هاڻ ڪهڙو پڇتاءُ (گهريلو ڪهاڻي ۽ سيريل ڊرامون( تحرير

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هاڻ ڪهڙو پڇتاءُ

    تحرير ، مُڪالما ۽ منظر ڪشي : عبدالرزاق ميمڻ


    هُو پاڻ ۾ پنج ڀاءءُ پيڻ هئا. سندُن پيءَ هڪ سٺي ڪمپنيءَ ۾ نوڪر هو، گهر جو ماحول پيار ڀريو پر ڪڏنهن ڪڏنه ڀينرُن جو پاڻ ۾ تڪرار به ٿي پوندو هو، خير جنهن گهر ۾ ٺڪر هوندا ته اُتي کُڙ کُڙ به پئدا ٿيندي ۽ اها ڪا غير فطري ڳالهه ڪانه هُئي. ڀينرُن جو اهو تڪرار به گهڻي قدر وڏي ڀيڻ سان ئي ٿيندو هو جنهنکي هو آپي چوندا هُئا. ڇو جو وڏي ڀيڻ اڪثر اُنهن تي روب ڪندي رهندي هُئي جيڪو ننڍين کي نا پسند هو. آپي سڀني جي مُقابلي ۾ خوبصورت ڀيڻ حوئي. وڏي ڀيڻ هُئڻ ڪري ٻيون ٽي ڀينرون هُن جو خيال به ڪنديو هُيون پر آپيءَ جي ڪاوڙ هر وقت نڪ تي هُئي ۽ هوءَ ڪنهنجو به خيال يا لحاظ ڪونه ڪندي هُئي، هر وقت پنهنجي مرضي هلائيندي هُئي ۽ گهر ۾ ٻئي ڪنهنجي به جائز ناجائز مرضي هلڻ نه ڏيندي هُئي. صائمه، ناديا ۽ عاصمه اڪثر آپيءَ جو شڪايتون ماءُ سان ڪنديون هُيون جنهن تي اُبتو کين ئي دڙڪا ملندا هُئا ۽ وڏن جي ادب ڪرڻ جو حڪم به اهو ئي سبب هو جو سندن آپي من ماني ڪندي هُئي ۽ بقول ڀينرن جي مٿي تي چڙهندي پئي وئي .جڏنهن ته سندن اڪيلو ۽ موڀي عامر ڀاءُ به پنهنجي ئي من ۽ مستيءَ وارو هوندو هو.


    آخر اُهو به وقت اچي ويو جو آپي پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي فيصلن کي به خاطر خيال ۾ نه آڻيندي هُئي سندس اهو احساس به وڃڻ لڳو ته هو ڪنهن سان مُخاطب آهي، ڪهڙي ڳالهه ۽ ڪهڙي وقت تي ڪرڻي آهي. آپيءَ ۾ هر ڪنهن مان عيب ڪڍڻ جي عادت گهر ڪري وئي هُئي ۽ هر ڪنهن پنهنجي يا پرائي جي مذاق اُڏائڻ کان به پري نه هٽندي هُئي. ڀاءَ هُجي يا ڀيڻون، پنهنجو هُجي يا پرايو يا مهمان هُجي هر ڪنهن کي ٽارگٽ ڪريتوهين آميز مشڪري ڪندي رهندي هُئي، ڪنهن کي گنجو، ڪوجهو، ڪاڻون، ڏندُو، اُٺ، ڪارو وغيره لفظ ته سندس زبان تي رکيا ئي رکيا هوندا هُئا ۽ انهن لفظن جي ادائگيءَ کان پوءِ هُوءَ ٽهڪ ڏئي کلڻ جي ڪوشش به ڪندي هُئي جنهن کي گهر جا سطئي ڀاتي پسند ڪونه ڪندا هُئا


    آپيءَ جون اهي حرڪتون ڏسي ڏاڏي امان کي چوندي ۽ سمجهائيندي رهندي هُئي ته تُهنجي هيءَ ڌيءَ ته بي لغام گهوڙي جيان آهي هن جا لغام سوگها ڪر متان ڪٿي پڇتائڻو نه پئجي وڃي. ۽ امان ڏاڏيءَ کي اهوئي چوندي هُئي ته چاچي، هن عمر ۾ سڀ ڇوڪريون ائين ئي هونديون آهن، شادين کان پوءَ ئي کين سمجهڻ جو موقعو ملندو آهي، وقت ۽ حالت کين سڌو ڪري ڇڏيندا آهن. شايد پهرون ٻار هُئڻ ڪرتي کيس گهر ۾ گهڻو لاڏ مليو اُن ڪري اهڙي آهي. توهان فڪر نه ڪريو الله بهتر ڪندو، پنهنجي گهر وينديون ته صحيح ٿي وينديون. آخرڪار اُهو وقت به اچي پُهتو جو ماءُ پيءُ آپيءَ جي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.


    اُنهن ئي ڏهاڙن م مامي رشيدان آپيءَ جوِ پنهنجي پٽ جهانگير لاءِ رشتو گهريو هو. جهانگير علم، ڪاروبار ۽ ٻين ڪردارن ڪري سندُن هڪ سُٺو ۽ سُلڇڻو قدارور ماروٽ ته هو پر ويچاري جي مٿي تي ٿورڙي گنج هُئي. آپي ان رشتي جو ٻُڌندي ئي اجايا ٽهڪ ڏئي ته اهو ٻُڌائڻ لڳو ته ڇا اهڙو وقت به اچي ويو جو هوءَ ايڏي سُهڻي هاڻ ان گنجي اُٺ سئوٽ سان شادي ڪندي، امي ٻيا ڪي رشتا کُٽا اهن،۽ ماءُ کي به رشيدان جي سامهون شرمندو ٿيڻو پيو هو جنهن جي مُنهن تي آپي جهانگير جي مذاق اُڏائڻ لڳي هُئي. ماءُ کيس گهڻا دڙڪا به ڏنا ۽ رشيدان به ناراض ٿي هلي وئي هُئي.


    هڪ ٻيو رشتو وري سندس سوٽاڻي سئوٽ جاويد جو به آيو هو. جيڪو قد جو ننڍو هو جنهن کي به آپي اهو چئي ٺڪرائي ڇڏيو ته بڙي ميان ته بڙي ميان ! ڇوٽي ميان به سبحان الله! ماڻس گهڻو ئي سمجهايس ته شرم ڪر! تُهنجو رشتو انهيءَ سوٽاڻي سئوٽ سان طع ٿيڻ وارو آهي. پر آپيءَ جي کل ئي نه بهي. ايتري ۾ پيءَ به گهر اچي پُهتو ۽ کيس ان رشتي لاِ راضي ڪرڻ لڳو، ۽ آپي پيءُ کي به جواب ڏئي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي، ماءُ پيءُ جي نافرماني ۽ اهڙي سُٺي رشتي ڪرڻ تي گهڻو ئي سمجهايس پر هو ٽس کان مس نه ٿي چوڻ لڳي ته امي شادي مونکي ڪرڻي اهي، اهڙي ناٽو مُڙس سان شادي ڪيم ته ساهيڙيون مُهنجي مذاق اڏائينديون ۽ آئون سڄي عُمر احساس ڪمتريءَ ۾ ڪيئن جيئندس. پر توکي شرم نه آيو پِءُ جي سامهون ائين ڳالهائڻ جو، امي شادبابا کي نه مونکي ڪرڻي آ چئي هوءَ مُنهن گوڏن ۾ وجهي رُئڻ لڳي ۽ ماءُ کيس رُئندي ڇڏي ڪمري کان نڪري آئي. جاويد جي ماءُ انڪار جو ٻُڌي چئي ويٺي ته ادي مُهنجي جاويد انجنيئر لاءِ هزارين رشتا، مون پنهجون هي گهر پهرئين ان لاءِ ٽڙڪايو ته متان ادو معيار ڏي ته سئوٽن جو رشتو ڇڏي ٻيا رشتا پئي ڪيان. ڀيڻ سچ چيو اٿن ته رشتا آسمانن تي لکبا آهن.
    (هلندڙ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو