عشق ۽ درد

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
عشق قاتل هيو مان نه ڄاڻي سگهيس..
درد وڌندو رهيو مان نه ڄاڻي سگهيس..
توسان ناتو ٽُٽو نيٺ روئي پياسين.
جي جهرندو رهيو مان نه ڄاڻي سگهيس..
پيار توکي ڏنم ساه توکي سڏيم.
ساه کٽندو رهيو مان نه ڄاڻي سگهيس..
توکي پنهنجو ڪيان منهنجو سپنو هيو.
خواب ٽُٽندو رهو مان نه ڄاڻي سگهيس..
 
درد منهنجا ڏسي تون پرين ڇا ڪندي..
لڙڪ منهنجا اُگهي تون پرين ڇا ڪندي..
آهيان مان اڪيلو دنيا جي هن چمن ۾.
ساٿ منهنجو ڏئي تون پرين ڇا ڪندي..
هنن ڏکن جا اسان پاڻ ذميوار آهيون.
ان ۾ حصيدار ٿي تون پرين ڇا ڪندي..
 
Back
Top