ڀيڻ شيرين ! اهڙي قسم جي خارش منهنجي پهرين نياڻي کي به ٿيندي هئي . ان جي سڄي جسم تي صبح جي وقت اهڙي قسم جا ڊٻڙ ٿي پوندا هئا ۽ سج مٿي چڙهي اچڻ کان پو لهي ويندا هئا . ڪراچي جي ريگل واري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي ڏيکاري ڏيکاري ٿڪجي پيس . ڪو فرق ڪو نه پيو . پو هڪڙي هندو ڊاڪٽر کي ڏيکاريو مانس جيڪو تمام وڏو تجربيڪار هيو .هن وقت اهو ڪٿي هوندو ؟ زنده به آهي يا نه يا ته مورڳو اسان جي جوڌن ، جيالن ،ڌاڙيلن يا دهشتگردن جي ڊپ کان ملڪ نه ڇڏي هليو ويو هجي .پراڻين ڊائرين ۾ ڪو نالو لکيل هجي . ان ڏسي هڪڙي معمولي دوا ڏني ،بيماري جو سبب۽ رک ٻڌائي ان کان پو ڇڏي ويئي ۽ اڄ تائين شڪايت نه ٿي آهي . سبب اهو ته مريضه کي مليريا جو ڪو جراثيم جسم ۾ رهجي ويو آهي ۽ اهو زنده آهي ۽ هاڻي مليريا ته نه ٿو پيدا ڪري سگهي ،پر ان جو اثر اهڙي خارش جي صورت ۾ پيدا ڪري ٿو . ان کان بچا گرم شين کائڻ کان پرهيز ، تريل آنا ، واڱن برفي کان سوا وڏو گوشت 7 ريڍو گوشت کائڻ کان پرهيز ڪرائي هيائين . منهنجي نياڻي کي هن وقت ڪا به شڪايت ڪاني .