Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڪوڙڪي
(سيريل اسڪرين پلي جي ڪهاڻي)
تحرير مُڪالما ۽ منظرڪشي : عبدالرزاق ميمڻ
ايل پي آر کان پهرئين اڪثر جڏنهن مان ڊيوٽي تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويندو هوس ته شارع فيصل تي کُليل ڊيوٽي فري شاپ ۾ آئون پنهنجي هڪ پُراڻي دوست سان عليڪ سليڪ ڪرڻ لا جهاتي ضرور پائيندو هوس. اجمل بٽ مُهنجو انتهائي بي تڪلف دوست رهيو هو ۽ هُو اُنهن ڏينهن ۾ هو ڊيوٽي فري شاپ ۾ بطور سُپروائيزر ڪم ڪندو هو. ميل ميلاپ جي ان بهاني سان اگر شاپ ۾ رکيل من پسند ڪو خوبصورت آئيٽم ڏسڻ ۾ ايندي هُو ته اجمل جي مهرباني سان اُهو مونکي انتهائي ڊسڪائونٽ ۾ ملي ويندو هو. اوپن مارڪيٽ ۾ اول ته اهڙو مُنفردآئٽم ملندو ڪونه هو پر جي ملي به ويندو هو ته دُڪاندار گراهڪ جي مجبوري جو فائدو وٺي پنهنجي مرضي جي قيمت وصول ڪندو آهي. اُن ڏينه به جڏنهن مان شاپ ۾ داخل ٿيس مُهنجي پهرئين نظر اجمل تي پئي هُئي جيڪو پنهنجي اسٽاف جي هڪ فرد کي ڪُجهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر مون تي نگاه پوندي ئي کيس ڇڏي مون طرف مُڙي آيو.
اچ ميمڻ! يار، هن وقت وقت جي مان الله کان ٻيو ڪُجهه به گهُران ها ته اُهو به ضرور مونکي ملي وڃي ها.
انهن ئي لفظن جي ادائگي سان هُن گهڻي گرمجوشي ڏيکاري مون سان هينڊ شيڪ ڪيو ۽ مون به جوابن اُنهي انداز ۾ بي تڪلفي جو مُظاهرو ڪري هُن جي هٿ کي زور سان شيڪ ڪندي چيو : يار بٽ! الله کان گهُرڻ جو تُهنجو انداز به عجيب و غريب آهي.
ڇا مطلب! هُن حيرت سان ونکي نهاري وراڻيو.
مون به مذاق کي سنجيدگي جي پوشاڪ پارائي چيس : يار بٽ! مون توکي هڪ ملازم کي داٻ دڙڪا ڏيندي ڏٺو آهي ۽ تون چئين ٿو ته الله کان ڪا خاي شي پئي گهُريم! اهو وري ڪهڙي ڳالهه ٿي؟ هڪ لمحون وقفو رکي آئون وري شروع ٿي ويس : ۽ اهو به ٻُڌا ته انهن لمحن ۾ تو الله کان ڇا پئي گهُريو؟
هو مونکي پنهنجي مخصوص جڳهه ڏانهن وٺي ويو جتي سندس ڪُرسي ۽ ميز لڳل هُئي. هو پنهنجي سيٽ تي ويٺو ۽ مونکي پاڻ سامهون رکيل ڪُرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ پو ڳالهائڻ شروع ڪيائين : يار ميمڻ ڀائي، مونکي توسان هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي. پر پهرئين اهو ٻُڌا ته ٿڌو گهُرايان يا گرم؟
انهن ڏهاڙن ۾ جنوري پنهنجي آخري ڏهاڙن ۾ پُهچي چُڪي هُئي، مو چيومانس : موسم ٿڌي آهي اُن ڪري گرم هلندو.
هُن هڪ مُلازم کي هڪ بهترينکيرپتي چانهن ٺاهڻ جو چيو ۽ پو مون ڏانهن مُتوجه ٿي ويو. هن جي ڳالهائڻ کان پهرئي مون چيوماس : يار بٽ! تو مُهنجي سوال جو جواب ڪونه ڏنو؟
هو نٽائيندي چوڻ لڳو ته ميمڻ ڀائي مان اڪثر ويساري ويهندو آهيان ته تون مُهنجوبي تڪلف دوست هُئڻ جي علاوه هڪ ڪامياب وڪيل به آهين. ۽ جيستائين آئون توکي سوال جو جواب نه ڏيندُس تون سنجيدگي سان مُهنجي ڳالهه کي نه ٻُڌندي. سمجهدار لا اشاروئي ڪافي آهي.
مون چپن ۾ مسڪرائيندي کيس چيو : ۽ بٽ! تون ته ماشا الله ايڏو ته سمجهدار آهين جو توکي ڪنهن اشاري جي به ضرورت ڪانهين.
هُن هڪ گهرو ساهه کنيو ۽ پوڻ لڳو : شيراز کي ڪُجهه ڏينهن ٿيا آهن جو شاپ ۾ رکيو اٿم. خبر ناهي ته قُدرت هن جي کوپڙي ۾ ڪهڙو دماغ ڀريو آهي.
هُن جو اشارو غالبن اُن ملازم طرف هو جنهن کي هُو مُهنجي اچڻ وقت داٻ دڙڪا ۽ سمجهاڻيون ڏئي رهيو هو. ڪلام جي سلسلي کي جاري رکندي هو چوڻ لڳو: مان اُن وقت ئي توکي گهڻي شدت سان ياد ڪري رهيو هوس... ته تون به اچي وئين. ان ڪري ئي مون چيو پئي ته .. جي اھ الله کان ڪُجهه ٻيو به گهُري وٺان ها ته....
يار بٽ! مون تي اڃا ايڏو خراب وقت ڪونه آيو آهي . مون هُن جي ڳالهه مُڪمل ٿيڻ کان پهرئين چئي ڏنو... آخر تو مونکي ڇا سمجهيو آهي... مان وڪيل آهيان ڪو آلتو فالتو ماڻهون نه.
مون اهي لفظ اهڙي ته سنجيدگي سان چيا هُئا جو وائڙو ٿي مونکي نهارڻ لڳو.. هڪ لمحي گُذرڻ کان پو هُن حيراني سان سوال ڪري ڏنو ته... رار ميمڻ ڀائي ...مون توکي اهڙي ڪهڙي ڪُهاڙي هڻي ڪڍي جنهن تي تون ايترو خفا پيو ٿين!
تو ڳالهه ئي اهڙي ڪئي آهي بٽ! مون پنهنجي سنجيدگي کي برقرار رکندي چيو :.. تو پنهنجي شاپ جي هڪ معمولي ملازم کي داٻ دڙڪا ڏيندي مونکي ياد ڪيو! ڇا تُهنجي نظر ۾ مُهنجي هاڻ اها اوقات رهي آهي ته آئون ڊيوٽي فري شاپ ۾ اهڙي معمولي نوڪري ڪندُس؟
مُهنجي ڊرامي جي تهه ۾ ڦوهچي پو هُن جي چپن تي به مُسڪراهٽ اُڀري آئي... بس ميمڻ ڀائي بس! ڪُجهه اداڪاري هاڻ عدالت لاِ به بچائي رک.. هڪ لمحون رکي هو پو شروع ٿي ويو.. مون توکي جنهن خاص مقصد سان ياد ڪيو هو هاڻ اُهو به ٻُڌي وٺ.
مان مُتوج ٿي ويس ته بٽ چوڻ لڳو..تو مونکي جنهن مُلازم کي دڙڪا ڏيندي ڏٺو آهي.. اُن کان پهرئين ان جڳهه تي رياست علي ڪم ڪندو هو. هو نهايت ئي محنتي، تجربيڪار ۽ ايماندار شخص هو پر هڪ بيوقوفي ۽ غلطي سندس زندگي جي ڪايا ئي پلٽي ڇڏي جو هو هڪ وڏي مُصيبت ۾ گرفتار ٿي ويو. ۽ اُن کي ئي ان عذاب مان آجو ڪرائڻ لا هڪ قابل وڪيل جي ضرورت آهي، ان حوالي سان آئون توکي شدت سان ياد ڪري رهيو هوس ته تون به اچي وئين.
اوهه! ته اها ڳالهه آهي.. مون به گهرو ساهه کڻندي چيو ۽ پُڇيس ته .. رياست علي ڪهڙي قسم جي مُصيبت ۾ فسي ويو آهي؟
هُن تي هڪ شخص کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي... اجمل بٽ ٻُڌايو...پر مونگي 100 سيڪڙو يقين آهي ته هُن اهو قتل وتل ڪونه ڪيو هوندو.
اجمل بٽ مونسا ڪوڙ هرگز نٿي ڳالهائي سگهي ! پر هُن ملزم رياست جي بي گُناهه هُئڻ جي باري ۾ پنهنجي جن احساسن ۽ جذباتن جو اظهار ڪيو هو... آئون اُن تي اکيون ٻُوٽي ايمان نٿي آڻي سگهيس.. تنهنڪري مون.. پنهنجي تسلي خاطر هن کان پُچي ورتو.
واقعي جو تفصيل ڇا آهي؟ هُن ٻُڌايو..... (هلندڙ)

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: