ڪاڪي آچار پنهنجي پُٽ پپنو کي پڙهائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر پَپَنو سدائين اسڪولن جي ماسترن سان ڦڏا ڪري اڌورو مس پڙهيو.. نيٺ پپنو وڏو ٿيو ته ڪاڪي آچار پنهنجي يار عاشق جي چوڻ تي پپنو کي ”انترنيت سان گڏ ڪمپوتر“ وٺي ڏنو.. پپنو کي چيائين ڇورا هاڻ ڪجهه سڌر، نه ته گدو بندر موڪليندوسانءِ.. عاشق پپنو کي چيو ڪوبه مسئلو ٿئي ته مون کي ڪال ڪري مدد وٺجان. هڪ ڏينهن انترنيت نه پئي هلي ته پپنو عاشق کي رات جو هڪ بجه ڪال ڪئي.. عاشق: ”ڇورا هينئر ڪهڙي کُٽي کنيو توکي .. منهنجي ننڊ ڇو ڦٽائي اٿئي؟“ پپنو: ”عاشق! منهنجي انترنيت ڪانه ٿي هلي.. ڇا ڪريان؟“ عاشق: ”وڏو شوقين ٿي ويو آهين... هل ڀلا ”مائي ڪمپيوٽر“ تي ڪلڪ ڪر“ (ياد رهي ته پپنو اڌورو پڙهيل هو..) پپنو: ”يار مون کي تنهنجو ڪمپوتر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.. ڪلڪ ڪيئن ڪريان“ عاشق: ”اڙي پپنو، تون پنهنجي ڪمپيوٽر جي ڊيڪسٽاپ تي ماءِ ڪمپيوٽر جي آئيڪان تي ڪلڪ ڪر..“ پپنو: ”يار هتي ته نه ڪا اسڪول واري ڊيسڪ آهي نه وري ٽاپ...، ڇا پيو چئين، ڇا تي ڪلڪ ڪريان؟؟“ عاشق: ”اڙي پپنا... ٻڌ غور سان، تنهنجي اڳيان ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ماءِ ڪمپيوٽر جو آئيڪان آهي ان تي ڪلڪ ڪر............... “ پپنو: ”مان به ٻه درجا پڙهيل آهيان، سڀ سمجهان ٿو، منهنجي ڪمپوتر تي تنهنجو ڪمپوتر ڪٿان آيو..؟“ عاشق: ”اڙي پپنا.... پيارا پپنا، يا ته مون کي ننڊ ڪرڻ ڏي يا جتي مان چوانئين ٿو اتي ڪلڪ ڪر..؟“ پپنو: ڪاٿي ڪلڪ ڪريان ابا..؟“ عاشق: ”ماءِ............. ڪمپيوٽر تي...“ پپنو: ”يار ڳالهه ٻڌ، يڪو ماءِ ڪمپوتر ماءِ ڪمپوتر ويٺو چئين.... تون مون کي ايترو ٻڌاءِ تنهنجو ڪمپوتر منهنجي ڪمپوتر تي ڪري ڇا پيو..؟“
يارو اوهان به ڏاڍا ڏنگا ٿي پيا آهيو . پپنو ۽ عاشق جي نالن ۾ سموري ڳاله منهنجي ۽ سليمان جي ڪري ويا آهيو . اڄ تائين ويٺو دانهون ۽ ڪوڪان ڪري سليمان جي ننڊ ڦٽايان . پر ان جي هيڏي ساري محنت جي باوجود حرام جو ڪمپيوٽر سمجه ۾ اچي . اڄ به واعدو ڪري پنهنجي اوطاق تان لوڌي ڪڍيائين ۽ چيائين ته هلي ڪمپيوٽر تان ڪپڙو هڻي متي لاه ته ڪمپيوٽر سيکاريان . ڪپڙي سان صاف ڪري هن وقت تائين ٿو ويٺو ما ڪمپيوٽر ڳولهيان ،پر سليمان اڃا تائين ڪو نه آيو آهي . نه هو ايندو ۽ نه وري مون کي سيکاريندو .