• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انقلابي شاعرشيخ اياز جي زندگي تي لکيل هڪ ڊرامو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
انقلابي شاعرشيخ اياز جي زندگي تي لکيل هڪ ڊرامو​

اڄ هر ڪنهن جو هي رايو آ، تو نينهن ”اياز“ نڀايو آ،
تون ڳاتا گيت بغاوت جا، تون لاٿا زنگ ضميرن جا.​


سنڌ ۾ شيخ اياز صاحب کي ڪير نه سڃاڻي، سنڌ جو ٻچو ٻچو اياز صاحب کي سڃاڻي۔ اياز صاحب جي شاعري تي پنهنجي دور ۾ ڪجهه عتراض ته ٿيا ئي ٿيا، پر سندس شخصيت تي پڻ ڪيترائي عتراض ٿيا۔ خاص عتراض اهيو اٿاريو ويندو هو ته اياز صاحب تڪبر پسند ۽ غرور وارو شخص هو۔ ۽ اهيا ڳالهه ڪافي حد تائين درست پڻ آهي۔ مگر اهيا به حقيقت آهي ته سندس دوست جمال ابڙي صاحب سندس شخصيت تي تمام سٺو لکيو آهي۔ ۽ جمال ابڙي کان به سنڌ جو هر علم دوست واقف آهي، جمال صاحب اهو شخص آهي جنهن مارشل لاء جي دور ۾ به سنڌي اديبن جي هر طرح سان مدد ڪئي ۽ حق سچ لکيو جنهن جي ڪري سندس دوست پڻ ڊڄي ويندا هئا۔
اياز صاحب جي شخصيت تي ڪنهن ليکڪ هڪ ڊرامو پڻ لکيو هو جيڪو ڪي ٽي اين تي هر شخص ڪهاڻي آ تحت هلايو ويو هو جنهن جي وڊيو اوهان سنڌ سلامت جي ساٿين لاء ڏجي ٿي۔

http://www.youtube.com/watch?v=_9C1NeMKyr8&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=jdiWTPISI7U&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=FN6JQg-P4TU&feature=related

بشڪريه ڪي ٽي اين
 
Back
Top