• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيٽري جي هوندي به نو بيٽري آخر ڇو؟؟؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ارشد
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ارشد

سينيئر رڪن
اسلام و عليڪم دوستو
جيئن ته عرض آهي ته مان هڪ ليپٽاپ ورتو آهي 2 ڏينهن پهريان پر اڄ اوچتو هلندي هلندي بيٽري جي موجودگي ٻڌائڻ ڇڏي ڏنو اٿس جڏهن ته بيٽري به موجود اٿس ۽ بيٽري سان اسٽارٽ به نه پيو ٿئي جڏهن چارجر جي تار لڳائجيس ٿي ته پو اسٽارٽ ٿئي ٿو ۽ پو وري بيٽري تي هلي به ٿو وڌيڪ هن اسڪرين شاٽ کي ڏسندا ته ڪجه سمجه ۾ ايندو
http://i62.tinypic.com/qyepfc.jpg

qyepfc.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
توهان پنهنجي ليپ ٽاپ جي بيٽري ڪڍي ٻوء ليپ ٽاپ کي 30 سيڪنڊ پاور بٽڻ پريس ڪريو پوء کولي ڪري بيٽري وجهي ڪري پوء چارج ڪريو
پوء اهو مسئلو نه ايندو
 
توهان پنهنجي ليپ ٽاپ جي بيٽري ڪڍي ٻوء ليپ ٽاپ کي 30 سيڪنڊ پاور بٽڻ پريس ڪريو پوء کولي ڪري بيٽري وجهي ڪري پوء چارج ڪريو
پوء اهو مسئلو نه ايندو

ادا فاروق توهان جو مطلب ته چارجر تي هلائي پو بيٽري ڪڍانس ۽ 30 سيڪنڊ پاور جي بٽڻ کي ڌٻائي رکان ؟؟
 
ڇا هن مسئلي جي پيش اچڻ بعد بيٽري جي بيڪ اپ ۾ ڪو فرق آيو آهي، مطلب ته چارجنگ ڪڍڻ کان پوءِ بيٽري ڪيتري وقت تائين هلائي ٿو، ڪوشش ڪري ٻئي ڪنهن دوست سان رابطو ڪريو جنهن وٽ بلڪل اهڙو ليپٽاپ هجي ان جي چارجنگ ايڊاپٽر کي پنهنجي ليپٽاپ تي استعمال ڪريو يا وري پنهنجي چارجنگ ايڊاپٽر کي سندس لييپٽاپ تي استعمال ڪري ڏسو.. ڇ ڪو فرق محسوس ٿئي ٿو؟
 
ادا مست بيٽري جي موجودگي ته ظاهر ئي نه ٿو ڪري بيٽري ناٽ ڊٽيڪٽيڊ ٿو ٻڌائي
 
ادا ٻيو حل اهو آهي ته توهان جنهن دڪان تان ليپٽاپ ورتو آهي ان کي ڏيکاريو....
 
ما ڪمپيوٽر جي پراپرتي ۾ وڃي ڪري اتان device manager کي ڪلڪ ڪري بعد ۾ هن تي رائيٽ ڪلڪ ڪري microsoft acpi compliant control method battery پو unistall ڪريو
ان کي ٻيهر انسٽال ڪريو يا ڊرائيور کي اپڊيٽ ڪريو.
218386-0207-uninstall_original.jpg
 
اسان جي هڪ دوست سان اهو مسئلو هو. جنهن ٽي دفعا بئٽري تبديل ڪئي پر مسئلو برقرار. نيٺ خبر پئي ته مسئلو بيٽري ۾ نه پر چارجر ۾ هو. جيڪو بئٽري کي باءِ پاس ڪري پاور پيو ڏي. چارجر تبديل ڪرڻ سان مسئلو حل ٿي ويو.
اوهان ٻيو ڪو چارجر استعمال ڪري ڏِسو. اُميد ته مسئلو حل ٿي ويندو.
 
لڳ ڀڳ ساڳيو مسئلو منهنجي ليپ ٽاپ سان به آهي. مرضي اٿس بيٽري تي هلي يا نه هلي...مجبورن ڊائريڪٽ لائيٽ تي ئي هلائڻو پوندو آهي...:(
بيٽري مڪمل خراب به ناهي ڇو جو جڏهن بيٽري تي هلندو آهي ته آرام سان ٻه ٽي ڪلاڪ هلي ويندو آهي..
بيٽري چارج به پنهنجي مرضي سان ٿيندي اٿس ڪڏهن ته هفتن جا هفتا بيٽري چارج ئي ڪو نه ٿئي...:confused:
بس پنهنجي سستي جيڪري ڪنهن سروس سينٽر يا ريپيئر شاپ تي به نه ڏيکاريو سگهيو آهيان...اسان وٽ لائيٽ به تمام گهٽ ويندي آهي انڪري بيٽري تي هلائڻ جي ضرورت به نه پوندي آهي.
منهنجي خيال موجب ليپ ٽاپ جي وائرنگ شايد خراب ٿي وئي آهي....
ٿورو ٿُڪ بُجو ٿيندس ته متان صحيح ٿي وڃي...;)
وڌيڪ ڪمپيوٽر جا اسپيشلسٽ ئي مسئلي جو حل ٻڌائي سگهن ٿا..:)
 
سڀ کا پهرين ته مبارڪون جو ڪراچي ۾ رهندي ڪٿي اهڙي هنڌ رھوٿا جتي بجلي نه ٿي وڃي. سليمان وساڻ کي ضرور ٻڌائجو. هو ڳولا س۾ آھي اھڙي هنڌ جي.
اوهان چارجر تبديل ڪري ڏسو مسئلو حل ٿي ويندو.
 
Back
Top