رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اسان جا ماڻھو ،عوام ڪيڏو نھ سٻاجھو آ سادو آ واپڊا وارن چيو تھ لوڊ شيڊنگ آ مڃي ٿا ويھي رھن ۽ پو رات ڏينھن بجلي نھ ھجڻ جو ذڪر دوستن سان ويٺا اوريندا ...ادا اڄ تھ 10 ڪلاڪ بجلي بند ھئي وري ٻيو چوندو ادا اسان وٽ تھ رڳو بھ ڪلاڪ بجلي آئي سا بھ ڊم يا سفا تيز جو گھر جا اپيليئنسز سڙي ويا ۽ پو ڪجھ صلاحون ۽ احتجاج ڪري روڊ بلاڪ پيا ڪندا ۽ تڪليفن ۾ جيئندا يا پو پوليس سان يا ٻي ڀڃ ڊاھ پيا ڪندا ۽ رڙيون بھ تھ يار واپڊا وارا ظلم ڪن ٿا ....انھن سادن ماڻھن کي اڃا تائين اھو ڪنھن نھ سمجھايو تھ ادا بيشڪ واپڊا يا ڪي اي ايس سي وارا لوڊ شيڊنگ جو اعلان ڪن ٿا ۽ حڪم جاري ڪن ٿا پر ڪجھ سوچو تھ سھي ھي سسٽم ڪم ڪيئن ڪري ٿو...ادا ھي ڪو آدم خور نھ آھن نھ ئي ھنن وٽ توپون ۽ مارٽر آھن جو ھي ماڻھن کي ھڻندا ھا بيشڪ واپڊا حڪم تھ ڪري ٿي لوڊ شيڊنگ جو پر ادا ھي سڀ توھان جي پنھنجي علائقي ۾ ئي توھان سان دود پيو ٿي ۽ اھي ئي چند ماڻھو توھان کي يرغمال ۽ بي يارو مددگار ۽ ڏکيو بنايون بيٺا آھن ...توھان جي انھن تائين رسائي نھ آھي تھ پو ڇو ٿا روئو ان مسئلي جو حل ھي آھي تھ ھر شھر ۽ ڳوٺ کي بجلي ڪنھن نھ ڪنھن گرڊ اسٽيشن تا ڏني وڃي ٿي ۽ ھر علائقي جو جدا جدا فيڊر آھي جيڪو ھي گرڊ تي ويٺل ڪمينو بند بھ ڪري ٿو تھ کولي بھ ٿو سو ھاڻي ھن جي مرضي تي ھي ڪروڙين انسان پيا گرمي ۽ مڇرن کا کاڄن پر ويچارو عوام صرف حال اوريندي وقت پيو گذاري پر جي ڪجھ ماڻھو ھمٿ ڪري گڏجي ھنن گرڊ اسٽيشن وارن جيڪي تعداد ۾ 10 يا 12 ھوندا تن کي وڃي گرڊ تي اھو سمجھائين تھ ادا اسان جا سپلاءِ فيڊر سڀ جا سڀ کولي ڇڏيو ۽ جي نھ مڃي تھ سبق سيکاريو ۽ پاڻ اھي فيڊر کولي ڇاٻيو کسي ٽيپنگ 240 تي بيھاري ھليا اچو اھو جي ڪجھ گرڊ استيشنس تي ٿي تھ ھوند سڀ ھن آزار کان بچي وڃو ۽ سک جو ساھ کڻو ...اھو ھتي ٻڌائيندو ھلان تھ 132 ڪي وي ڪڏھن بھ بند نھ ٿيندي آھي جنھن تي ھي گرڊ جو سلسلو جڙيل آھي ائين ڪرڻ سان پنھنجو مسئلو خود بھ خود حل ڪري سگھجي ٿو جي پوليس وارا بھ ھن معاشري جو حصو آھن انھن کي بھ پاڻ سان ملائي ڇڏجي باقي واپڊا وارا کي توپن سا توھان تي حملو ڪين ڪندا اھي چند افراد پوري علائقي جي عوام کي بي وقف ٺاھي رشوت وٺي پو ڪنھننجا فيڊر چالو ٿا ڪن تھ ڪنھن جا پيا بند ڪن ھي آ ھڪ بھترين بجلي وارن سا منھن ڏيڻ جو.... ھا اھو بھ ياد رھي تھ ٽوٽل پاڪستان جي بجلي23500 ميگاواٽ آھي ۽ پاڪستان جو لوڊ ڪل 16ھزار ميگاواٽ آھي ....ھي بھ ائين ئي آھي جيئن پاڪستان ريلوي ھاڻي منافعي ۾ وڃي ٿي جڏھن تھ ٿورڙا مھينھ پھرين خساري ۾ ھئي ۽ اسٽيل مل عربين روپيھ ڪمائيندي بھ خساري ۾ ڏيکاري وڃي ٿي .... ھمٿ ڪريو اڄ کان پو لوڊ شيڊنگ جو ڪو بھ شڪايت نھ ڪري ۽ ھي نسخو استعمال ڪري سڄي عوام کي شامل ڪري مسئلو حل ڪري ڇڏيو...اميد تھ ڳالھ سمجھ ۾ آئي ھوندي ...وسلام