڪري اجو چوڻ مون کي برو لڳو جو،پر سنڌ سلامت تان جيڪو به ڪجھ سکيو آ اهو سنڌ سلامت تان سکيو آ.هاڻي اسان جو فرض آهي ته ڪجھ سيکاريون.
جيسين حياتي آهي سنڌ سلامت جو ساٿ نه چڏبو.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top