سنڌ جي مايوس نوجوانن بابت الطاف شيخ جو ڪالم

'الطاف شيخ جا ڪالم' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2014۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄڪلهه وڌندڙ آبادي سبب ٿيندڙ بيروزگاري جي ڪري سنڌي نوجوان ايڏو مايوس آهي جو گهر وارن جي مهڻن طعنن کان بچڻ لاءِ ڪنهن جي به ڳالهين ۾ اچي ڪُجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن ڪمن ۾ ٻاهر مُلڪ وڃي پڙهڻ جو شؤق ڪُجهه سوَايو آهي. بنا اهو سوچي ته اسڪالرشِپ ملڻ مذاق ناهي. ملي به وڃي ته پئسي بچڻ يا گڏ ٿيڻ جي گارنٽي ناهي. نه وري اها پَڪ ته ٻاهران پڙهي اچڻ سان نوڪري جو آرڊر ايئرپورٽ تي آن ارائول ملندو. پوءِ به نوجوان آهن جيڪي مُڙن ئي نه ٿا. الطاف شيخ جنهن دُنيا گهُمي آهي تِن جو رايو هن ڪالم ۾.

    اسان جا سادڙا ماڻهو !

    الطاف شيخ

    [​IMG]
    اسان جي ماڻهن جي به عجيب سوچَ آهي، بلڪه آئون ته اهو چوندس ته، هو ايتري ته سادي طبيعت جا آهن، جو هر هڪ جي ڳالهه تي آسانيءَ سان اعتبار ڪريو وڃن. هن ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به هنن کان اها تڪليف نٿي پڄي ته، کڻي صحيح معلومات حاصل ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان کان بچائين. مثال طور ڪجهه ڏينهن اڳ گهوٽڪي کان هڪ همراهه فون ڪيو ته، هو ايم بي اي پڙهڻ لاءِ ملائيشيا وڃڻ ٿو چاهي. مونکي اهو ٻڌي حيرت ٿي ته،MBA يا B.E ۽ MBBS جهڙيون معمولي ڊگريون ته هِتان پاڪستان مان به ڪري سگهجن ٿيون. انهن بيچلر وارين ڊگرين کي آئون معمولي ان ڪري چوان ٿو جو اڄ جي دور ۾ انهن جي Value ئي ڇا آهي. اِيئن ته جن ڏينهن ۾ آئون پنجين ڪلاس ۾ هئس يعني 1954ع ۾، انهن ڏينهن ۾ ته مئٽرڪ به وڏي ڳالهه هئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ وارن کي هالا جي هاءِ اسڪول ۾ ماستري ملي وئي ٿي پر هاڻ ته PhD ڪرڻ بعد به معمولي ماستري مشڪل سان ٿي ملي. پاڪستان ۾ سرڪاري ڪاليجن کان علاوه ڪيترائي خانگي ڪاليج آهن، جن ۾ انجنيئرنگ يا ڊاڪٽري پڙهائي وڃي ٿي. انهن جي في سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کان کڻي وڌيڪ آهي پر ته به ڪنهن سستي کان سستي ملڪ جي ڪاليج جي خرچ کان وري به گهٽ آهي.... اهو ملڪ ڀلي کڻي بنگلاديش هجي، ايران هجي يا چين ۽ ملائيشيا يا ڪو ٻيو ايشيائي ملڪ.... جِتي ڪٿي ٻاهرن ملڪن کان آيل شاگردن لاءِ ڳريون فيون آهن ۽ کاڌي پيتي ۽ رهائش جو به وڏو خرچ آهي. ۽ اهو شاگرد جنهن انٽر ۾ سٺي پوزيشن نه کنئي آهي (تڏهن ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري ڪاليج يا يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي آهي، اهو پڙهائيءَ ۾ ڪمزور ئي چئبو ۽) ان کي جڏهن ولايت ۾ ڪو ميڊيڪل يا انجنيئرنگ ڪاليج داخلا ٿو ڏئي، ته اهو پڪ ڪو اعليٰ معيار جو درسگاهه نه پر ٺڙڪ ٺڳيءَ وارو ئي هوندو، جنهن جي ڊگريءَ کي بين الاقوامي طور گهٽ ئي قبول ڪيو ويندو هوندو.

    مون گهوٽڪيءَ جي همراهه کي سمجھايو ته، ”ان بنيادي ڊگري MBA لاءِ ڇو ٿو ٻاهر وڃين. اهو سوچ ته ان تي تنهنجو ڪيڏو خرچ ايندو!“ ”نه مونکي اسڪالرشپ ملي رهي آهي، ملائيشيا ۾ پڙهڻ جي“، هن ٻڌايو، جنهن تي مونکي ويتر حيرت ٿي. خير اها ته مونکي خبر آهي ته، ڪجهه ملڪن جون يونيورسٽيون ڌارين ملڪن، خاص ڪري پٺتي پيل ايشيائي ۽ آفريڪن ملڪن جي شاگردن کي پڙهائي ۽ رهائش وغيره جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏين ٿيون. پر اها اڪثر انهن کي ڏني وڃي ٿي، جيڪي پڙهائيءَ ۾ هوشيار آهن ۽ ٻي ڳالهه ته جپان وارا ڏين يا ملائيشيا وارا..... اسڪالرشپ اُن کي ملي ٿي، جنهن جي پوسٽ گريجوئيشن ٿيل آهي، يعني هو پنهنجي فيلڊ ڊاڪٽري، انجنيئرنگ يا ڪنهن ٻي فيلڊ ۾ فقط بيچلر نه پر ماسٽرس ڊگري يافته آهي. ان کي PhD لاءِ گهرايو وڃي ٿو.... نه ڪي MBA وغيره لاءِ. ان تي هن ٻڌايو ته ڪو ايجنٽ آهي جيڪو 80 هزار رپين جي بدلي ۾ ملائيشيا ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ وٺرائي ڏئي ٿو ۽ سوا لک رپين ۾ يورپ جي ڪنهن به ملڪ ۾. پر هو چوي ٿو ته، ”ان لاءِ ان ملڪ جي سفارتخاني طرفان ورتل انٽرويو ۾ ان کي مطمئن ڪرڻ توهانجو ڪم آهي. سو ان سلسلي ۾ آئون اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته، توهان جي ملائيشيا جي قونصل خاني ۾ ڄاڻ سڃاڻ آهي جو منهنجو ڪم ٿي سگهي.“ مون هن کي سمجھايو ته، ڌارئين ملڪ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي خرچ يا مليل اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ پهرين پوسٽ رستي يا انٽرنيٽ ذريعي ان تعليمي اداري ۾ داخلا لاءِ apply‏ ڪرڻو پوندو آهي. داخلا ملڻ بعد هنن کي اسڪالر جو ٻڌائڻو پوندو آهي يا پنهنجي خرچ تي پڙهڻ جي صورت ۾ هنن جي پهرين سيمسٽر جو خرچ بئنڪ ذريعي آن لائين ادا ڪبو آهي يا ويسٽرن يونين جهڙي اداري ذريعي ڪيش پئسا موڪلبا آهن. پوءِ اها يونيورسٽي ان شاگرد کي داخلا ڏيڻ جي رضامنديءَ جو خط موڪليندي آهي ته، جيئن پاسپورٽ سان گڏ اهو خط ان ملڪ جي قونصل خاني يا سفارتخاني ۾ جمع ڪرائي ان تيStudyVisa جو ٺپو لڳرائي ۽ پوءِ ٽڪيٽ خريد ڪري اچي. اهي تعليمي ادارا ان خط جي نقل جي ڪاپي ڊائريڪٽ سفارتخاني کي به موڪلين ٿا، جيئن هو ٻنهي خطن جي خاطري ڪري اُميدوار کي ويزا جو في الحال مهيني يا اڌ جو ٺپو هڻي ڏين، جيئن اهو شاگرد في الحال يونيورسٽيءَ ۾ هلي داخلا وٺي. هفتو کن ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد يونيورسٽيءَ وارا ان شاگرد کان پاسپورٽ وٺي سال جي ويزا جو ٺپو هڻائي. پوءِ پاسپورٽ پاڻ وٽ رکن ٿا. اڳ ۾ اهو پاسپورٽ شاگرد حوالي ڪري ڇڏيندا هئا پر پوءِ ڪيترا شاگرد تعليم جاري رکڻ بدران نوڪريون ڳوليندا وتيا ٿي.

    مون اها ڳالهه هن گهوٽڪيءَ جي شاگرد کي سمجهائي ته ويزا حاصل ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي. ۽ سفارتخانن ۾ ايڏي سختي آهي جو انهن جي ملڪ ۾ نوڪري ملڻ يا پڙهڻ لاءِ داخلا ملڻ بعد به ڪو اميدوار سنئون سڌو ڪنهن سفارتڪار سان نٿو ملي سگهي. ويزا جو ٺپو لڳرائڻ لاءِ پاسپورٽ، يونيورسٽي طرفان آيل خط (يا نوڪري جي صورت ۾ نوڪري ڏيندڙ اداري جو خط) ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽ ڪنهن ڪوريئر سروس ذريعي سفارتخاني/قونصل خاني موڪلڻا پون ٿا سفارتخانن کي، خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن ۾، نه وقت آهي نه سڪيورٽي کين اجازت ٿي ڏئي ته ويزا وٺندڙ سان روبرو ملن. اهي ڳالهيون ٻڌائي مون هن ان همراهه کي چيو ته، ”مونکي لڳي ٿو ته، اهو ايجنٽ اوهان سان ٺڳي ڪري رهيو آهي.“ پر مون ڏٺو ته هو ان ايجنٽ جي ڳالهين ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو هو ۽ خوابن جي دنيا ۾ پنهنجي اڏيل پروگرام ۾ ايڏو ته منڊيل هو، جو هن کي ٻي جي ڳالهه نه پئي وڻي.

    مون چيومانس ته، ڀلا هڪ ڪم ڪر! جيڪڏهن اهو ايجنٽ توهان جي ڳوٺ جو آهي، ته هن کي چئن چڱن اڳيان ڪرينس ته جيئن تنهنجو ڪم نه ٿئي ۽ تنهنجو پئسو غرق ٿي وڃي يا اتي پهچي توکي ڪا سزا اچي وڃي، ته هن ايجنٽ جي پويان وٺ پڪڙ ته ٿي سگهي. ”هو اسانجي ڳوٺ جو ناهي. پر سکر ۾ رهندڙ منهنجي هڪ دوست جو سڃاڻو آهي.“ هن ٻڌايو. ”چڱو ڀلا هڪ ٻيو ڪم ڪر،“ مون هن کي صلاح ڏني، ”جيڪڏهن تون سمجھين ٿو ته ايئن لک سوا لک رپيا ڏيڻ سان ٻاهر پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ ويزا ملي ويندي، ته هن ايجنٽ کي چئه ته هو توکي انهن ٻن ٽن شاگردن جا فون نمبر ڏئي، جن کي هن ٻاهر پڙهائيءَ لاءِ داخلا ۽ اسڪالرشپ وٺي ڏني آهي. پوءِ تون انهن شاگردن کي فون ڪري پڪ ڪر ته ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي آهي يا نه. باقي گهر وٺرائي ڏيڻ واري دلال وانگر هن جو ڪم تومان ڪميشن ڪڍڻ آهي. پوءِ ڀلي توکي بعد ۾ خبر پوي ته اهو گهر ڦڏي جو آهي ۽ تنهنجي حوالي ٿي نٿو سگهي.“ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته لک رپيا ڏيڻ سان جي ٻاهر پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي وڃي، يعني سال جي پڙهائيءَ جو ڏهه ٻارنهن لک خرچ ملي وڃي، ته هرڪو ائين نه ڪري! پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته، اهڙن ٺڳ ايجنٽن جو شڪار اڄڪلهه گهڻو تڻو سنڌ صوبي جا ماڻهو آهن، هو هر وقت ٻين جي مٺين ڳالهين تي جھٽ پٽ وسهجيو وڃن.

    altafshaikh2005@gmail.com
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گذريل ڇنڇر تي جڏهن الطاف شيخ سان ملاقات ٿي ته ڳالهين موضوع سنڌي شاگر، تعليم ۽ سياست ۾ بهتري ڪيئن اچي ئي رهيا .... الطاف شيخ چيو ته اسان جي نوجوانن کي صحيح رهنمائي نه پئي ملي، نه وري ڪي ادارا آهن جيڪي ان بابت آگاهي ڏين.

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ايئن ته بلڪل آهي. هن وقت آمريڪا توڙي يورپ ۾ به بيروزگاري انتها تي آهي. وري به هُنن جي گورنمنٽ تي ماڻهن کي اعتبار آهي (هُجڻ به کپي) ۽ ساڳي وقت به هو به سُٺن شهرين جو فرض نڀائيندي ڳالهه کي سمجهندي ننڍي کان ننڍو پورهيو ڪندي به نه پيا ڪيٻائن ۽ گرونمنٽ به مُختلف ڏُڱيا فيصلا ڪندي موجوده ملازمن جي رليف ۾ ڪٽوتي ڪندي نون ماڻهن لاءِ بندوبست ۾ رُڌل آهي.
    ڳالهه اُها ئي ته اسان جي مُلڪ جي پاڙ ٺِڪري تي آهي ڇا ڪجي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الطاف صاحب جو ڪالم پڙھيو سين واقعي اھو سچ آھي ت اسان ماڻھن مان اڃان سادگي ن وئيي آھي جھٽ ماڻھن جي ڳالھين ۾اچيو وڃون
     
  5. رياض ملڪاڻي

    رياض ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    152
    ورتل پسنديدگيون:
    415
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    ملڪاڻي بدين
    بهترين ڪالم آهي، اها واقعي حقيقت آهي ته پئسي لا هتي ڀا ڀا کي ڦرڻ لا تيار آهي، اهڙا فورو ايجنٽ عام جام ٿي ويا آهن، جنهن جي پهرين گهٽ خبر هئي سائين الطاف شيخ جي سفر نامن انهن کي پڌرو ڪيوآهي. ماڻهن ۾ ايمان رهيو ئي ناهي ٻين ملڪن ته ٺهيو پاڪ جڳهن مڪه ۽ مدينه جهڙن مقدس جڳهن تي موڪلڻ وارا بي فراڊي ايجنٽ گهمن ٿاپيا. الله کين هدايت ڏي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو