بعد از سلام دوستو
ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ دوست جي هڪ ڳالهه اهڙو ته منجهائي ڇڏيو جو انٽرنيٽ کان نفرت ٿيڻ لڳي ،
نفرت ! مونکي ته نفرت لفظ جي پوري معنى اڄ تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي. نفرت انٽرنيٽ سان يا سنڌ سلامت ويبسائيٽ سان يا وري ٻوٿ واري ڪتاب (فيسبوڪ) سان ؟
ٻوٿ وارو ڪتاب ؟ ها ! ياد آيو ته، اسان جو موضوع ڪتاب ئي هو. پڇيائين ته فيسبوڪ ۽ سنڌسلامت کان علاوه ڪا ٻي ويبسائيٽ تي به ويندو آهين ڇا ؟
چيم: استاد گوگل جيڪو ڏسيندو آهي ته ان تي عمل ڪندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن موويز ڏسڻ جو موڊ هوندو آهي ته استاد گوگل کان پڇندو آهيان ۽ هو منهنجي اڳيان کوڙ ساريون مشهور موويز (فلمون) رکيو ڇڏي. بس ! پو دير نه ڪندو آهيان.. وري پڇيائين ته ڪتاب پڙهندو آهين ؟
چيم: ڪجهه ڏينهن کان ڪم ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آهيان جو ڪتاب پڙهڻ جيترو وقت ئي نٿو ملي .. مُرڪي چيائين ته : توکي پَنن وارو ڪتاب وڌيڪ يا ٻوٿ وارو.
چيم: پنن وارو ،
چيائين: ٻوٿ وارو ڪتاب بند ڪري ڇڏ. ان کي وساري ڇڏ
چيم : برابر صحيح فرمايئي اڄ کان پوءِ ٻوٿ واري ڪتاب ۾ منهن گهٽ هڻندس
چيائين : سنڌ سلامت کي به الوداع ڪر .
پڇيم : ڇو ؟؟
چيائين: اهو به تنهنجو وقت برباد پيو ٿئي.
چيم: نه نه ! آئون ته سنڌي دوستن کي ڪجهه سيکارڻ چاهيان ٿو .
ڌمڪي ڏيندي چيائين ته : آئنده توکي سنڌ سلامت تي نه ڏسان..!
ڏي صلاح ڇا ڪيان ؟

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: