1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

واڍڪي پتڻ ڏانهن سفر

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ سهيل صديقي طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2014۔

  1. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڪجهه ڏهاڙا اڳ ضلعي سانگهڙ ۾ نارا ڪئنال جي واڍڪي پتڻ ڏانهن وڃڻ ٿيو. سفر دوران ڪئنال جي ٻنهي ڪنڌين کان ساوڪ، سر، پن، ٻوٽا ناري تي نانگ جيان ور کائيندڙ رستا ۽ درياءَ جهڙو ڏيک ڏيندڙ هن ڪئنال سميت چوڌاري نيڻ نهار تائين هڪ نه وسرندڙ نظارو هو. پاڻي ڀرسان هجڻ ڪري گرميءَ جي مند ۾ به ٿڌڙي هير هئي جا تن کي لڳندي ئي سڀئي سور وسري پئي ويا. ذهن ۾ آيو پي ته هوا جي ٿڌن جهوٽن ۾ حياتيءَ جون سڀ گهڙيون شال ائين ئي هجن. دل پئي گهريو ته سڄو نارو گھمجي، هر پتڻ ۽ پُل تي ويهي زندگي جو حسن ڏسجي. غربت، محبت ۽ روايتپڻي جو به پاڻ ۾ ڪو سٻنڌ آهي. پاڪستان فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾اتي پهچڻ تي اڳ ئي موجود هارين، مالوندن ۽ ماهيگيرن سان ملاقاتون ٿيون. واڍڪي پتڻ ڀرسان نارا ڪئنال جي کاٻي ۽ ساڄي ٻنهي پاسن جي ماهيگيرن، هارين ۽ مزدورن گڏجي هڪ ميڙ جو احتمام ڪيو هو، جتي تقريرن دوران اتي جي ماڻهن، هارين، مالوندن ۽ ماهيگيرن جا تمام گهڻا مسئلا ٻڌڻ لاءِ مليا. بهرحال ٻاهران ايندڙ ماڻهو جيئن اتان جي چوڌاري زندگي کي ڏسي ٿو اها اصل ۾ ائين ناهي. هتي رهندڙ ماڻهو صدين کان ائين ئي محرومين ۽ ظلمن جو شڪار آهن. سادگي جي روايتي ويس ۾ اهي ماڻهو اڄ به بنيادي سهوليتن کان محروم آهن. اتي نه تعليم، نه صحت جي سهولت، نه روڊ نه رستا، نه مقامي منڊي تائين پهچڻ لاءِ سواري. ڄڻ ته سندن ڪو مسيحا ئي ناهي جيڪو سندن زندگي جي ڏکن کي ٻڌي ۽ انهن جي ازالي جي لاءِ ڪوشش ڪري. واڍڪي پتڻ اصل ۾ ناري جي ٻنهي ڪنڌين کان آباد ڳوٺن جي ماڻهن کي هن ۽ هُن پار پهچائڻ لاءِ بنا انجڻ، ونجهه ۽ سڙه جي ٻيڙي موجود هوندي آهي جيڪا روايتي ناکئو ڪينال جي ٻنهي پاسي ٻڌل تار جي وسيلي هلندي آهي. ماڻهن وٽ ته ان تار ۽ ناکئي جي متعلق به ڪئين ڪهاڻيون آهن. بهرحال اها تار پاتڻي جو سهارو هوندي آهي جنه جي آڌار تي هو ماڻهن کي پار اڪاريندو آهي.

    ڪچهريءَ دوران واڍڪي پتڻ تي ڳوٺاڻن پنهنجا درد دانهيندي ٻڌايو ته هتي ضلعي سانگهڙ ۾ پنجويهن کان وڌيڪ جاين تي گئس ۽ تيل جا ذخيرا مليا آهن جتان مختلف بين الاقوامي ڪمپنيون اهي قدرتي وسيلا استعمال ڪري رهيون آهن پر ان سان مقامي ماڻهن جي زندگي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. لکين ڊالرن جي آمدني مان اتي جي عوام جي ڀلائي لاءِ رپيو به خرچ نه پيو ٿئي. ٺيڪ ائين قدرتي ڍنڍن تي اڃان تائين بااثرماڻهن جا قبضا جاري آهن.

    نارو ڪئنال هونئن ته سکر ضلعي جي روهڙي کان شروع ٿئي ٿو ۽ صالع پٽ کان ٿيندي، ضلعي خيرپور جي ناري تعلقي کي پار ڪندو منڍ جمڙائو وٽ ضلعي سانگهڙ ۾ داخل ٿئي ٿو. هي ڪئنال ڪنهن درياءَ وانگر وڏو ۽ پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو پنهنجي منفرد لنگهن، گهٽن گهيڙن، ورن وڪڙن ۽ ڦيرن ۾ گهمندي سڄي سانگهڙ ضلعي کي پار ڪري ڍورو نارو، جمڙائو ۽ مٺڙائو وسيلي وڃي عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پهچي ٿو. هي ڪينال پنهنجي منڍ روهڙيءَ کان 825 ڪلو ميٽر سفر دوران پنڌرهن لک ايڪڙ زمين کي ذرخيز ڪندي لکين ماڻهن جي جياپي جو سبب بڻجي ٿو ۽ روهڙي کان وٺي ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ تائين وارياسن علائقن مان گذر ڪندوماهيگيرن، مالوندن ۽ هارين جي لاءِ گذر جا وسيلا پيدا ڪري ٿو. نارا ڪئنال چوٽياريون ڊئم، ڪلانڪر ڍنڍ، بڪار ڍنڍ، ۽ ڪئين ننڍين وڏين ڍنڍن جي آبياري ڪري ٿو. ضلعي سکر، خيرپور ۽ سانگهڙ ۾ نارا ڪئنال جو پيٽ تمام وڏوآهي ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ به ڪافي زور هوندو آهي. ضلعي سانگهڙ ۾ مُنڍ جمڙائو کان سانگهڙ ٽيل تائين هن مٿان فقط 12 پليون (گذرگاهون) آهن، جيڪي تقريبن 150 ڪلو ميٽر جي مفاصلي ۾ ڪافي پري پري ساڄي ۽ کاٻي ڪناري کي ملائين ٿيون. انهن پلين کي استعمال ڪندي هتان جا ماڻهو گذر ڪن ٿا ۽ پنهنجي پيٽ، مزدوري، منڊي، صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا. پر انهن پلين جو تعداد درياءَ وانگر هن ڪئنال تي ناڪافي آهي. انهي مسئلي کي منهن ڏيندي هتان جا ماڻهوپنهنجي مدد پاڻ تحت ٻيڙين ۽ بتيلن ذريعي ناري ڪئنال کي پار ڪن ٿا. ڇو ته سرڪار پاران جوڙايل گذرگاهن جو مفاصلو پاڻ ۾ تمام گهڻو پري آهي ۽ نارا ڪئنال جي ٻنهي طرفن کان وڏا وڏا ڳوٺ آهن ۽ ماڻهو پاڻ ۾ مٽ مائٽ هئڻ سان گڏ شادي غمي ۽ پاڻ ۾ وڻج واپار به ڪن ٿا.

    واڍڪي پتڻ تي مون اهو عجيب نظارو ڏٺو ته عورتون، مرد ۽ ٻار پتڻ جي ڪناري تي ٻيڙي جو انتظار ڪري رهيا هئا. ٻيڙي هڪ تار وسيلي هڪ دڳ کان ٻئي تائين جڙيل هجي ٿي ۽ روز جي بنياد تي اتي ماڻهو آمدورفت جاري رکن ٿا. اهو نظارو يقينن تعجب ۾ وجهندڙ ۽ اتان جي رهواسين لاءِ اهم مسئلو آهي. ڪئنال پار ڪرڻ جو اهو طريقو انتهائي غير محفوظ آهي ۽ پاڻيءَ ۾ هر وقت ماڻهن جي ٻڏڻ جو خطرو هجي ٿو. هتان جا ماڻهو وڏي ڦيري کان بچڻ لاءِ اهڙن پتڻن تي ٻيڙين ۽ بتيلن وسيلي ناري درياءَ کي پار ڪن ٿا. اتان جي ماڻهن کان خبر پئي ته فقط ضلعي سانگهڙ ۾ اهڙيون ويهن کان مٿي جايون آهن جن کي پتڻ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ماڻهن جي آمدورفت ٿئي ٿي. جن ۾ واڍڪي پتڻ، واليو خاصخيلي پتڻ، لالوانڙ پتڻ، محمود منگواڻوپتڻ، شيرو منگواڻوپتڻ ۽ منٺارلغاري پتڻ شامل آهن. انهن پتڻن تي بتيلي ۽ ٻيڙيءَ جو هڪ مالڪ ٿئي ٿو، جنهن جو ڪم ٻيڙي ذريعي ماڻهن کي ٻئي پار پهچائڻو آهي. اهو پاتڻي جو ڪمال آهي ته ٻنهي پاسن کي ڳنڍيندڙ تار کي ڌيان ۾ رکي ڇو ته ان تار ٽٽڻ جو خطرو هجي ٿو. گهڻو ڪري اهي سڀئي پتڻ هتان جا ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائين ٿا ۽ پتڻ کي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي واري کي هر فصل لهڻ ٽي يا ماهوار مناسب اناجھ، سارين ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ ادا ڪن ٿا.

    ڪچهري دوران واڍڪي پتڻ جي ماڻهن ٻڌايو ته آمدورفت جي سهولتن نه هجڻ سبب، بهتر روزگار ملڻ ڏکيو ۽ مقامي منڊيءَ تائين رسائي تمام گهڻي مشڪل آهي. ناري ڪئنال تي گذرگاهن جي گهٽ هجڻ سبب ڪرائي تي ٿيندڙ گاڏيون وڌيڪ ڀاڙو وصولين ٿيون جنهن سبب آمدني ۽ بچت گهٽ ٿئي ٿي يا وري انهن کي پنهنجي اپت ٺيڪدار وسيلي ملي ٿي جيڪو کانئن روايتي شيون ۽ پيداوار خريد ڪري ٿو. واڍڪي پتڻ جي ٻنهي پاسي ننڍا وڏا 15 ڳوٺ آهن جن جي آبادي هڪ اندازي موجب ڏهه هزار کان ٻارنهن هزار ٿي سگهي ٿي. انهن ڳوٺن ۾ اسڪول ڪنهن هڪ ڪپ تي هجڻ ڪري ٻارن کي به ان بتيلي/ٻيڙي وسيلي سفر ڪرڻو پوي ٿو. اڪثر والدين غير محفوظ سفر هجڻ ڪري پنهنجي ٻارن کي اڪيلو اسڪول وڃڻ نٿا ڏين، جنهن سبب ڪافي ٻارن جي تعليم پڻ متاثر ٿئي ٿي. ان ڏس ۾ واڍڪي پتڻ تي ٻيڙي هلائيندڙ بهرام ملاح کان پتوپيوته صرف ان پتڻ تي گذريل سالن دوران هن مهل تائين 16 کان مٿي انساني جانيون ضائع ٿيون آهن جن ۾ هڪ دفعي هڪڙي ئي گهر جا چار ڀاتي ٻڏي فوت ٿيا. انهن چئني جو تعلق ملاح خاندان سان هو. انهيءَ کان علاوه شرخاندان سان تعلق رکندڙ ڇهه ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا.

    پُل (گذرگاهه) ٺهڻ ڪو سستو ڪم نه هوندو يقينن ان لاءِ ڳچ رقم خرچ ڪرڻي پوندي هوندي پر هڪ انسان دوست رياست ۽ حڪومت لاءِ اهي ڳچ پئسا انسان جي حياتين کان مٿي نه هجڻ کپن. مقامي ماڻهن جي نظر ۾ پُل هڪ تمام وڏو مئسلو آهي جنهن سان هن علائقي جي خوشحالي جو تعلق آهي. ان سان ئي هتان جي عوام کي بنيادي سهوليتون ملي سگھن ٿيون. اتي رهندڙ ماڻهن چواڻي ته خاص طور تي ووٽن جي مندن ۾ وٽن ايندڙ اميدوارن سامهون جڏهن به سندن مسئلن جو ذڪر ڪندا آهن ته کين دلداري ضرور ملندي آهي. ۽ پوءِ هميشه وانگر هي ماڻهو سالن تائين اهڙن اميدوارن کي ڏسڻ لاءِ بي چين هوندا آهن. وقت جي هن بيرحمي ۾ جيئڻ ڪيڏو ڏکيو آهي اهو صرف هتان جا ماڻهو ئي ٻڌائي سگھن ٿا. جو هر ماڻهو جي دل ۾ هڪ نئين ڪهاڻي آهي جيڪا هو وس وارن کي ٻڌائڻ چاهين ٿا. پر ڇاڪاڻ ته وس وارا پنهنجي وس ۾ ئي نه هوندا آهن ان ڪري واڍڪي پتڻ جي چوڌاري رهندڙ ماڻهن جي زندگي ۾ تبديلي جو صرف خواب ئي ڏسي سگھجي ٿو جنهن جي تعبير پسڻ لاءِ نسل در نسل هي ماڻهو پنهنجي روزاني ڪرت ۾ مصروف رهن ٿا.
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 اپريل 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي هن سفر ۾ گهڻو ڪجهه پڙهڻ لاء مليو ... دنيا ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي ڏسجي ٿي اسان جي مارن جا حال ڏسجن ٿا ته حيرت ٿئي ٿي ته اسان ڪٿي آهيون.

    ڪاش اوهان هن سفر جون ڪجهه تصويرون به شيئر ڪيو ها ... يا فيسبوڪ تي موجود آهن ته انهن جي لنڪ ڏيو، جيئن ليک کي وڌيڪ جاندار بڻائي سگهجي.
     
    Hameed shakeelchandio هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
     
  5. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واڍڪي پتڻ وارو مضمون پڙهيو جاندار ۽ معلوماتي آهي . اتان جي رهندڙن جي ڌکن ڌاگهڙن بابت چڱي معلومات فراهم ڪري ٿو . تيل ۽ گيس مان ملندڙ آمدني مان گهڻو حصو ڪمپنيون حڪومت ۽ اتان جا چڱامڙس هڙپ ڪريو وڃن. ان علائقي تي رقم خرچ نه ٿي ڪئي وڃي اهو مثعلو انهن سڀني جاين سان واڳيل آهي .ڇاڪاڻ ته ڪمپنيون اتان جي با اثر ماڻهن کي ڪجه رقم جيڪا به ڪروڙين رپيا بنجي ٿي چوڪيداري ۽ رکوالي جي لا ڏيئي ٿيون ڇڏين۽ انهن علائقن جي ترقياتي واري ڪمن تي خرچ نه ٿيون ڪن .۽ وڏي بچت ڪري ٿيون وٺن جيڪو خرچ انهن علائقن تي ٿيڻ گهرجي .
     
    سهيل صديقي ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي
  6. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائين عبدلڪريم صاحب همت افزائي لا مهرباني
     
  7. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,562
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ادا واڍڪو پتڻ ڪٿي آهي؟؟ مان به سانگهڙ جي رهواسي آهيان مون ته اهو نالو ئي سنڌسلامت تي ٻڌو آهي....
     
  8. سهيل صديقي

    سهيل صديقي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مارچ 2014
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ڊولپمنٽ پراڪٽشنر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    واڍڪي پتڻ ناري ڪئنال جي هڪ ڪپ تي موجود هڪ ڳوٺ جو نالو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو